bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Job 36
Job 36
Sindhi Bible
← Chapter 35
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 37 →
1
اليهو هيترو بہ وڌيڪ چوڻ لڳو تہ،
2
مون کي ٿورو ڇڏ، تہ آءٌ توکي ڏيکاريان؛ ڇالاءِ جو مون کي اڃا بہ خدا جي طرفان ڪي ڪجهہ چوڻو آهي.
3
آءٌ پنهنجي سياڻپ پري کان آڻيندس، ۽ سچائي پنهنجي خالق جي نالي تي ليکيندس.
4
ڇالاءِ جو سچ پچ منهنجون ڳالهيون ڪوڙيون نہ آهن: جيڪو علم ۾ ڪامل آهي سو تو سان آهي.
5
ڏس، خدا قدرت وارو آهي ۽ ڪنهن کي بہ ڌڪاري نٿو: هو سمجهہ جي ڪري طاقتمند آهي.
6
هو شريرن جي حياتي نٿو بچائي: پر ڏکويلن کي پنهنجو حق ڏئي ٿو.
7
هو سچن تان پنهنجون اکيون نٿو کڻي: برابر انهن کي هميشہ لاءِ تخت تي بادشاهن سان گڏ ويهاري ٿو، ۽ هو وڏو درجو حاصل ٿا ڪن.
8
۽ جي هو زنجيرن ۾ ٻڌجن ٿا، ۽ مصيبت جي رسن ۾ پڪڙجن ٿا؛
9
تہ هو انهن کي سندن ڪم ۽ سندن گناهہ ڏيکاري ٿو، جي هنن پنهنجي مغروريءَ سان ڪيا آهن.
10
هو انهنجا ڪن تعليم لاءِ بہ کولي ٿو، ۽ حڪم ڏئين ٿو تہ بدڪاريءَ کان موٽن.
11
جيڪڏهن هو ٻڌندا ۽ سندس عبادت ڪندا، تہ هو پنهنجا ڏينهن سک ۾ گذاريندا، ۽ پنهنجا سال خوشين ۾.
12
پر جي هو نہ ٻڌندا تہ ترار سان چٽ ٿيندا، ۽ بيعقليءَ ۾ مري ويندا.
13
پر جيڪي دل ۾ بيدين آهن سي غضب گڏ ٿا ڪن: تن کي جڏهن هو ٻڌي قابو ٿو ڪري تڏهن هو مدد لاءِ رڙيون نٿا ڪن.
14
هو جوانيءَ ۾ مري وڃن ٿا، ۽ هنن جي حياتي ناپاڪن جي وچ ۾ پوري ٿي وڃي ٿي.
15
هو مصيبت زدن کي سندن مصيبت سان ڇڏائي ٿو، ۽ ظلم جي وقت هنن جا ڪن کولي ٿو.
16
هائو، هو توکي مصيبت مان ڪڍي اهڙيءَ ڪشادي جاءِ ۾ پهچائي ها؛ جتي سوڙهہ نہ آهي ۽ تنهنجي دسترخاني تي جيڪي هجي سو جيڪر سڻڀ سان ڀريل هجي ها.
17
پر تون شريرن جي مقدمي سان ڀريل آهين: تنهنڪري عدالت ۽ انصاف توکي پڪڙين ٿا.
18
ڇالاءِ تہ غضب آهي، تنهنڪري خبردار ٿج متان تنهنجي آسودگي توکي گهلي وڃي؛ نڪي وڏو عيوضو توکي گمراهہ ڪري ڇڏي.
19
تنهنجي دولت ۽ تنهنجي زور جي طاقت ڪافي آهي ڇا، تہ تون ڏک ۾ نہ پوين؟
20
انهيءَ رات جي خواهش نہ ڪر، جڏهن ماڻهو پنهنجي جاءِ تي وڍجي وڃن ٿا.
21
سنڀال ڪر. بدڪاري جو خيال نہ رک: ڇالاءِ جو تو انهيءَ کي مصيبت کان زيادہ پسند ڪيو آهي.
22
ڏس، خدا پنهنجي طاقت سان وڏا ڪم ڪري ٿو: انهيءَ جهڙو اُستاد ٻيو ڪير آهي؟
23
ڪنهن هن کي رستو ڏيکاريو آهي؟ يا ڪير چئي سگهندس تہ تو بي انصافيءَ جو ڪم ڪيو آهي.
24
ياد رک تہ هن جي ڪمن جي وڏائي ڏيکارين، جنهن جي بابت ماڻهن راڳ ڳايا آهن.
25
سڀني ماڻهن انهيءَ ڏي نهاريو آهي؛ انسان انهيءَ کي پري کان ڏسي ٿو.
26
ڏس، خدا وڏو آهي، ۽ اسين انهيءَ کي نٿا ڄاڻون: هن جي سالن جو شمار معلوم ٿيڻ جو نہ آهي.
27
ڇالاءِ جو هو پاڻيءَ جا ڦڙا ڇڪي وٺي ٿو، ۽ اهي سندس بخار مان مينهن ۾ ٽمن ٿا:
28
اهي ڪڪرن کي هيٺ اوتين ٿا ۽ ماڻهوءَ تي گهڻي انداز ۾ وسن ٿا.
29
هائو، ڪو ماڻهو ڪڪرن جو پکڙڻ، ۽ هن جي شامياني جو گجڻ سمجهي سگهندو ڇا؟
30
ڏس، هو پنهنجي روشنائي پنهنجي چوڌاري پکيڙي ٿو؛ ۽ هو سمنڊ جو ترو ڍڪي ڇڏي ٿو.
31
ڇالاءِ جو انهيءَ سان هو ماڻهن جي عدالت ڪري ٿو؛ هو بي انداز کاڌو ڏئي ٿو.
32
هو وڄ پنهنجي هٿ ۾ کڻي ٿو؛ ۽ انهيءَ کي حڪم ٿو ڏئي تہ وڃي نشان کي لڳي.
33
انهيءَ جو ڪڙڪو هن جي خبر ٻڌائي ٿو، ۽ چوپايو مال بہ هن جي خبر ڏئي ٿو.
← Chapter 35
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 37 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42