bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Job 12
Job 12
Sindhi Bible
← Chapter 11
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 13 →
1
تڏهن ايوب ورندي ڏيئي چيو تہ:
2
انهي ۾ شڪ ڪونهي تہ اوهين اهي ماڻهو آهيو ۽ ڏاهپ اوهان سان گڏ مري ويندي.
3
پر مون کي بہ اهڙي سمجهہ آهي جهڙي اوهان کي آهي؛ آءٌ اوهان کان گهٽ نہ آهيان: هائو، ڪير ههڙين شين کي نٿو ڄاڻي؟
4
آءٌ انهيءَ ماڻهو جهڙو آهيان جنهن تي سندس پاڙيسري کل ٺٺولي ٿو ڪري، اهڙو ماڻهو جنهن خدا کي سڏيو پر هن ورندي نہ ڏنيس: انصاف واري ۽ ڪامل انسان تي کل ٺٺولي ٿئي ٿي.
5
جيڪو آرام ۽ سک ۾ آهي تنهن جي خيال ۾ مصيبت جي لاءِ نفرت آهي؛ اها انهن جي لاءِ تيار آهي جن جو پير ترڪي ٿو.
6
چورن جا تنبو آسائش ۾ آهن، ۽ جيڪي خدا کي ڪاوڙائين ٿا سي صحيح سلامت آهن؛ انهن جي هٿن ۾ خدا گهڻو ئي موجود ڪري ڏئي ٿو.
7
هاڻي تون جانورن کان پڇ تہ هو توکي سيکارين؛ ۽ هوا جي پکين کان پڇ تہ هو توکي ٻڌائين:
8
يا زمين سان ڳالهاءِ تہ اُها توکي سيکاري، ۽ سمنڊ جي مڇين کان پڇ تہ اهي توکي بيان ڪري ٻڌائين.
9
انهن سڀني ۾ ڪير نٿو ڄاڻي تہ خداوند جي هٿ ائين ڪيو آهي؟
10
جنهن جي هٿ ۾ سڀ ڪنهن سان واري شيءِ جو روح آهي، ۽ ساري آدم ذات جو پساهہ آهي.
11
ڪَن لفظن جي آزمائش نٿو وٺي ڇا، جهڙيءَ طرح تارون پنهنجو کاڌو چکي ٿو؟
12
ڏاهپ ٻڍن ماڻهن وٽ آهي، ۽ سمجهہ وڏيءَ عمر ۾ آهي.
13
هن وٽ ڏاهپ ۽ طاقت آهي؛ هن وٽ مشورت ۽ سمجهہ آهي.
14
ڏس، هو ڊاهي ٿو تہ اهو وري اڏجي نٿو سگهي؛ هو ڪنهن ماڻهوءَ کي بند ڪري ٿو تہ اهو کلي نٿو سگهي.
15
ڏس، هو پاڻيءَ کي روڪي ٿو تہ پاڻي سڪيو وڃي؛ وري هو انهيءَ کي روانو ڪري ٿو تہ اُهو زمين کي ريج ڪيو ڇڏي.
16
هن وٽ زور ۽ پوري ڪم ڪرڻ جي تجويز آهي؛ ٺڳيل ۽ ٺڳيندڙ هن جا آهن.
17
هو صلاحڪارن کي ڦري لٽي قيد ٿو ڪري، ۽ منصفن کي هو بي عقل ڪري ٿو.
18
هو بادشاهن جو بند کولي ٿو، ۽ انهن جي چيلهہ تي ڪمربند ٻڌي ٿو.
19
هو ڪاهنن کي ڦري لٽي قيد ڪري ٿو، ۽ زور وارن کي اونڌو ڪري ڇڏي ٿو.
20
هو اعتبار وارن جو ڳالهائڻ بند ڪري ٿو، ۽ بزرگن جي سمجهہ ڪڍي ڇڏي ٿو.
21
هو اميرن تي حقارت هاري وجهي ٿو، ۽ طاقت وارن جو ڪمربند کولي ٿو.
22
هو اونداهيءَ مان اونهيون شيون ڳولي ظاهر ڪري ٿو، ۽ موت جي پاڇي کي روشنائيءَ ۾ آڻي ٿو.
23
هو قومن کي وڌائي ٿو ۽ انهن کي ناس ڪري ٿو: هو قومن کي پري پري پکيڙي ڇڏي ٿو ۽ وري موٽائي آڻي ٿو.
24
هو زمين جي قومن جي سردارن جو عقل ڪڍي وٺي ٿو، ۽ اهڙي بيابان ۾ انهن کي گهمائي ٿو جتي ڪو بہ رستو ڪونهي.
25
هو روشنائيءَ کان سواءِ اونداهيءَ ۾ هٿوراڙيون هڻن ٿا، ۽ هو انهن کي نشئيءَ ماڻهوءَ وانگر آٿڙائي ٿو.
← Chapter 11
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 13 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42