bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
1 Chronicles 17
1 Chronicles 17
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 16
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 18 →
1
هاڻي دائود پنهنجي محل ۾ رهندو هو. تڏهن هڪ ڏينهن هن ناتن نبيءَ کي گھرائي چيو تہ ”ڏس، آءٌ تہ ديال جي ڪاٺ مان ٺاهيل گھر ۾ رهان ٿو، پر خدا جي عهد واري صندوق تنبوءَ هيٺ رهي ٿي.“
2
تنهن تي ناتن نبيءَ کيس چيو تہ ”جيڪا اوهان جي دل جي مرضي هجي سا ڀلي پوري ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خدا اوهان سان راضي آهي.“
3
پر انهيءَ ئي رات خداوند ناتن سان ڳالهائيندي کيس فرمايو تہ
4
”وڃ، منهنجي ٻانهي دائود کي مون خداوند جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’اهو تون نہ آهين، جيڪو منهنجي رهڻ لاءِ گھر تعمير ڪندو.
5
جنهن ڏينهن کان وٺي مون بني اسرائيل کي مصر ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو آهي، تنهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين آءٌ ڪنهن بہ گھر ۾ نہ رهيو آهيان، بلڪ مختلف هنڌن تي خيمي واري مقدس جاءِ ۾ رهيو آهيان.
6
جن جن جاين تي آءٌ بني اسرائيل سان گڏ هئس، اتي بني اسرائيل جي جن بہ رهبرن کي مون پنهنجي قوم بني اسرائيل جي رهبريءَ لاءِ مقرر پئي ڪيو، تن مان ڪنهن هڪ کي بہ ڪڏهن ائين چيو اٿم ڇا تہ هنن منهنجي لاءِ ديال جي ڪاٺيءَ جو گھر ڇو نہ جوڙيو آهي؟‘
7
سو اي ناتن! منهنجي ٻانهي دائود کي مون خداوند قادرِمطلق جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’مون تو کي رڍن پٺيان هلندڙ ريڍار مان ڦيرائي پنهنجي قوم بني اسرائيل مٿان حاڪم مقرر ڪيو آهي.
8
جيڏانهن بہ تون ويندو هئين اوڏانهن آءٌ تو سان گڏ پئي رهيو آهيان ۽ تنهنجا سڀ دشمن تنهنجي تابع ڪيا اٿم. هاڻي آءٌ تو کي دنيا جي وڏن وڏن اڳواڻن جيان مشهور ڪندس.
9
آءٌ پنهنجي قوم بني اسرائيل جي لاءِ هڪڙي جاءِ مقرر ڪندس ۽ انهن کي اهڙو ڄمائيندس، جو هو انهي جاءِ تي رهندا ايندا ۽ وري اتان نہ چرندا. بدڪار ماڻهو انهن کي وري اهڙيون تڪليفون نہ ڏيئي سگھندا، جهڙيون شروعاتي ڏينهن ۾ ڏيندا هئن.
10
هائو، انهن ڏينهن ۾ جڏهن مون پنهنجي قوم بني اسرائيل مٿان رهبر مقرر ڪيا هئا. آءٌ تنهنجا دشمن تنهنجي اڳيان پڻ جھڪائيندس. تنهن کان سواءِ آءٌ تو تي پڌرو ٿو ڪريان تہ آءٌ تو مان هڪڙو گھراڻو قائم ڪندس.
11
جڏهن تنهنجي حياتيءَ جا ڏينهن پورا ٿيندا ۽ تون وفات ڪري وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان آرامي ٿيندين، تڏهن آءٌ تنهنجو نسل تنهنجي پٽن مان هلائيندس ۽ منجھانئن هڪڙي کي تنهنجي تخت تي ويهاريندس.
12
اِهو ئي آهي، جيڪو منهنجي لاءِ گھر تعمير ڪندو ۽ آءٌ هن جي بادشاهت هميشہ لاءِ قائم ڪندس.
13
آءٌ سندس پيءُ ٿيندس ۽ هو منهنجو پٽ ٿيندو. آءٌ پنهنجي دائمي ٻاجھہ جو هٿ هن تان هرگز نہ هٽائيندس، جيئن تو کان اڳ ۾ سائول تان هٽايو هئم.
14
آءٌ پنهنجي قوم تي سندس بادشاهت کي هميشہ لاءِ قائم ڪندس ۽ سندس تخت هميشہ لاءِ قائم رهندو.‘“
15
هن سڄي الهام جون سڀيئي ڳالهيون ناتن نبيءَ دائود کي چئي ٻڌايون.
