bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Job 22
Job 22
Sindhi Bible
← Chapter 21
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 23 →
1
پوءِ اليفز تيمانيءَ ورندي ڏيئي چيو تہ:
2
ڪو انسان خدا کي ڪمائتو ٿي سگهندو ڇا؟ يقين آهي تہ اهو جو ڏاهو آهي سو پنهنجي لاءِ ئي ڪمائتو آهي.
3
تنهنجي سچار هئڻ مان قادر مطلق کي ڪا خوشي حاصل ٿئي ٿي ڇا؟ يا جي تون پنهنجا رستا ڪامل ڪندين تہ هن کي ڪو فائدو پهچندو ڇا؟
4
ڇالاءِ جو توکي ڊپ رهي ٿو تنهن ڪري هو توکي ڇينڀي ٿو ڇا؟ ۽ توکي عدالت ۾ آڻي ٿو ڇا؟
5
تنهنجي شرارت وڏي نہ آهي ڇا؟ نڪا تنهنجن گناهن جي ڪا پڄاڻي آهي.
6
ڇالاءِ جو تو ناحق پنهنجي ڀاءُ کان گروي شيون ورتيون آهن، ۽ اُگهاڙن جا ڪپڙا لاهي ورتا اٿيئي.
7
تو ٿڪلن کي پيئڻ لاءِ پاڻي نہ ڏنو آهي، ۽ تو بکايلن جي ماني روڪي ڇڏي آهي.
8
پر زور واري ماڻهوءَ کي زمين ملي، ۽ آبروءَ وارو ماڻهو انهيءَ ۾ رهڻ لڳو.
9
تو بيوہ زالن کي خالي هٿين ڪڍي ڇڏيو آهي، ۽ يتيمن جون ٻانهون ڀڃي ڇڏيون اٿيئي.
10
تنهن ڪري تنهنجي چوڌاري ڦندا آهن، ۽ اوچتو ڊپ توکي هلاڪ ڪري ٿو.
11
يا اهڙي اونداهي، جا تون ڏسي نٿو سگهين، ۽ بي انداز پاڻي توکي ڍڪيو ڇڏي.
12
آسمان جي بلنديءَ تي خدا ناهي ڇا؟ ۽ تارن جي اوچائي تہ ڏس، اُهي ڪيترو نہ مٿي آهن!
13
۽ تون چوين ٿو تہ خدا ڇا ٿو ڄاڻي؟ هو گهاٽي اونداهيءَ ۾ ڪو انصاف ڪري سگهندو ڇا؟
14
گهاٽا ڪڪر هن جو پردو آهن، جنهن ڪري هو ڏسي نٿو سگهي؛ ۽ هو آسمان جي چوڌاري گهمي ٿو.
15
تون قديم رستي تان هلندين ڇا جنهن تان شرير ماڻهو هليا آهن؟
16
جي پنهنجي وقت کان اڳي گهلجي نڪري ويا آهن، ۽ جن جو بنياد نديءَ وانگر وهي ويو.
17
ڪنهن خدا کي چيو تہ اسان وٽان هليو وڃ؛ ۽ قادر مطلق اسان جي لاءِ ڇا ڪري سگهندو؟
18
تنهن هوندي بہ هن انهن جا گهر چڱين شين سان ڀري ڇڏيا: پر شريرن جي صلاح مصلحت مون کان پري آهي.
19
سچا اُنهيءَ کي ڏسن ٿا؛ ۽ بي گناهہ انهن تي ٺٺوليون ڪن ٿا:
20
۽ چون ٿا تہ بيشڪ جيڪي اسان جي برخلاف اُٿيا سي وڍيا ويا آهن، ۽ جيڪي منجهائن باقي بچيا آهن تن کي باهہ ساڙي ڇڏيو آهي.
21
هاڻي پاڻ کي هن سان واقف ڪر ۽ سلامت رهہ، انهيءَ ڪري توکي چڱائي پهچندي.
22
آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ هن جي واتان شريعت قبول ڪر، ۽ هن جون ڳالهيون پنهنجي دل ۾ سانڍ.
23
جيڪڏهن تون بدڪاريءَ کي پنهنجن تنبن کان پري رکندين، ۽ قادر مطلق وٽ موٽندين تہ پوءِ تون اڏجي پوندين.
24
۽ پنهنجو خزانو مٽيءَ ۾ رک، ۽ اوفير جو سون نديءَ جي پٿرن منجهہ اُڇلائي ڇڏ؛
25
۽ قادر مطلق تنهنجو خزانو ٿيندو، ۽ تنهنجي لاءِ قيمتي چاندي ٿيندو.
26
ڇالاءِ جو تڏهن تون قادر مطلق ۾ خوش رهندين، ۽ پنهنجو منهن خدا جي اڳيان کڻندين.
27
تون هن کان دعا گهرندين تہ هو تنهنجي ٻڌندو؛ ۽ تون پنهنجا نذرانا ادا ڪندين.
28
تون ڪنهن ڳالهہ جو ذڪر ڪندين تہ اُها تنهنجي لاءِ قائم ٿي ويندي؛ ۽ تنهنجن رستن تي روشني چمڪندي.
29
جڏهن هو توکي هيٺ اُڇلائي وجهندو تڏهن تون چوندين تہ مٿي کڻڻ اِهو آهي؛ ۽ هو نماڻي شخص کي بچائيندو.
30
هو انهيءَ کي بہ ڇڏائيندو جو بي گناهہ نہ آهي: هائو، هو تنهنجن هٿن جي پاڪيزگيءَ ڪري ڇڏايو ويندو.
← Chapter 21
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 23 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42