bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
1 Chronicles 2
1 Chronicles 2
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 3 →
1
اسرائيل يعني يعقوب جا پٽ هي آهن: روبن، شمعون، لاوي ، يهوداہ، اِسڪار، زبولون،
2
دان، يوسف ، بنيامين، نفتالي، جد ۽ آشر.
3
يهوداہ جا جملي پنج پٽ هئا. انهن مان عير، اونان ۽ شيلاہ کيس بتسوع نالي هڪ ڪنعاني عورت مان ڄاوا هئا. عير يهوداہ جو پهريتو پٽ هو جيڪو خداوند جي نظر ۾ بدڪار هو، جنهن کي خداوند ماري ڇڏيو هو.
4
يهوداہ جا ٻيا ٻہ پٽ فارص ۽ زارح هئا، جيڪي کيس پنهنجي ننهن تمر مان ڄاوا هئا.
5
فارص جا پٽ حصرون ۽ حمول هئا.
6
زارح جا جملي پنج پٽ هئا: زمري، ايتان، هيمان، ڪلڪول ۽ دارع.
7
ڪرمي زمريءَ جي اولاد مان هو، جنهن کي عڪن نالي پٽ هو. عڪن وقف ٿيل شين تي پيل بندش جي خلافورزي ڪري بني اسرائيل تي مصيبت آندي.
8
ايتان جو پٽ عزرياہ هو.
9
حصرون جا پٽ يرحمئيل، رام ۽ ڪلوبئي هئا.
10
رام کان وٺي يسيءَ تائين نسب نامو هي آهي: رام مان عمينداب، عمينداب مان نحسون، جيڪو يهوداہ قبيلي جو سردار هو،
11
نحسون مان سلمون، سلمون مان بوعز،
12
بوعز جو پٽ عوبيد ۽ عوبيد جو پٽ يسي.
13
يسيءَ جا ست پٽ نمبروار هي هئا: الياب، ابينداب، سمعي،
14
نتنيايل، ردئي،
15
عوضم، دائود.
16
انهن جون ڀينرون ضروياہ ۽ ابيجيل هيون. ضروياہ جا جملي ٽي پٽ هئا: ابيشي، يوآب ۽ عساهيل.
17
ابيجيل اسماعيل جي اولاد مان يتر نالي شخص سان پرڻيل هئي، جنهن مان کيس عماسا ڄائو.
18
حصرون جي پٽ ڪالب، عزوبہ سان شادي ڪئي جنهن مان کيس هڪڙي ڌيءَ يريعوت ڄائي. يريعوت کي ٽي پٽ ڄاوا: يشر، سوباب ۽ اردون.
19
عزوبہ جي وفات کان پوءِ ڪالب افراتہ سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس حور نالي پٽ ڄائو.
20
حور کي اوري ڄائو ۽ اوريءَ کي بصلايل ڄائو.
21
جيتوڻيڪ حصرون سٺ سالن جو هو تڏهن بہ مڪير جي ڌيءَ سان شادي ڪيائين جا جِلعاد جي ڀيڻ هئي، تنهن مان کيس شجوب نالي پٽ ڄائو.
22
شجوب کي يائير نالي پٽ ڄائو جنهن جو جِلعاد جي علائقي ۾ ٽيويهن شهرن تي قبضو هو.
23
پر جسُور ۽ ارام جي بادشاهتن سٺ شهرن تي انهن جي ڳوٺن سميت قبضو ڪيو جن ۾ قنات شهر ۽ يائير جا ٽيويهہ شهر بہ شامل هئا. انهن ۾ رهندڙ سڀ ماڻهو جِلعاد جي پيءُ مڪير جو اولاد هئا.
24
حصرون جي وفات کان پوءِ سندس زال ابياہ ڪالبافراتہ ۾ اشور نالي پٽ ڄڻيو، جنهن تقوع شهر جو بنياد وڌو.
25
حصرون جي وڏي پٽ يرحمئيل جا پٽ هي هئا: پهريتو پٽ رام، بونہ، اورن، اوضم ۽ اخياہ.
26
رام جا پٽ هي هئا: معض، يمين ۽ عيقر. يرحمئيل کي عطارہ نالي هڪ ٻي زال هئي جنهن مان کيس اونام نالي پٽ ڄائو.
28
اونام جا پٽ شمي ۽ يدع هئا. شمي جا پٽ ندب ۽ ابيسور هئا.
