bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Job 33
Job 33
Sindhi Bible
← Chapter 32
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 34 →
1
انهيءَ هوندي بہ، اي ايوب، آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ منهنجي ڳالهہ ٻڌ ۽ جيڪي بہ آءٌ چوان تنهن ڏانهن ڪن ڏي،
2
هاڻي ڏس، مون پنهنجو وات پٽيو آهي، منهنجي زبان منهنجي وات ۾ ڳالهايو آهي.
3
منهنجا لفظ منهنجي دل جي سچائي ظاهر ڪندا؛ ۽ جيڪي منهنجا چپ ڄاڻن ٿا سو هو سچائيءَ سان ڳالهائيندا.
4
خدا جي روح مونکي جوڙيو آهي، ۽ قادر مطلق جي دم مون کي حياتي ڏني آهي.
5
جي تو کان ٿي سگهي تہ مون کي جواب ڏي؛ منهنجي اڳيان پنهنجون ڳالهيون ترتيب وار بيهار ۽ نڪري ٻاهر ٿي بيهہ.
6
ڏس آءٌ خدا جي حضوريءَ ۾ تنهنجي برابر آهيان: آءٌ بہ مٽيءَ مان جڙيل آهيان.
7
ڏس منهنجي هيبت تو کي نہ ڊيڄاريندي نڪي منهنجو دٻاءُ تو تي ڳرو ٿيندو.
8
يقيناً، تو منهنجي ٻڌندي ڳالهايو آهي، ۽ مون تنهنجو راز ٻڌو آهي تہ،
9
آءٌ پاڪ آهيان ۽ گناهہ کان آجو آهيان؛ آءٌ بي گناهہ آهيان، مون ۾ ڪا بہ برائي ڪانهي:
10
ڏس، هو منهنجي برخلاف وجهہ پيو ڳولي، هو مون کي پنهنجو دشمن شمار ٿو ڪري؛
11
هو منهنجون ٽنگون ڪاٺ ۾ ٿو وجهي، هو منهنجا سڀ رستا جاچي ڇڏي ٿو.
12
ڏس، آءٌ توکي جواب ڏيندس، انهيءَ ڳالهہ ۾ تون انصاف وارو نہ آهين؛ ڇالاءِ جو خدا ماڻهوءَ کان وڏو آهي.
13
ڇو تون هن جي برخلاف وڙهين ٿو؟ ڇالاءِ جو هو پنهنجي ڪنهن بہ ڳالهہ جو حساب نٿو ڏئي.
14
ڇالاءِ جو خدا هڪڙو ڀيرو ٿو ڳالهائي، هائو، ٻہ ڀيرا، جيتوڻيڪ آءٌ انهيءَ ڏي ڌيان ٿو ڏيان.
15
خواب ۾ يا رات جو رويا ۾، جڏهن ماڻهو گهاٽي ننڊ ۾ آهن، ۽ هنڌ تي سُتا پيا آهن؛
16
تڏهن هو ماڻهن جا ڪن کولي ٿو، ۽ هنن جي تعليم تي مهر هڻي ٿو ڇڏي،
17
انهيءَ لاءِ تہ هو ماڻهوءَ کي پنهنجي ارادي کان روڪي، ۽ انسان کان مغروري پري ڪري ڇڏي؛
18
هو انهيءَ جي روح کي کڏ ۾ ڪرڻ کان سنڀالي ٿو، ۽ انهيءَ جي حياتيءَ کي ترار سان مرڻ کان.
19
هو پنهنجي هنڌ تي بہ سور سان سيکت حاصل ڪري ٿو، جڏهن هن جي هڏن ۾ گهڻي وقت تائين درد رهي ٿو:
20
جنهنڪري هن جي جيءَ کي ماني نٿي وڻي، ۽ هن جي روح کي عمدو طعام پسند نٿو اچي.
21
هنجو ماس اهڙو ڳري ٿو وڃي جو اهو ڏسڻ ۾ نٿو اچي؛ ۽ هنجا هڏا جي ڏسڻ ۾ نٿي آيا، سي نڪري ٻاهر ٿا بيهن.
22
هائو، هنجو روح کڏ کي ويجهو ٿو اچي، ۽ هن جي حياتي ناس ڪرڻ وارن کي نزديڪ ٿي وڃي.
23
جيڪڏهن هن سان ڪو فرشتو هجي، يا ڪو ترجمان هجي، پوءِ ڀلي هزار ۾ هڪڙو هجي، جو ماڻهوءَ کي سمجهائي تہ سندس لاءِ ڇا درست آهي؛
24
تہ پوءِ هو انهيءَ تي مهربان ٿئي ٿو ۽ چوي ٿو تہ، هن کي هيٺ کڏ ۾ وڃڻ کان بچاءِ، جو مون کي هن جو عيوضو مليو آهي.
25
هن جو بت ٻار جي بت کان بہ تازو ٿيندو؛ هو موٽي پنهنجي جوانيءَ جي ڏينهن تي اچي ٿو:
26
هو خدا کان دعا گهري ٿو، ۽ اهو هن تي مهربان آهي؛ جنهنڪري اُهو خوشيءَ سان هنجو منهن ڏسي ٿو: ۽ اهو ماڻهوءَ کي سندس سچائي موٽائي ڏئي ٿو.
27
هو ماڻهن جي اڳيان ڳائي ٿو ۽ چوي ٿو، تہ مون گناهہ ڪيو آهي، ۽ جيڪي سنئون هو تنهن کي ڏنگو ڪيو اٿم، ۽ انهيءَ مان مون کي ڪوبہ فائدو حاصل نہ ٿيو:
28
هن منهنجي روح کي کڏ ۾ پوڻ کان بچائي ورتو آهي، ۽ منهنجي حياتي روشنائي ڏسندي.
29
ڏس، اهي سڀ ڪم خدا انسان جي لاءِ ڪري ٿو، ٻہ ڀيرا بلڪ ٽي ڀيرا.
30
انهيءَ لاءِ تہ هن جي روح کي کڏ مان ڪڍي اچي، تہ هن کي جيئرن جي روشنائي ملي.
31
اي ايوب، چڱيءَ طرح ڌيان ڏي ۽ منهنجي ڳالهہ ڪن ڏئي ٻڌ: ماٺ ڪري ويهہ تہ آءٌ ڳالهايان.
32
جيڪڏهن توکي ڪي چوڻو آهي، تہ مون کي ورندي ڏي: ڀلي ڳالهاءِ، جو منهنجي مرضي آهي تہ توکي سچو ٺهرايان.
33
جي نہ تہ منهنجي ڳالهہ ڌيان ڏئي ٻڌ: تون ماٺ ڪري ويهہ تہ آءٌ توکي ڏاهپ سيکاريان.
← Chapter 32
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 34 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42