bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
1 Chronicles 19
1 Chronicles 19
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 18
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 20 →
1
ڪجھہ وقت کان پوءِ بني عمون جي بادشاهہ ناحس وفات ڪئي ۽ سندس پٽ سندس جاءِ تي بادشاهي ڪرڻ لڳو.
2
تڏهن دائود چيو تہ ”آءٌ حنون ولد ناحس سان مهربانيءَ وارو سلوڪ ڪندس، ڇاڪاڻ تہ سندس پيءُ مون سان بہ مهربانيءَ وارو سلوڪ ڪيو هو.“ سو دائود پنهنجي قاصدن هٿان سندس پيءُ جي عذرخواهي چوائي موڪلي. جڏهن دائود جا ماڻهو بني عمون جي ملڪ ۾ حنون وٽ آيا تہ جيئن ساڻس عذرخواهي ڪن،
3
تڏهن بني عمون جي اڳواڻن حنون کي چيو تہ ”ڇا اوهين سمجھو ٿا تہ دائود همدرديءَ لاءِ هي ماڻهو موڪلي اوهان جي پيءُ جو مان وڌايو آهي؟ ڇا هن جا هي ماڻهو اوهان وٽ انهيءَ لاءِ نہ آيا آهن تہ هو جاسوسن وانگر هن ملڪ جو حال معلوم ڪن ۽ پوءِ مٿس قبضو ڪن؟“
4
تڏهن حنون دائود جي قاصدن کي پڪڙي انهن جون ڏاڙهيون مڇون ڪوڙائي ڇڏيون ۽ سندن ڪپڙا وچان ويهڪ جي جاءِ تائين ڦاڙائي ڇڏيا ۽ پوءِ کين روانو ڪري ڇڏيائين.
5
هيڏانهن ڪنهن ماڻهو وڃي دائود کي انهن قاصدن جي باري ۾ ٻڌايو، تڏهن دائود ڪجھہ ماڻهو موڪليا تہ وڃي ساڻن رستي ۾ ملن، ڇاڪاڻ تہ هو ويچارا ڏاڍا شرمسار هئا. بادشاهہ کين چوائي موڪليو تہ ”اتي يريحو ۾ تيستائين ترسي پئو، جيستائين اوهان جون ڏاڙهيون وڌي اچن. پوءِ موٽي هتي اچجو.“
6
جڏهن بني عمون ڏٺو تہ دائود هنن کان نفرت ڪرڻ لڳو آهي، تڏهن حنون ۽ بني عمون وارن مسوپتاميہ ۽ ارام ملڪ جي صوبن معڪہ ۽ ضوباہ مان جنگي گھوڙي گاڏيون ۽ گھوڙي سوار ڀاڙي تي ڪرڻ لاءِ چوٽيهہ هزار ڪلوگرام چاندي موڪلي.
7
هنن ٻٽيهہ هزار گھوڙي گاڏيون ۽ گھوڙي سوار ۽ معڪہ جي بادشاهہ کي بہ سندس فوج سميت ڪرايي تي آندو، جن اچي ميدبا جي سامهون پنهنجا خيما کوڙيا، جڏهن تہ بني عمون پنهنجي شهرن مان گڏجي جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري پيا.
8
جڏهن دائود اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن يوآب کي سمورن جنگي جوڌن جي لشڪر سميت ڪڍي موڪليائين.
9
بني عمون پنهنجي گاديءَ واري شهر ربہ کان ٻاهر نڪري شهر جي دروازي جي لنگھہ وٽ جنگ جي لاءِ صفون ٻڌڻ لڳا، جڏهن تہ بادشاهہ جيڪي اتي آيا هئا، سي کُليل ميدان ۾ جنگ لاءِ تيار ٿي بيهي رهيا.
10
هاڻي جڏهن يوآب ڏٺو تہ سندس اڳيان ۽ پٺيان جنگ لاءِ صفون ٻڌجي ويون آهن، تڏهن هن بني اسرائيل جي لشڪر مان ڪجھہ مکيہ بهادر چونڊي ڪڍيا ۽ کين ارامين جي سامهون صفآرا ڪيائين.
11
باقي ٻيا سڀ جنگي جوان هن پنهنجي ڀاءُ ابيشيءَ جي حڪم هيٺ رکيا ۽ اهي بني عمون جي خلاف صفون ٻڌي بيٺا.
12
يوآب ابيشيءَ کي چيو تہ ”جيڪڏهن ارامي مون کان ڏاڍا ٿيا تہ تون منهنجي مدد ڪجانءِ، پر جيڪڏهن بني عمون تو کان ڏاڍا ٿيا تہ آءٌ تو کي مدد ڏيندس.
13
همت ٻڌُ تہ اسين پنهنجيءَ قوم لاءِ ۽ پنهنجي خدا جي شهرن لاءِ بهادريءَ سان وڙهون. خداوند اهو ئي ڪجھہ ڪندو جيڪي سندس نظر ۾ چڱو هوندو.“
14
تڏهن يوآب ۽ جيڪي جوان ساڻس گڏ هئا، سي ارامين سان وڙهڻ لاءِ اڳتي وڌيا، تہ هو سندس اڳيان وٺي ڀڳا.
15
جڏهن بني عمون ڏٺو تہ ارامي ڀڳا ٿا وڃن، تڏهن هو بہ يوآب جي ڀاءُ ابيشيءَ جي اڳيان وٺي ڀڳا ۽ شهر ۾ هليا ويا. پوءِ يوآب يروشلم ۾ موٽي آيو.
16
جڏهن ارامين ڏٺو تہ هو بني اسرائيل جي اڳيان شڪست کائي چڪا آهن، تڏهن هنن قاصد موڪلي فرات نديءَ جي اوڀر طرف وارن ارامي جنگي جوڌن کي هددعزر جي لشڪر جي سپهہسالار سوبڪ جي هٿ هيٺ آڻي گڏ ڪيو.
17
جڏهن دائود کي انهيءَ ڳالهہ جي خبر پيئي، تڏهن هو بني اسرائيل جا سڀ ماڻهو گڏ ڪري اردن درياءَ جي اوڀر طرف ٽپي ويو. هو انهن ڏانهن اڳتي وڌيو ۽ صفون ٻڌي ساڻن جنگ شروع ڪيائين.
18
آخرڪار ارامي بني اسرائيل جي اڳيان وٺي ڀڳا. دائود ارامين جا ست هزار جنگي گھوڙي گاڏين جا سوار ۽ چاليهہ هزار پيادا سپاهي ماري وڌا. هن سندن فوج جي سپهہسالار سوبڪ کي پڻ ماري وڌو.
19
جڏهن هددعزر جي هٿ هيٺ وڙهندڙ بادشاهن ڏٺو تہ هو بني اسرائيل جي اڳيان شڪست کائي چڪا آهن، تڏهن هنن صلح ڪيو ۽ تابعداري قبول ڪيائون. اهڙيءَ طرح ارامي وري ڪڏهن بہ بني عمون کي مدد ڏيڻ لاءِ تيار نہ ٿيا.
← Chapter 18
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 20 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
Recommended Reading
Commentary
1 Chronicles Commentaries
→
Devotional
1 Chronicles Devotional Guide
→
Get This Bible
Muslim Study Bible
→