29
ابيسور جي زال جو نالو ابيخيل هو، جنهن مان کيس اخبان ۽ مولد ڄاوا.
30
ندب جا پٽ هي هئا: سلد ۽ افائم. سلد بياولاد مري ويو.
31
افائم کي يسعي نالي پٽ ڄائو، يسعي کي سيسان ۽ سيسان کي اخلئي نالي پٽ ڄائو.
32
شمي جي ڀاءُ يدع جا پٽ هي هئا: يتر ۽ يونتن. يتر بياولاد مري ويو.
33
يونتن جا پٽ فلت ۽ زازا هئا. اهي سڀ يرحمئيل جو اولاد هئا.
34
سيسان کي پٽ جو اولاد ڪونہ هو رڳو ڌيئر هيون. سيسان کي هڪڙو مصري نوڪر هو جنهن جو نالو يرخع هو.
35
سو سيسان پنهنجي هڪڙي ڌيءَ پنهنجي نوڪر يرخع کي پرڻائي ڏني جنهن مان کيس عتي ڄائو.
36
عتيءَ کان وٺي اليسمع تائين نسب نامو هي آهي: عتي مان ناتن، ناتن مان زاباد،
37
زاباد مان افلال، افلال مان عوبيد،
38
عوبيد مان ييهو، ييهو مان عزرياہ،
39
عزرياہ مان خلص، خلص مان العاسہ،
40
العاسہ مان سسمئي، سسمئي مان سلوم،
41
سلوم مان يقمياہ ۽ يقمياہ مان اليسمع.
42
يرحمئيل جي ڀاءُ ڪالب جي وڏي پٽ جو نالو ميسا هو. ميسا کي زيف نالي پٽ ڄائو ۽ زيف کي مرسيہ ۽ مرسيہ کي حبرون ڄائو.
43
حبرون جا پٽ هي هئا: قورح، تفوح، رقم ۽ سمع.
44
سمع کي رخم ڄائو جيڪو يرقعام جو پيءُ هو. رقم کي سمئي ڄائو.
45
سمئي کي معون ڄائو ۽ معون کي بيتصور ڄائو.
46
ڪالب کي عيفہ نالي سريت هئي جنهن مان کيس هي پٽ ڄاوا: حاران، موضا ۽ جازِز. حاران کي پڻ جازِز نالي پٽ هو.
47
يهديءَ جا پٽ هي هئا: رجم، يوتام، جسام، فلط، عيفہ ۽ شعف.
48
ڪالب کي معڪہ نالي هڪ ٻي سريت هئي جنهن مان کيس شبر ۽ ترحناہ ڄاوا.
49
معڪہ مان کيس ٻہ ٻيا پٽ بہ ڄاوا: پهريون شعف جيڪو مدمناہ جو باني هو ۽ ٻيو سوا، جيڪو مڪبينا ۽ جِبع جو باني هو. انهيءَ کان سواءِ ڪالب کي عڪسہ نالي ڌيءَ بہ هئي.
50
هي پڻ ڪالب جو اولاد هئا: ڪالب کي افراتہ نالي زال مان پهريون پٽ حور هو. حور جي پٽ سوبل جنهن قريتيعريم شهر جو بنياد وڌو.
51
سندس ٻئي پٽ سلمون بيتلحم جو بنياد وڌو ۽ ٽيون پٽ خارف بيتجادر جو باني هو.
52
قريتيعريم جو بنياد وجھندڙ سوبل هو، جيڪو هرائي گھراڻي ۽ منوخوت جي اڌ رهاڪن جو پڻ وڏو هو.
53
هو قريتيعريم شهر ۾ رهندڙ هنن گھراڻن جو پڻ وڏو هو: اتري، فوتي، سماتي ۽ مسراعي. صرعتي ۽ استاولي انهن ئي جو اولاد آهن.
54
بيتلحم جو بنياد وجھندڙ سلمون نطوفاتي، عطرات بيتيوآب، اڌ منوختين يعني صرعي جو وڏو هو.
55
هو يعبيض ۾ رهندڙ ڪاتبن جي هنن گھراڻن جو پڻ وڏو هو: ترعاتي، سمعاتي ۽ سوڪاتي. اهي سڀ قيني هئا جيڪي ريڪابين جي وڏي حمات جي نسل مان هئا.
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 3 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29