bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Job 8
Job 8
Sindhi Bible
← Chapter 7
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 9 →
1
تڏهن بلدد سوخيءَ ورندي ڏيئي چيو تہ:
2
ڪيستائين تون اهي ڳالهيون پيو ڪندين؟ ۽ ڪيستائين تنهنجي وات جا لفظ ڏاڍا واءُ جهڙا هوندا؟
3
خدا ڪو عدالت جو خون ڪري ٿو ڇا؟ يا قادر مطلق ڪو انصاف کي ڦيرائي ٿو ڇا؟
4
جيڪڏهن تنهنجي اولاد هن جي خلاف گناهہ ڪيو آهي ۽ هن انهن کي، انهن گناهن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي:
5
جيڪڏهن تون ڪوشش ڪري خدا کي ڳولڻ گهرندين ۽ قادر مطلق وٽ منٿ آزي ڪندين؛
6
جيڪڏهن تون پاڪ ۽ سچو هوندين؛ تہ پوءِ يقين آهي تہ هو تو لاءِ اُٿندو، ۽ تنهنجي سچائيءَ جي جاءِ کي سڀاڳو ڪندو.
7
۽ جيڪڏهن تنهنجي شروعات ننڍي هجي تہ بہ تنهنجي پڇاڙي نيٺ وڌي وڏي ٿيندي.
8
ڇالاءِ جو آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ اڳئين زماني کان پڇا ڪر، ۽ جيڪي هن جي ابن ڏاڏن ڳولي لڌو آهي تنهن تي عمل ڪر:
9
(ڇالاءِ جو اسين رڳو ڪالهوڪا آهيون ۽ ڪجهہ نٿا ڄاڻون؟ هن ڪري جو اسان جا ڏينهن زمين تي هڪڙو پاڇو آهن:)
10
اهي توکي نہ سيکاريندا ۽ نہ چوندا ڇا، ۽ پنهنجي دل مان لفظ نہ ڪڍندا ڇا؟
11
ڪو ڪانو گپ کانسواءِ اُڀري سگهندو ڇا؟ بانس جو ڪانو ڪو پاڻيءَ کانسواءِ اُڀري سگهندو ڇا؟
12
جيسين اهو اڃا سائو آهي ۽ وڍيو نہ ويو آهي، تہ بہ اهو ٻين ٻوٽن کان اڳي ڪومائجي وڃي ٿو.
13
جيڪي خدا کي وسارين ٿا تن سڀني جا رستا اهڙا ئي آهن؛ ۽ بي دين ماڻهوءَ جي اُميد نابود ٿي ويندي:
14
جنهن جو ويساهہ ويندو رهندو ۽ جنهن جو اعتبار ڪوريئڙي جي ڄار آهي.
15
هو پنهنجي گهر تي ٽيڪ ڏيندو، پر اهو نہ بيهندو: هو انهيءَ کي قابو جهلي بيهندو پر اهو جٽاءُ نہ ڪندو.
16
هو سج جي اڳيان سائو آهي، ۽ هن جون شاخون هن جي باغ ڏي وڃن ٿيون.
17
هن جون پاڙون ڍير ۾ ويڙهيل آهن، ۽ هو پٿرن جي جاءِ ڏسي ٿو.
18
جيڪڏهن هو پنهنجي جاءِ تان ناس ٿي ويندو، تہ اها هنجو انڪار ڪندي ۽ چوندي تہ مون توکي ڪونہ ڏٺو آهي.
19
ڏس هيءَ هن جي راهہ جي خوشي آهي، ۽ مٽيءَ مان ٻيا ڦٽي نڪرندا.
20
ڏس، خدا سچي ماڻهوءَ کي ڪڏهن بہ ڇڏي نہ ڏيندو، نڪي هو شرارت ڪندڙن کي قائم رکندو.
21
هو اڃا بہ تنهنجو وات کل سان ڀريندو، ۽ تنهنجا چپ ٽهڪن سان.
22
جيڪي توکي ڌڪارين ٿا سي شرم سان ڍڪجي ويندا، ۽ شريرن جو تنبو نابود ٿي ويندو.
← Chapter 7
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 9 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42