bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Job 28
Job 28
Sindhi Bible
← Chapter 27
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 29 →
1
يقيناً چاندي جي هڪڙي کاڻ هوندي آهي، ۽ سون جي لاءِ بہ هڪڙي جاءِ آهي جتي اُنهيءَ کي صاف ڪندا آهن.
2
لوهہ زمين مان ڪڍندا آهن، ۽ پتل پٿرن مان پگهاري ڪڍن ٿا.
3
ماڻهو اونداهيءَ جي حد ٻڌي ٿو، ۽ گهاٽي اونداهيءَ جا نشان ۽ موت جي پاڇي جي سرحد ڳولي ڪڍي ٿو.
4
۽ هو آباديءَ کان پري سرنگ ڀڃي کولي ٿو، اُهي راهہ لنگهندڙن جا وساريل آهن؛ هو ماڻهن کان پري رهن ٿا، ۽ هيڏي هوڏي لڏن ٿا.
5
زمين مان ماني نڪري ٿي: ۽ انهي جو هيٺيون پاسو ائين اُٿلجي ٿو جيئن تہ باهہ سان.
6
انهيءَ جي پٿرن ۾ نيلم آهي، ۽ انهيءَ ۾ سون جي ڀور آهي.
7
اهو رستو ڪو بہ شڪاري پکي نٿو ڄاڻي، ۽ نہ باز جي اک انهيءَ کي ڏسي سگهي ٿي.
8
۽ مغرور جانور انهيءَ تي نٿا هلن، نہ شوخ شينهن انهيءَ پاسي کان لنگهيو آهي.
9
هو چقمق جي پٿر تي پنهنجو هٿ رکي ٿو؛ ۽ جبلن کي پاڙن کان اونڌو ڪري ڇڏي ٿو.
10
هو ٽڪرن جي وچ مان نهرون وڍي ڪڍي ٿو؛ ۽ هن جي اک سڀ ڪا قيمتي شيءِ ڏسي ٿي.
11
هو نهرن کي قابو ڪري ٿو ۽ اُهي اُٿلي نہ ٿيون پون؛ ۽ لڪل شيءِ کي بہ هو روشنائيءَ ۾ آڻي ٿو.
12
پر حڪمت ڪٿي ملندي؟ ۽ دانائيءَ جي جاءِ ڪٿي آهي؟
13
نہ ماڻهو انهيءَ جي قيمت ڄاڻي ٿو؛ نہ اها جيئرن جي زمين ۾ ملي ٿي.
14
اونهائي چئي ٿي تہ اُها مون ۾ نہ آهي ۽ سمنڊ چئي ٿو تہ اها مون وٽ ڪانهي.
15
اها سون جي بدلي نٿي ملي سگهي، نڪا چاندي توري ان جي قيمت ۾ ڏيئي سگهجي ٿي.
16
اوفير جي سون سان بہ ان جو ملهہ نٿو ڪٿي سگهجي، ۽ نہ قيمتي سليماني پٿر يا نيلم سان.
17
نہ سون نہ شيشو ان جي برابري ڪري سگهن ٿا: نڪي اُچي سون جا زيور انهيءَ جي بدلي ۾ ٿيندا.
18
مرجان ۽ بلور جو نالو بہ نہ ورتو ويندو: هائو، حڪمت لعلن جي قيمت کان بہ وڌيڪ آهي.
19
نہ حبش جا پکراج انهيءَ جي برابري ڪندا، نڪي سچي سون سان ان جي قيمت ڪٿي ويندي.
20
تڏهن حڪمت ڪٿان ٿي اچي؟ ۽ دانائيءَ جي جاءِ ڪٿي آهي؟
21
جيئن تہ اها سڀني ساهہ وارن جي اکين کان لڪل آهي، ۽ اُڏامندڙ پکين کان ڳجهي آهي.
22
تباهي ۽ موت چون ٿا، اسان پنهنجي ڪنن سان هن جو افواهہ ٻڌو آهي.
23
خدا انهيءَ جي راهہ کي سمجهي ٿو، ۽ انهيءَ جي جاءِ ڄاڻي ٿو.
24
ڇالاءِ جو هو زمين جي پڇاڙيءَ تائين نظر ڊوڙائي ٿو، ۽ سڄي آسمان جي هيٺان ڏسي ٿو؛
25
تہ هو هوا جي تور مقرر ڪري ٿو هائو، هو پاڻيءَ جو پيمانو ماپي ڏئي ٿو.
26
جڏهن هن مينهن لاءِ قانون ٺاهيو، ۽ گجگوڙ ۽ وڄ لاءِ رستو مقرر ڪيو.
27
تڏهن هن ڏٺو ۽ ٻڌايو؛ هن مقرر ڪيو، يعني ڳولي ڪڍيائين.
28
۽ هن انسان کي چيو، ڏس خدا جو خوف، اها ئي حڪمت آهي؛ ۽ برائيءَ کان پري رهڻ دانائي آهي.
← Chapter 27
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 29 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42