bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Job 7
Job 7
Sindhi Bible
← Chapter 6
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 8 →
1
ماڻهوءَ جي لاءِ زمين تي جهيڙو جهڳڙو نہ آهي ڇا؟ ۽ هن جا ڏينهن مزور جي ڏينهن جهڙا نہ آهن ڇا؟
2
جيئن ڪو ٻانهو ڏاڍي شوق سان ڇانوَ جو ڳولائو هجي، ۽ جيئن ڪو مزور پنهنجي مزوري لاءِ آيو هجي:
3
تيئن مون کي اجايا مهينا ورثي ۾ ڏنا اٿن، ۽ تڪليف جهڙيون راتيون منهنجي لاءِ مقرر ڪيون اٿن.
4
جڏهن آءٌ سمهندو آهيان تڏهن چوندو آهيان تہ ڪڏهن وري اُٿندس؟ پر رات ڊگهي آهي، ۽ آءٌ پرهہ ڦٽي تائين رڳو پيو اُٿلندو پٿلندو آهيان.
5
منهنجو بت ڪينئن ۽ مٽيءَ جي ڳوڙهن سان ڍڪيو پيو آهي؛ منهنجي کل پورجيو وڃي ٿي ۽ وري نئين سر ڦٽيو ڦاٽيو پوي.
6
منهنجا ڏينهن ڪوريءَ جي نڙي کان بہ تکا آهن، ۽ اُميد کانسواءِ گذريو وڃن.
7
اڙي، ياد ڪريو تہ منهنجي حياتي هوا وانگر آهي: منهنجي اک وري چڱائي نہ ڏسندي.
8
جيڪو مون کي ڏسي ٿو، تنهن جي اک وري مون کي نہ ڏسندي. تنهن جون اکيون مون تي هونديون پر آءٌ ڪونہ هوندس.
9
جيئن ڪو ڪڪر کپيو گم ٿيو وڃي، تيئن جيڪو هيٺ قبر ۾ ٿو وڃي سو وري مٿي نٿو اچي.
10
اهو پنهنجي گهر وري موٽي نہ ايندو، ۽ نہ سندس جاءِ کيس وري سڃاڻيندي.
11
تنهنڪري آءٌ پنهنجو وات ڪين روڪيندس؛ آءٌ پنهنجي روح جي رنج ۾ ڳالهائيندس؛ آءٌ پنهنجي روح جي ڪَڙائيءَ ۾ دانهن ڪندس.
12
آءٌ ڪو سمنڊ يا مانگرمڇ آهيان ڇا، جو تون مون تي پهرو ويهارين ٿو.
13
جڏهن آءٌ چوان تہ منهنجو هنڌ مون کي آرام ڏيندو ۽ منهنجو بستر منهنجي دانهن لاهيندو؛
14
تڏهن تون مون کي خوابن سان ڊيڄارين ٿو ۽ رويائن سان خوف ڏيارين ٿو:
15
جنهنڪري منهنجو روح گهٽجي مرڻ پسند ٿو ڪري، ۽ هنن منهنجن هڏن کان موت پسند ٿو ڪري.
16
آءٌ پنهنجي حياتيءَ کي ڌڪاريان ٿو؛ آءٌ هميشہ جيئڻ نٿو گهران، مون کي ڇڏي ڏي ڇالاءِ جو منهنجا ڏينهن اجايا آهن.
17
ماڻهو ڇا آهي جو تون انهيءَ کي پڏائين ٿو، ۽ انهيءَ سان پنهنجي دل ٿو لائين.
18
۽ ڏهاڙي صبح جو انهيءَ کي ڏسڻ وڃين ٿو، ۽ هر وقت انهيءَ جي آزمائش وٺين ٿو؟
19
ڪيستائين تون مون کان منهن ڦيرائي ٻئي پاسي نہ نهاريندين، ۽ مون کي اڪيلو ڇڏي نہ ڏيندين تہ پنهنجي ٿُڪ ڳهي وڃان؟
20
مون گناهہ ڪيو آهي، تہ اي ماڻهن جا سنڀاليندڙ، آءٌ توکي ڇا ڪريان؟ ڇو تو مون کي پنهنجي لاءِ هڪڙو نشان ٺهرايو آهي. جنهن ڪري آءٌ پاڻ تي بار ٿي پيو آهيان؟
21
۽ ڇالاءِ تون منهنجو قصور معاف نٿو ڪرين، ۽ منهنجو گناهہ پاسي ڪري نٿو ڇڏين؟ ڇالاءِ جو آءٌ هيٺ مٽيءَ ۾ وڃي سمهندس، ۽ تون مون کي گهڻو ئي ڳولهيندين پر آءٌ ڪونہ هوندس.
← Chapter 6
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 8 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42