bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
1 Chronicles 28
1 Chronicles 28
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 27
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 29 →
1
دائود بني اسرائيل جي هنن سڀني عملدارن کي يروشلم ۾ گڏ ٿيڻ لاءِ سڏايو: قبيلن جا سردار، بادشاهہ جي خدمت ڪندڙ ٽولن جا سالار، لشڪر جي هزارن ۽ سون جي ٽولن جا سالار، بادشاهہ ۽ سندس پٽن جي سموري ملڪيت ۽ مال جا نگران عملدار، محل جا خدمتگار، مکيہ ماڻهو ۽ سڀ آزمودگار جوڌا جوان.
2
دائود بادشاهہ انهن جي اڳيان اُٿي بيٺو ۽ کين چيائين تہ ”اي منهنجا ڀائرؤ! اي منهنجي قوم! منهنجي ڳالهہ ٻڌو. منهنجي دل ۾ هو تہ خداوند جي عهد واري صندوق لاءِ آرامگاهہ ۽ پنهنجي خدا جي لاءِ پيرن جي صندلي ٺاهيان ۽ مون انهيءَ جي ٺاهڻ جي تياري بہ ڪئي هئي.
3
پر خداوند مون کي چيو تہ ’تون منهنجي نالي لاءِ گھر تعمير نہ ڪر، ڇو تہ تون جنگي جوڌو آهين ۽ رت وهايو اٿيئي.‘
4
تنهن هوندي بہ خداوند ، بني اسرائيل جي خدا، منهنجي پيءُ جي سڄي گھراڻي مان مون کي چونڊيو تہ جيئن آءٌ هميشہ تائين بني اسرائيل مٿان بادشاهي ڪريان. پهريائين هن يهوداہ قبيلي کي اڳواڻ طور چونڊيو، پوءِ يهوداہ جي گھراڻن مان منهنجي پيءُ جي گھراڻي کي چونڊيائين ۽ ان سڄي گھراڻي مان هن بني اسرائيل مٿان بادشاهي ڪرڻ لاءِ مون کي چونڊيو.
5
جيئن تہ هن مون کي گھڻا ئي پٽ ڏنا آهن، سو منهنجي سڀني پٽن مان هن منهنجي پٽ سليمان کي پسند ڪيو تہ هو بني اسرائيل مٿان خداوند جي سلطنت جي تخت تي ويهي.
6
هن مون کي فرمايو تہ ’تنهنجو پٽ سليمان منهنجو گھر تعمير ڪرائيندو. مون هن کي چونڊيو آهي تہ هو منهنجو پٽ ٿئي ۽ آءٌ سندس پيءُ ٿيان.
7
جيڪڏهن هو منهنجي حڪمن ۽ قانونن تي عمل ڪندو رهندو، جيئن هاڻ ڪري ٿو تہ آءٌ سندس بادشاهي هميشہ لاءِ قائم رکندس.‘
8
تنهنڪري هاڻي آءٌ خداوند ۽ سندس قوم بني اسرائيل جي روبرو اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا جي سڀني حڪمن تي عمل ڪريو، تہ جيئن اوهين هن چڱي ملڪ جا وارث ٿيندا رهو ۽ پاڻ کان پوءِ پنهنجي اولاد واسطي اهو هميشہ لاءِ ميراث طور ڇڏي وڃو.“
9
دائود وڌيڪ چيو تہ ”اي منهنجا پٽ سليمان! تون پنهنجي پيءُ جي خدا کي سڃاڻ ۽ صافدليءَ ۽ رضا خوشيءَ سان سندس عبادت ڪر، ڇاڪاڻ تہ خداوند سڀني دلين کي پرکي ٿو ۽ هر اُهو خيال جيڪو دل ۾ پيدا ٿئي ٿو سو بہ ڄاڻي ٿو. جيڪڏهن تون هن جو طالبو ٿيندين تہ تو کي سندس راضپو حاصل ٿيندو، پر جيڪڏهن تون هن کي ڇڏي ڏيندين تہ هو تو کي هميشہ لاءِ رد ڪري ڇڏيندو.
10
سو هاڻ سوچ ڪر، خدواند تو کي چونڊيو آهي تہ تون سندس پاڪ گھر لاءِ هيڪل تعمير ڪرين. سو همت ٻڌي ڪم شروع ڪر.“
11
پوءِ دائود پنهنجي پٽ سليمان کي هيڪل جي ورانڊي، تعميراتن، گودامن، بالاخانن، اندرين ڪوٺين ۽ مقدس ترين جاءِ جو نقشو ڏنو.
12
دائود کيس انهن سڀني جاين جو نقشو پڻ ڏنو جيڪو پاڪ روح هن جي دل ۾ وڌو هو، يعني خداوند جي هيڪل جي اڱڻ، آسپاس جي حجرن، هيڪل جي خزانن ۽ وقف ڪيل شين جي گودامن جو نقشو.
13
هن کيس ڪاهنن ۽ لاوين جي فرضن ۽ خداوند جي هيڪل جي سموري ڪم ڪار ۽ ان جي خدمت ۾ استعمال ٿيندڙ سڀني ٿانون بابت هدايتون ڏنيون.
14
هن خدمت ۾ استعمال ٿيندڙ سڀني سون توڙي چانديءَ جي شين ٺاهڻ لاءِ سندن وزن مقرر ڪيو.
15
سون ۽ چانديءَ جي شمعدان ۽ ان جي ڏياٽين لاءِ پڻ وزن مقرر ڪيائين.
16
هن نذراني جي روٽن واري هر ميز لاءِ سون جو وزن مقرر ڪيو ۽ چانديءَ جي ميزن لاءِ چانديءَ جو وزن مقرر ڪيائين.
17
دائود کيس اهي هدايتون پڻ ڏنيون تہ ڪيترو نج سون گوشت جي ڪنڍن، ٿالهن ۽ جڳن تي لاتو وڃي ۽ چانديءَ ۽ سون جي ٿانون تي ڪيتري چاندي ۽ سون استعمال ڪيو وڃي.
18
ان کان علاوہ لوبان ساڙڻ لاءِ قربانگاهہ تي ۽ ان گاڏيءَ تي ڪيترو نج سون استعمال ڪيو وڃي جنهن تي پردار آسماني مخلوق جا مجسما ٺاهجن، جن جا پر خداوند جي عهد واري صندوق مٿان پکڙيل هوندا.
19
دائود چيو تہ ”اهي سڀيئي ڳالهيون يعني انهيءَ نموني جا ڪم خداوند جي طرفان جيئن مون کي سمجھايا ويا آهن تن جي لکت آءٌ تو کي ڏيان ٿو.“
20
دائود پنهنجي پٽ سليمان کي هي بہ چيو تہ ”مضبوط ۽ همت وارو ٿيءُ ۽ اهو ڪم شروع ڪر. نڪي ڊڄ نڪي بيهمت ٿيءُ، ڇاڪاڻ تہ خداوند خدا، منهنجو خدا، تو سان گڏ آهي. هو نہ تو کي وساريندو ۽ نہ وري تو کي ڇڏي ڏيندو، جيستائين خداوند جي هيڪل جي تعمير جو سمورو ڪم پورو نہ ٿي وڃي.
21
ڪاهنن ۽ لاوين کي هيڪل ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي. سڀيئي ڪاريگر جيڪي هر قسم جي مهارت رکن ٿا سي تنهنجي مدد لاءِ تيار آهن ۽ سڀ ماڻهو ۽ سندن اڳواڻ تنهنجي حڪم هيٺ آهن.“
← Chapter 27
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 29 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29