bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
1 Chronicles 24
1 Chronicles 24
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 23
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 25 →
1
هي آهن اهي ٽولا جيڪي هارون جي اولاد مان هئا. هارون کي هي چار پٽ هئا: ندب، ابيهو، اليعزر ۽ اتمر.
2
ندب ۽ ابيهو پنهنجي پيءُ جي جيئري ئي مري ويا ۽ کين ڪوبہ اولاد ڪونہ هو، تنهنڪري اليعزر ۽ اتمر ڪاهن بڻيا.
3
دائود بادشاهہ اليعزر جي اولاد مان صدوق ڪاهن ۽ اتمر جي اولاد مان اخيملڪ ڪاهن جي مدد سان ڪاهنن جي ذميواري پوري ڪرڻ لاءِ بني هارون کي ٽولن ۾ ورهايو.
4
اليعزر جي اولاد مان اتمر جي اولاد کان وڌيڪ اڳواڻ هٿ آيا، سو انهن ٽولن کي هن طرح ورهايو ويو: اليعزر جي ڪٽنبن مان سورهن ٽولن جا اڳواڻ ۽ اتمر جي ڪٽنبن مان اٺن ٽولن جا اڳواڻ.
5
اهي بنا ڪنهن طرفداريءَ جي ڪُڻن رستي ورهايا ويا تہ جيئن ٻنهي گھراڻن مان هيڪل جا اهي عملدار ۽ ڪاهن ترتيبوار مقرر ڪيا وڃن.
6
لاوي قبيلي جي نتنيايل جو پٽ سمعياہ، جيڪو شاهي محرر هو تنهن بادشاهہ ۽ سندس علمدارن جي روبرو انهن جا نالا لکيا. تنهن وقت صدوق ڪاهن ، اخيملڪ ولد ابيياتر، ڪاهنن ۽ لاوين جي گھراڻن جا وڏا پڻ شاهد طور موجود هئا. اليعزر ۽ اتمر جي گھراڻن جو واري وٽيءَ سان ڪڻو کنيو ويو
7
۽ ڪڻي ۾ هن ترتيب سان نالا نڪتا: پهريون نالو يهويريب جو هو، ٻيو يدعياہ،
8
ٽيون حارم، چوٿون شعوريم،
9
پنجون ملڪياہ، ڇهون ميامين،
10
ستون هقوض، اٺون ابياہ،
11
نائون يشوع، ڏهون سڪانياہ،
12
يارهون الياسب، ٻارهون يقيم،
13
تيرهون خفاہ، چوڏهون يسباب،
14
پندرهون بلجاہ، سورهون امير،
15
سترهون حزير، ارڙهون فضيض،
16
اوڻيهون فتحياہ، ويهون يحزقيل،
17
ايڪيهون ياڪن، ٻاويهون جمول،
18
ٽيويهون دلاياہ، ۽ چوويهون نالو معزياہ جو هو.
19
اهو انهن جي ڪهانت واري خدمت جي ترتيب جو نمونو هو، جڏهن هو خداوند جي هيڪل ۾ داخل ٿيندا هئا. ڪهانت جون اهي خدمتون خداوند ، بني اسرائيل جي خدا جي حڪم سان سندن ابي ڏاڏي هارون سندن لاءِ مقرر ڪيون هيون.
20
لاويءَ جي اولاد مان باقي بچيل گھراڻن جا وڏا هي آهن: يهدياہ جيڪو سبوايل جي اولاد مان هو ۽ سبوايل عمرام جي اولاد مان هو،
21
يسياہ جيڪو رحبياہ جي اولاد مان هو،
22
يحت جيڪو سلومت جي اولاد مان هو ۽ سلومت اضهار جي اولاد مان هو،
23
حبرون جي پٽن مان ترتيبوار پهريون يرياہ، ٻيو امرياہ، ٽيون يحزيايل ۽ چوٿون يقمعام هو،
24
سمير جيڪو ميڪاہ جي اولاد مان هو ۽ ميڪاہ عزيايل جي اولاد مان هو،
25
زڪرياہ جيڪو يسياہ جي اولاد مان ۽ يسياہ ميڪاہ جو ڀاءُ هو،
26
مراريءَ جا پٽ محلي ۽ موشي هئا ۽ يعزياہ پڻ سندس اولاد مان هو.
27
يعزياہ ولد مراريءَ جا پٽ هي هئا: سوهم، زڪور ۽ عبري.
28
محلي ولد مراريءَ کي اليعزر ۽ قيس نالي ٻہ پٽ هئا. اليعزر کي پٽ جو اولاد ڪونہ هو،
29
جڏهن تہ قيس کي يرحميئيل نالي هڪ پٽ هو.
30
موشي ولد مراريءَ کي محلي، عيدر ۽ يريموت نالي پٽ هئا. سو اهي سڀ لاوين جي گھراڻن جا وڏا هئا.
31
جيئن سندن مائٽن بني هارون ڪڻا وڌا هئا، تيئن ئي هنن سڀني بہ ڪُڻا وڌا. ان وقت بہ دائود بادشاهہ، صدوق ۽ اخيملڪ ڪاهن ۽ ڪاهنن ۽ لاوين جي گھراڻن جا وڏا شاهد طور موجود هئا. ڪڻن ۾ وڏ ننڍائيءَ جو ڪو فرق نہ رکيو ويو.
← Chapter 23
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 25 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
Recommended Reading
Commentary
1 Chronicles Commentaries
→
Devotional
1 Chronicles Devotional Guide
→
Get This Bible
Muslim Study Bible
→