bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Job 29
Job 29
Sindhi Bible
← Chapter 28
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 30 →
1
۽ ايوب وري بہ پنهنجو مثل شروع ڪيو ۽ چيائين تہ:
2
اڙي جيڪڏهن آءٌ اهڙو هجان ها جهڙو اڳين مهينن ۾ هوس، يعني انهن ڏينهن ۾ جڏهن خدا منهنجي حفاظت ڪندو هو.
3
جڏهن هن جو ڏيئو منهنجي مٿان چمڪندو هو، ۽ هن جي سوجهري تي آءٌ اونداهيءَ مان هليو ويندو هوس؛
4
جيئن آءٌ پنهنجي رسيدگي جي ڏينهن ۾ هوندو هوس، جڏهن خدا جي ٻاجهہ منهنجي تنبوءَ تي هوندي هئي؛
5
جڏهن قادر مطلق اڃا مون ساڻ هو، ۽ منهنجا ٻار منهنجي چوڌاري هوندا هئا؛
6
جڏهن منهنجا قدم مکڻ سان ڌوپندا هئا، ۽ ٽڪر مون کي تيل جون نديون وهائي ڏيندو هو!
7
جڏهن آءٌ شهر جي دروازي ڏي نڪري ويندو هوس، ۽ جڏهن آءٌ گهٽيءَ ۾ پنهنجو مسند تيار ڪندو هوس.
8
تڏهن جوان ماڻهو مون کي ڏسي وڃي پاڻ کي لڪائيندا هئا، ۽ ٻڍا اُٿي بيهي رهندا هئا؛
9
امير ڳالهائڻ بند ڪندا هئا، ۽ پنهنجو هٿ پنهنجي وات تي رکندا هئا؛
10
رئيسن جو آواز بند ٿي ويندو هو، ۽ انهن جي زبان سندن تارونءَ کي چنبڙي پوندي هئي.
11
ڇا لاءِ جو جڏهن ڪن منهنجي ٻڌندو هو تڏهن مون کي دعا ڪندو هو؛ جڏهن اک مون کي ڏسندي هئي تڏهن مون تي شاهدي ڏيندي هئي.
12
ڇالاءِ جو جيڪي غريب دانهون ڪندا هئا، تن کي آءٌ ڇڏائيندو هوس، ۽ يتيم بہ، جن کي ڪو بہ واهر ڪرڻ وارو ڪو نہ هو.
13
جيڪو مرڻ لاءِ تيار هو تنهن جي دعا مون تي ايندي هئي، ۽ آءٌ بيوہ جي دل خوشيءَ سان سرهي ڪندو هوس.
14
آءٌ سچائي پهريندو هوس، ۽ اُها مون کي ڍڪيندي هئي، منهنجي عدالت هڪڙو جبو ۽ هڪڙو ڇٽ هوندي هئي.
15
آءٌ انڌن جي لاءِ اکيون هوس، ۽ منڊن جي لاءِ پير هوس.
16
آءٌ محتاجن جي لاءِ پيءُ هوس، ۽ جنهن کي آءٌ اصل نہ سڃاڻندو هوس تنهنجي معاملي جي جاچ ڪندو هوس.
17
آءٌ شريرن جون ڄاڙيون ڀڃندو هوس، ۽ هنن جي ڏندن مان شڪار ڇڪي ڪڍي وٺندو هوس.
18
تڏهن آءٌ چوندو هوس تہ آءٌ پنهنجي آکيري ۾ مري ويندس، ۽ آءٌ پنهنجا ڏينهن واريءَ وانگر وڌائيندس.
19
منهنجي پاڙ پکڙي پاڻيءَ تائين ويئي آهي، ۽ ساري رات ماڪ منهنجي ٽاريءَ تي پوي ٿي.
20
منهنجو مان شان مون ۾ تازو آهي، ۽ منهنجي ڪمان نئين سر منهنجي هٿ ۾ آئي آهي.
21
ماڻهو منهنجي ڳالهہ ڪن ڏيئي ٻڌندا هئا، ۽ منتظر ٿي بيهندا هئا، ۽ منهنجي صلاح مشورت لاءِ ماٺ ڪري بيهندا هئا.
22
منهنجي ڳالهائڻ کانپوءِ هو وري نہ ڳالهائيندا هئا؛ ۽ منهنجي گفتگو انهن تي پيئي ٽمڪندي هئي.
23
۽ هو منهنجي لاءِ اهڙا منتظر هوندا هئا جهڙا مينهن جي لاءِ؛ ۽ هو پنهنجو وات اهڙو وڏو پٽيندا هئا، جهڙو پڇاڙيءَ جي مينهن لاءِ.
24
جيڪڏهن آءٌ هنن تي کلندو هوس تہ هو انهيءَ تي اعتبار نہ ڪندا هئا؛ ۽ منهنجي منهن جي روشنائي، هنن ڪڏهن نہ بگاڙي.
25
آءٌ هنن جو رستو چونڊي ڪڍندو هوس ۽ سردار وانگر ويهندو هوس، ۽ ائين رهندو هوس جيئن ڪو بادشاهہ لشڪر ۾ رهي ٿو، يا جيئن ڪو ماتم ڪندڙن کي دلاسو ڏئي.
← Chapter 28
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 30 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42