bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
1 Chronicles 26
1 Chronicles 26
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 25
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 27 →
1
اهي لاوي جيڪي هيڪل جي دربان طور چونڊيا ويا، تن جي ترتيب هيءَ هئي. بني قورح مان مسلمياہ ولد قوري چونڊيو ويو، جيڪو آسف جي گھراڻي مان هو.
2
مسلمياہ جا ست پٽ چونڊيا ويا، جيڪي ترتيبوار هي هئا: زڪرياہ، يديعيل، زبدياہ، يتنيايل،
3
عيلام، يهوحانان ۽ اليهوعيني.
4
عوبيدادوم جا اٺ پٽ چونڊيا ويا، جيڪي ترتيبوار هي هئا: سمعياہ، يهوزباد، يوآخ، سڪار، نتنيايل،
5
عميايل، اِسڪار، فعلتي. خدا عوبيدادوم کي انهن اٺن پٽن سان نوازيو هو.
6
عوبيدادوم جي وڏي پٽ سمعياہ جا هي ڇهہ پٽ چونڊيا ويا: عتني، رفاايل، عوبيد، الزباد، اليهو ۽ سماڪياہ. اهي پنهنجي اباڻي گھراڻي جا وڏا ۽ معزز ماڻهو پڻ هئا.
8
عوبيدادوم جي ڪٽنب وارا اهي جملي ٻاهٺ ڄڻا هئا، جيڪي خدمت ڪرڻ جي لائق ۽ سگھارا هئا.
9
مسلمياہ جي ڪٽنب وارا جملي ارڙهن ڄڻا هئا، جيڪي خدمت جي لائق هئا.
10
بني مراريءَ مان حوساہ جا هي پٽ چونڊيا ويا: سمري، جيتوڻيڪ هو پهريتو پٽ نہ هو تنهن هوندي بہ سندس پيءُ کيس سردار مقرر ڪيو هو،
11
خلقياہ، طبلياہ ۽ زڪرياہ. حوساہ جي ڪٽنب وارا اهي جملي تيرهن ڄڻا هئا.
12
هيڪل جي انهن دربانن کي سندن ڪٽنبن موجب ٽولن ۾ ورهايو ويو ۽ هيڪل ۾ کين ڪم تي مقرر ڪيو ويو، جيئن ٻيا لاوي مقرر هئا.
13
انهن مان ننڍن توڙي وڏن ڪٽنبن ڪڻا وڌا تہ کين ڪهڙي دروازي جي ذميواري سنڀالڻي آهي.
14
اوڀر واري دروازي لاءِ سلمياہ جو ڪڻو پيو. انهيءَ کان پوءِ سندس پٽ زڪرياہ، جيڪو عقلمند مشير هو، تنهن لاءِ ڪڻو وڌو ويو ۽ اُهو ڪڻو اتر واري دروازي لاءِ پيو.
15
عوبيدادوم جو ڪڻو ڏکڻ واري دروازي لاءِ پيو ۽ سندس پٽن جو ڪڻو گودام لاءِ پيو.
16
سفيم ۽ حوساہ جا ڪڻا اولهہ واري دروازي ۽ سلڪت دروازي لاءِ پيو جيڪي چاڙهيءَ واري رستي تي هئا. دربانن کي هڪٻئي پٺيان مسلسل فرض جي ادائگيءَ تي مقرر ڪيو ويو هو.
17
اوڀر پاسي ڇهہ دربان، اتر پاسي چار، ڏکڻ پاسي چار ۽ ٻنهي گودامن تي ٻہ ٻہ دربان مقرر ڪيا ويا.
18
اولهہ پاسي اڱڻ طرف چار دربان چاڙهيءَ وٽ ۽ ٻہ اڱڻ منجھہ مقرر ڪيا ويا.
19
بني قورح ۽ بني مراريءَ جي اولاد مان اهي ٽولا دربانيءَ لاءِ مقرر ڪيا ويا.
20
هنن جا ٻيا لاوي ڀائر خدا جي هيڪل جي خزانن ۽ وقف ڪيل شين جي خزانن جا نگران هئا.
21
لبني جيڪو جيرشون جي پٽن مان هڪ هو، سو پنهنجي گھڻن ئي گھراڻن جو وڏو هو، جنهن مان هڪ سندس پٽ يحيايل جو گھراڻو هو.
22
يحيايلي جا ٻہ پٽ ايتام ۽ يوايل هيڪل جي خزانن جي مٿان نگران هئا.
23
قورح جي گھراڻي مان بني عمرام، بني اضهار، بني حبرون ۽ بني عزيايل کي بہ ذميواريون سونپيل هيون.
24
اليعزر جي ڀاءُ جيرشوم ولد موسيٰ جي اولاد مان سبوايل خزانن جي مٿان اعليٰ عملدار هو.
25
سبوايل جو مائٽ سلوميت ولد زڪري ولد يورام ولد يسعياہ ولد رحبياہ ولد اليعزر
26
۽ سندس مائٽ انهن سڀني وقف ڪيل شين جي گودامن جي مٿان نگران هئا، جيڪي شيون دائود بادشاهہ توڙي گھراڻن جي وڏن، لشڪر جي هزارن ۽ سون جي ٽولن جي سالارن ۽ سپهہسالارن وقف ڪيون هيون.
27
جنگين ۾ هٿ آيل لٽ جو مال هنن خداوند جي هيڪل جي لاءِ وقف ڪيو هو.
28
اُهي سڀيئي شيون جيڪي غيبدان سموئيل، بادشاهہ سائول ولد قيس، ابنير ولد نير ۽ يوآب جنهن جي ماءُ ضروياہ هئي، وقف ڪيون هيون ۽ ٻين بہ جيڪي ڪجھہ وقف ڪيو هو، سو سڀ سلوميت ۽ سندس مائٽن جي سنڀال هيٺ هو.
29
بني اظهار مان ڪنانياہ ۽ انهيءَ جا پٽ هيڪل کان ٻاهرئين ڪم لاءِ مقرر هئا، يعني اهي بني اسرائيل مٿان عملدار ۽ جج هئا.
30
بني حبرون مان حسبياہ ۽ سندس مائٽ، جيڪي هڪ هزار ست سؤ قابل ماڻهو هئا، سي بني اسرائيل جي مٿان اردن درياءَ جي اولهہ طرف خداوند جي سموري ڪم ۽ بادشاهہ جي خدمت لاءِ مقرر هئا.
31
بني حبرون ۾ يرياہ پنهنجي گھراڻي جو وڏو هو. دائود جي بادشاهيءَ جي چاليهين سال تواريخ تي تحقيق ڪئي ويئي تہ بني حبرون واري جِلعاد علائقي جي يعزير شهر ۾ تمام قابل ماڻهو ڏسڻ ۾ آيا.
32
يرياہ کي ٻہ هزار ست سؤ مائٽ هئا جيڪي قابل ماڻهو ۽ ڪٽنبن جا وڏا هئا، تن کي دائود بادشاهہ اردن درياءَ جي اوڀر طرف بني روبين تي، بني جد تي ۽ بني منسيءَ جي اڌ قبيلي تي خدا جي هر ڪنهن ڪم ۽ بادشاهہ جي هر ڪنهن ڪم لاءِ نگران مقرر ڪيو.
← Chapter 25
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 27 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29