bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
1 Chronicles 9
1 Chronicles 9
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 8
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 10 →
1
اسرائيل ملڪ جي سڀني ماڻهن جو سندن ڪٽنبن موجب شمار ڪيو ويو. اها ڳالهہ ” اسرائيل جي بادشاهن جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهي. يهوداہ ملڪ جي ماڻهن کي سندن ئي گناهن ڪري بابل ڏانهن قيدي ڪري نيو ويو هو.
2
پوءِ بني اسرائيل ۾ سڀني کان پهريائين جيڪي پنهنجن شهرن ۽ پنهنجي ملڪيتن تي موٽي آيا، تن ۾ ڪاهن ، لاوي ۽ هيڪل جا خدمتگار بہ شامل هئا.
3
بني يهوداہ، بني بنيامين، بني افرائيم ۽ بني منسيءَ جا ڪجھہ ڪٽنب يروشلم ۾ رهڻ لاءِ موٽي آيا.
4
يهوداہ قبيلي مان انهن موٽي آيل ڪٽنبن جو تعداد ڇهہ سؤ نوي هو، جن جا هي وڏا هئا: فارص ولد يهوداہ جي اولاد مان عوتي ولد عميهود ولد عُمري ولد اِمري ولد باني، شيلاہ ولد يهوداہ جي اولاد مان پهريتو عسايا ۽ سندس پٽ ۽ زارح ولد يهوداہ جي اولاد مان يعوايل.
7
بني بنيامين مان يروشلم ۾ موٽي آيل ڪٽنبن جو تعداد پنهنجين پيڙهين موجب نو سؤ ڇاونجاهہ هو، جن جا هي وڏا هئا: سلو ولد مسلام ولد هوداوياہ ولد هيسنوآہ، ابنياہ ولد يروحام، ايلا ولد عزي ولد مڪري، مسلام ولد سفطياہ ولد رعوايل ولد ابنياہ.
10
يروشلم ۾ موٽي آيل ڪاهنن جا وڏا هي هئا: يدعياہ، يهويريب، يڪين، عزرياہ ولد خلقياہ ولد مسلام ولد صدوق ولد مرايوت ولد اخيطوب جيڪو خدا جي گھر جو نگران هو، عداياہ ولد يروحام ولد فشحور ولد ملڪياہ، معسي ولد عديئيل ولد يحزيراہ ولد مسلام ولد مسلميت ولد امير.
13
جملي ڪاهن جيڪي پنهنجن ڪٽنبن جا وڏا هئا تن جو تعداد هڪ هزار ست سؤ سٺ هو. هو خدا جي گھر جي خدمت جي ڪم لاءِ تمام لائق شخص هئا.
14
يروشلم ۾ موٽي آيل لاوي هي هئا: سمعياہ ولد حسوب ولد عزريقام ولد حسبياہ جيڪو بني مراري هو،
15
بقبقر، حرس، جلال، متنياہ ولد ميڪا ولد زڪري ولد آسف،
16
عبديہ ولد سمعياہ ولد جلال ولد يدوتون ۽ برڪياہ ولد آسہ ولد القانہ جيڪو نطوفہ ڳوٺ جي آسپاس رهندو هو.
17
يروشلم ۾ موٽي آيل هيڪل جا دربان هي هئا: سلوم، عقوب، طلمون، اخيمان ۽ سندن مٽ مائٽ. سلوم سندن نگران هو.
18
اهي جلاوطنيءَ جي وقت تائين بادشاهہ جي اوڀر واري دروازي تي بيهندا هئا. انهيءَ کان اڳ اهي بني لاويءَ جي لشڪرگاهہ جا دربان هوندا هئا.
19
سلوم ولد قوري ولد ابيآسف ۽ سندس گھراڻي بني قورح جا ٻيا دربان هيڪل جي دروازن جي نظرداري ڪندا هئا، جهڙيءَ طرح سندن وڏا خداوند جي مقدس خيمي جا دربان هوندا هئا.
20
فينحاس ڪاهن ولد اليعزر ڪنهن وقت ۾ انهن دربانن جو نگران هو ۽ ساڻس خدا جو راضپو هو.
21
زڪرياہ ولد مسلمياہ خدا سان ملاقات واري خيمي جو دربان هو.
22
اهي سڀيئي جيڪي دربان طور چونڊيا ويا سي ٻہ سؤ ٻارهن ڄڻا هئا. انهن جو شمار سندن نسبنامي موجب سندن ڳوٺن ۾ ڪيو ويو. انهن دربانن کي دائود بادشاهہ ۽ سموئيل نبيءَ مقرر ڪيو هو.