16
تڏهن دائود بادشاهہ خيمي اندر لنگھي وڃي عهد واري صندوق وٽ خداوند جي حضور ۾ ويٺو ۽ دعا گھرندي چوڻ لڳو تہ ”اي خداوند خدا! تو مون کي جنهن درجي تي آندو آهي، آءٌ انهيءَ جي لائق ناهيان، نہ ئي وري منهنجو خاندان انهيءَ لائق آهي.
17
تہ بہ اي خدا! اها ڳالهہ تنهنجي نظر ۾ خسيس هئي، پر تو پنهنجي ٻانهي جي گھراڻي بابت آئيندہ جي گھڻي عرصي تائين جو ذڪر ڪيو آهي. اي خداوند خدا! تو مون کي وڏي ماڻهوءَ جي درجي موجب سمجھيو آهي.
18
آءٌ ٻيو ڇا چوان؟ تون تہ پنهنجي هن ٻانهي کي ڄاڻين ٿو، تنهن هوندي بہ تو پنهنجي هن ٻانهي کي ايڏي عزت ڏني آهي.
19
اي خداوند! تو پنهنجي مرضيءَ موجب پنهنجي هن ٻانهي جي خاطر هي سڀ وڏا ڪم ڪيا آهن ۽ پنهنجي سڀني عظيم واعدن جو پڻ اظهار ڪيو اٿيئي.
20
اي خداوند! جيڪي ڳالهيون اسان پنهنجن ڪنن سان ٻڌيون آهن، تن سڀني موجب تو جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي، نڪي تو کان سواءِ ڪو ٻيو خدا آهي.
21
دنيا ۾ تنهنجي قوم بني اسرائيل جهڙي ٻي ڪابہ قوم ناهي، هڪ اهڙي قوم جنهن کي تو خداوند پنهنجي قوم بڻائڻ لاءِ مصر مان ڪڍي ٻاهر آندو. تو اهو انهيءَ لاءِ بہ ڪيو، تہ جيئن تون پنهنجي قوم جي اڳيان غير قومن کي هڪالي ڪڍين ۽ عظيم ۽ هيبتناڪ ڪمن وسيلي پنهنجو نالو ظاهر ڪرين.
22
تو پنهنجي قوم بني اسرائيل کي هميشہ جي لاءِ پنهنجي قوم بڻايو آهي ۽ تون، اي خداوند! سندن خدا بڻيو آهين.
23
هاڻي اي خداوند! جيڪو واعدو تو پنهنجي هن ٻانهي ۽ سندس گھراڻي جي باري ۾ ڪيو آهي، سو هميشہ جي لاءِ قائم ڪر. هائو، جيئن چيو اٿيئي تيئن ئي ڪر،
24
انهيءَ لاءِ تہ تنهنجو نالو قائم ٿئي ۽ هميشہ لاءِ عظيم ڄاتو وڃي جو ماڻهو چون تہ ’ خداوند قادرِمطلق بني اسرائيل جو خدا آهي ۽ هو ئي سندن خدا رهندو.‘ انهيءَ سان گڏ تنهنجي هن ٻانهي دائود جو گھراڻو تنهنجي حضور ۾ قائم دائم رهي.
25
اي منهنجا خدا! تو پنهنجي هن ٻانهي کي کولي ٻڌايو آهي تہ تون منهنجي لاءِ هڪڙو بادشاهي گھراڻو قائم ڪندين. تنهنڪري ئي تنهنجي هن ٻانهي کي تو کان دعا گھرڻ جو حوصلو ٿيو.
26
اي خداوند! تون ئي خدا آهين جنهن انهن چڱين ڳالهين جو پنهنجي هن ٻانهي سان واعدو ڪيو آهي.
27
هاڻي تو پنهنجي هن ٻانهي جي گھراڻي کي برڪت ڏني آهي، تہ اهو تنهنجي حضور ۾ هميشہ تائين قائم رهي. جيئن تہ اي خداوند! تو کيس برڪت ڏني آهي، تنهنڪري بيشڪ اهو هميشہ سڳورو رهندو.“
← Chapter 16
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 18 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
Recommended Reading
Commentary
1 Chronicles Commentaries
→
Devotional
1 Chronicles Devotional Guide
→
Get This Bible
Muslim Study Bible
→