bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Job 20
Job 20
Sindhi Bible
← Chapter 19
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 21 →
1
پوءِ ضوفر نعماتيءَ ورندي ڏيئي چيو تہ:
2
انهيءَ ڪري منهنجا خيال مون کي جواب سيکارين ٿا، انهيءَ جلديءَ جي ڪري جا مون ۾ آهي.
3
مون اهو طعنو ٻڌو آهي جو مون کي شرمندو ٿو ڪري، پر منهنجي عقل جو روح مون کي جواب ٿو ڏئي.
4
تون قديم وقت کان وٺي نٿو ڄاڻين ڇا، جنهن وقت ماڻهوءَ کي زمين تي پيدا ڪيو ويو هو،
5
تہ شريرن جي فتحيابي ٿوري، ۽ بيدينن جي خوشي هڪڙي لحظي جي آهي؟
6
جيتوڻيڪ هن جي وڏائي چڙهي آسمانن تائين وڃي پهچي، ۽ هن جو مٿو ڪڪرن تائين وڃي رسي؛
7
تہ بہ هو پنهنجي گونهن وانگر هميشہ لاءِ ناس ٿي ويندو: جن هن کي ڏٺو آهي سي چوندا تہ هو ڪٿي آهي؟
8
هو خواب وانگر اُڏامي ويندو، ۽ لڀندو ئي ڪين: هائو، هو رات جي رويائن وانگر ڀڄايو ويندو.
9
جنهن اک هن کي ڏٺو آهي سا وري نہ ڏسنديس؛ نڪا سندس جاءِ کيس وري ڏسندي.
10
هن جا ٻار غريبن جي مهرباني ڳوليندا وتندا، ۽ هن جا هٿ سندس دولت موٽائي ڏيندا.
11
هن جا هڏا جوانيءَ سان ڀريل آهن، پر اها ساڻس گڏ مٽيءَ ۾ ليٽندي.
12
جيتوڻيڪ شرارت هن جي وات ۾ مٺي هوندي، جيتوڻيڪ هو اها پنهنجي ڄڀ هيٺيان لڪائيندو.
13
جيتوڻيڪ هو انهيءَ کي بچائيندو ۽ وڃڻ نہ ڏيندو، پر پنهنجي وات منجهہ سنڀاليو رکيو ايندو:
14
تڏهن بہ هن جو کاڌو سندس آنڊن ۾ بدلجي ويندو، ۽ منجهس ڦري سپن جو زهر ٿي پوندو.
15
هو دولت ڳهي ويو آهي ۽ اها هو وري اُلٽي ڪري ڪڍندو: اها خدا هن جي پيٽ مان ڪڍي ڇڏيندو.
16
هو سپن جو زهر چوسيندو: نانگ جي زبان هن کي ماري وجهندي.
17
هو ندين کي نہ ڏسندو، يعني اهي جن ۾ ماکي ۽ مکڻ وهن ٿا.
18
جنهن جي لاءِ هن پورهيو ٿي ڪيو سو هو موٽائي ڏيندو ۽ ڳهي نہ ويندو؛ جيڪو مال ملڪيت وٽس آهي تنهن موجب هو خوشيون نہ ڪندو.
19
ڇالاءِ جو هن غريبن تي ظلم ڪيو آهي ۽ انهن کي ڇڏي ڏنو اٿس؛ هن زور زبردستيءَ سان جيڪو گهر ورتو آهي سو هو نہ اڏيندو.
20
ڇالاءِ جو هن پنهنجي اندر ۾ ڪوبہ آرام نہ ڏٺو، ۽ جنهن شيءِ مان هن کي خوشي حاصل ٿي ٿئي تنهن مان ڪجهہ نہ بچائيندو.
21
اهڙي ڪا بہ شيءِ نہ بچي جا هن ڳڙڪائي نہ ڇڏي؛ تنهن ڪري هن جو سک جٽاءُ نہ ڪندو.
22
هو پنهنجي جهجهي ملڪيت هوندي بہ تنگيءَ سان گذاريندو: سڀ ڪنهن مصيبت ماريءَ جو هٿ هن جي مٿان رهندو.
23
جڏهن هو پنهنجي پيٽ ڀرڻ تي هوندو، تڏهن خدا پنهنجو خوفناڪ غضب هن تي اُڇلائي وجهندو، ۽ اڃا ويٺو کائيندو تہ مٿانئس اهو مينهن وانگر وسائيندو.
24
هو لوهہ جي هٿيار کان ڀڄندو، ۽ پتل جي ڪمان جو تير هن کي چُڀي ماري ڇڏيندو.
25
هو انهيءَ کي ڇڪي ڪڍي ٿو ۽ اهو سندس بدن مان نڪري اچي ٿو: هائو چمڪندڙ چهنب هن جي پتي مان نڪري اچي ٿي؛ خوف هن تي غالب آهن.
26
ساري اونداهي هن جي لاءِ خزانو ٿي رکيل آهي، جا باهہ ماڻهوءَ نہ ٻاري آهي سا هن کي ساڙي کائي ڇڏيندي؛ جيڪي هن جي تنبوءَ ۾ باقي بچيو آهي سو اُها ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي.
27
آسمان هن جو گناهہ ظاهر ڪندا، ۽ زمين هن جي برخلاف اُٿندي.
28
سندس گهر جي برڪت هلي ويندي، ۽ هنجو مال متاع سندس ڪاوڙ جي ڏينهن، وهي هليو ويندو.
29
اهو آهي هڪڙي شرير ماڻهوءَ جو خدا وٽان آيل حصو، ۽ اهو ورثو جو خدا سندس لاءِ مقرر ڪيو آهي.
← Chapter 19
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 21 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42