23
اهي ۽ سندن اولاد خداوند جي گھر جي درباني ڪندا آيا. هيڪل جي اوڀر، اولهہ، اتر ۽ ڏکڻ چئني پاسن جي دروازن کان دربان بيٺا هوندا هئا.
25
سندن مائٽ جيڪي ڳوٺن ۾ رهندا هئا سي وقت بوقت، هفتو هفتو اچي ساڻن ڪم ۾ مدد ڪندا هئا.
26
چار مکيہ دربان لاوي هوندا هئا ۽ خاص عهدي تي هوندا هئا. اهي خدا جي گھر ۾ حجرن ۽ خزانن تي مقرر هئا.
27
اهي خدا جي گھر جي چوگرد رات گذاريندا هئا، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ جي نگهباني ڪرڻ ۽ هر روز صبح جو انهيءَ جا دروازا کولڻ سندن ذميواري هوندي هئي.
28
ٻيا لاوي عبادت ۾ استعمال ٿيندڙ ٿانوَن جي سنڀال ڪندا هئا. اهي ٿانوَ جڏهن بہ استعمال لاءِ ٻاهر کڻي وڃبا هئا يا موٽائي آندا ويندا هئا تڏهن هو انهن کي ڳڻيندا هئا.
29
ٻيا لاوي هيڪل جي سامان، ٿانوَن، ميدي، مئي، تيل، لوبان ۽ مصالحن تي مقرر ٿيل هئا.
30
پر مصالحن کي گڏي خوشبويون ٺاهڻ ڪاهنن جي ذميواري هوندي هئي.
31
متتياہ نالي هڪڙو لاوي جيڪو سلوم قورحيءَ جو پهريتو ٻار هو، سو نذراني جون مانيون پچائڻ تي مقرر هوندو هو.
32
سندن قهات گھراڻي وارن ڀائرن مان ڪي هر سبت تي هيڪل ۾ خداوند جي لاءِ مخصوص روٽ پچائڻ واسطي مقرر هوندا هئا.
33
لاوين مان ڪي ڪٽنب خداوند جي گھر ۾ ڳائڻ تي مقرر هئا. هنن ڪٽنبن جا وڏا خداوند جي گھر جي حجرن ۾ رهندا هئا. اهي ٻين ڪمن ڪارن کان آجا هوندا هئا، ڇاڪاڻ تہ هو رات ڏينهن پنهنجي ڪم ۾ رڌل هوندا هئا.
34
مٿي ڄاڻايل سڀ ماڻهو پنهنجي خانداني شجري موجب لاوي ڪٽنبن جا وڏا هئا. اهي يروشلم ۾ رهي پنهنجي ڪٽنبن جي اڳواڻي ڪندا هئا.
35
يعيايل پنهنجي ٻڌل شهر جِبعون ۾ رهندو هو. هن جي زال جو نالو معڪہ هو.
36
سندس وڏي پٽ جو نالو عبدون هو ۽ ٻين پٽن جا نالا هي هئا: صور، قيس، بعل، نير، ندب،
37
جدُور، اخيو، زڪر ۽ مقلوت.
38
مقلوت کي سماہ نالي پٽ هو. سندن اولاد پنهنجي خاندان جي ڪٽنبن سان گڏ يروشلم ۾ رهندو هو.
39
نير کي قيس نالي پٽ هو ۽ قيس کي سائول نالي پٽ ڄائو. سائول کي هي پٽ هئا: يونتن، ملڪيشوع، ابينداب ۽ اشبعل.
40
يونتن کي مريبعل نالي پٽ هو ۽ مريبعل کي ميڪاہ ڄائو.
41
ميڪاہ جا پٽ هي هئا: فيتون، ملڪ، تاريع ۽ اخز.
42
اخز کي يعرہ نالي پٽ ڄائو. يعرہ کي هي پٽ هئا: علمت، عزماوت ۽ زمري. زمريءَ کي موضا نالي پٽ ڄائو.
43
موضا کي بنعہ ڄائو، بنعہ کي رافعہ ڄائو، رافعہ کي اليعسہ ڄائو ۽ اليعسہ کي اصيل ڄائو.
44
اصيل کي ڇهہ پٽ هئا جن جا نالا هي آهن: عزريقام، بوڪرو، اسماعيل، سغرياہ، عبديہ ۽ حنان.
← Chapter 8
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 10 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29