bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
1 Chronicles 10
1 Chronicles 10
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 9
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 11 →
1
فلستين جِلبوعہ نالي جبل تي بني اسرائيل سان جنگ ڪئي. بني اسرائيل جا ڪيترائي ماڻهو اتي ماريا ويا ۽ ٻيا ڀڄي نڪتا.
2
فلستين سائول ۽ سندس پٽن جي پٺيان پئي کين سوڙهو ڪيو، نيٺ سائول جي پٽن يونتن، ابينداب ۽ ملڪيشوع کي ماري وڌائون.
3
ويڙهہ سائول کي وڪوڙي ويئي، تيرانداز وڃي کيس پهتا ۽ کيس زخمي ڪري وڌائون.
4
تڏهن سائول پنهنجي هٿياربردار کي چيو تہ ”پنهنجي تلوار ڪڍي مون کي ماري ڇڏ، نہ تہ هي اڻطهريل اچي مون کي بيعزتو ڪندا.“ پر سندس هٿياربردار ڊڄي ويو ۽ ائين نہ ڪيائين، تنهنڪري سائول پنهنجي تلوار ڪڍي انهيءَ تلوار مٿان ڪري پيو.
5
جڏهن انهي هٿياربردار ڏٺو تہ سائول مري ويو آهي تڏهن هو پاڻ بہ پنهنجي تلوار مٿان ڪري پيو ۽ مري ويو.
6
اهڙيءَ طرح سائول ۽ سندس ٽي پٽ مري ويا ۽ سندن سڄي گھراڻي ۾ ڪوبہ تخت جو وارث نہ رهيو.
7
يزرعيل ماٿريءَ ۾ رهندڙ بني اسرائيل جي ماڻهن جڏهن ٻڌو تہ سڄو لشڪر ڀڄي ويو آهي ۽ سائول ۽ سندس پٽ بہ مارجي ويا آهن، تڏهن هو پاڻ بہ پنهنجا شهر ڇڏي اُٿي ڀڳا. پوءِ فلستين اچي انهن تي قبضو ڪيو ۽ منجھن رهڻ لڳا.
8
ٻئي ڏينهن جڏهن فلستي لاشن کي لٽڻ لاءِ آيا، تڏهن سائول ۽ سندس ٽن پٽن جا لاش جِلبوعہ جبل تي پيل ڏٺائون.
9
هنن سائول جي سسي لاٿي ۽ سندس زرهہ بہ لاٿائون. پوءِ هنن قاصدن کي اهي شيون ڏيئي پنهنجي ملڪ فلستيا ڏانهن موڪليو تہ وڃي سندن بتخانن ۾ ۽ سڀني ماڻهن کي اها خوشخبري ٻڌائين.
10
هنن انهيءَ جا هٿيار پنهنجن ديوتائن جي هڪڙي مندر ۾ رکيا ۽ انهيءَ جي سسي دجون ديوتا جي مندر ۾ لٽڪائي ڇڏيائون.
11
جيڪي ڪجھہ فلستين سائول سان ڪيو هو، سو جڏهن جِلعاد علائقي جي يبيس شهر جي رهاڪن ٻڌو،
12
تڏهن اتي جا سڀ بهادر مرد اٿيا ۽ سائول ۽ سندس پٽن جا لاش چوريءَ کڻي يبيس شهر ۾ آيا. هنن کين اتي شاهہبلوط جي وڻ هيٺ دفن ڪيو ۽ ستن ڏينهن تائين روزو رکيائون.
13
سائول جو موت انهيءَ ڪري ٿيو جو هو خدا جو نافرمان هو. هو خداوند جي حڪمن تي پوريءَ طرح نہ هليو ۽ ڀوپن جي وسيلي مئلن جي روحن کان صلاح مشورو ورتائين،
14
خدا کان نہ. انهيءَ ڪري خداوند کيس ماري ڇڏيو ۽ بادشاهي ڦيرائي دائود ولد يسيءَ کي ڏيئي ڇڏي.
← Chapter 9
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 11 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
Recommended Reading
Commentary
1 Chronicles Commentaries
→
Devotional
1 Chronicles Devotional Guide
→
Get This Bible
Muslim Study Bible
→