bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
1 Chronicles 5
1 Chronicles 5
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 4
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 6 →
1
يعقوب جي وڏي پٽ روبن جو اولاد هي آهي. جيتوڻيڪ روبن پهريون ڄاول ٻار هو، تہ بہ پنهنجي پيءُ جي سريت سان همبستر ٿيڻ جي ڪري هو پنهنجو پهريتي هجڻ جو حق وڃائي ويٺو هو. سندس اهو حق سندس ڀاءُ يوسف جي اولاد کي ڏنو ويو هو.
2
جيتوڻيڪ يهوداہ قبيلو زورآور هو ۽ حڪمران بہ انهيءَ قبيلي مان ٿيو، تنهن هوندي بہ پهريتي هئڻ جو حق يوسف کي ئي هو.
3
روبن جا پٽ هي هئا: حُنوڪ، فلو، حصرون ۽ ڪرمي.
4
يوايل جو پيڙهي بہ پيڙهي اولاد هي آهي: سمعياہ، جوج، شمعي، ميڪاہ، رياياہ، بعل ۽ بيرہ. بيرہ جيڪو روبن قبيلي جو سردار هو تنهن کي اشور جو شهنشاهہ تِگلت پلاسر قيد ڪري پاڻ سان وٺي ويو.
7
روبن قبيلي جي گھراڻن جا وڏا سندن تواريخي لکت مطابق هي آهن: يعيايل، زڪرياہ
8
۽ بلع جيڪو عزز جو پٽ ۽ سمع جو پوٽو هو ۽ يوايل جي گھراڻي مان هو. هي گھراڻو عروعير شهر ۽ اتر طرف ۾ نبو جبل ۽ بعلمعون تائين رهندو هو.
9
اوڀر طرف هنن ان بيابان تائين زمين تي قبضو ڪيو جيڪو فرات نديءَ تائين پکڙيل آهي، ڇاڪاڻ تہ هنن جو چوپايو مال جِلعاد جي علائقي ۾ وڌي ويو هو.
10
سائول جي بادشاهيءَ جي ڏينهن ۾ روبن قبيلي هاجرين تي حملو ڪيو ۽ کين ماري ڇڏيائون. پوءِ هنن جِلعاد جي اوڀر واري سندن سڄي علائقي تي قبضو ڪري ڇڏيو.
11
جد قبيلو روبن قبيلي جي ڀرسان اتر طرف ۾ بسن جي علائقي ۾ اوڀر واري شهر سلڪ تائين رهندو هو.
12
جد قبيلي جي سڀني کان وڏي گھراڻي جو وڏو يوايل هو ۽ سافم ٻئي نمبر گھراڻي جو وڏو هو. يعني ۽ سافط بسن ۾ ٻين گھراڻن جا وڏا هئا.
13
جد قبيلي جي ٻين گھراڻن جا وڏا هي هئا: ميڪائيل، مسلام، سبعہ، يوري، يعڪان، زيع ۽ عبر، جملي ست ڄڻا.
14
اهي ابيخيل ولد حوريءَ جو اولاد هئا جن جا ابا ڏاڏا هي هئا: ابيخيل ولد حوري ولد ياروآح ولد جِلعاد ولد ميڪائيل ولد يسيسي ولد يحدو ولد بوز.
15
اخي، جيڪو عبدئيل جو پٽ ۽ جُونيءَ جو پوٽو هو، سو انهن گھراڻن جو وڏو پڻ هو.
16
بني جد، بسن ۽ جِلعاد جي علائقي ۾ ۽ اتان جي سڀني ڳوٺن ۽ شارون جي سڀني چراگاهن ۾ رهندا هئا.
17
يهوداہ جي بادشاهہ يوتام ۽ اسرائيل جي بادشاهہ يربعام ثاني جي ڏينهن ۾ انهن سڀني جا نالا سندن نسبنامن موجب لکيا ويا.
18
روبن، جد ۽ منسيءَ جي اوڀر واري اڌ قبيلي ۾ چوئيتاليهہ هزار ست سؤ سٺ جنگي جوڌا هئا، جيڪي ڍالن، تلوارن ۽ تيرڪمانن جي استعمال جا پڻ ڄاڻو هئا.
19
هو يطور، نفيس ۽ نودب جي هاجري قبيلي سان جنگ ڪرڻ ويا.
20
جنگ ۾ خدا جي مدد ساڻن هئي، سو خدا سڀني هاجرين ۽ انهن جي اتحادين کي سندن هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ جنگ دوران هنن خدا کي ٻاڏايو. خدا سندن دعا ٻڌي، ڇاڪاڻ تہ هنن جو انهيءَ تي ڀروسو هو.
21
هنن سندن هي چوپايو مال بہ قبضي ڪيو: پنجاهہ هزار اٺ، اڍائي لک رڍون ٻڪريون ۽ ٻہ هزار گڏهہ. سندن هڪ لک ماڻهو پڻ قيد ڪيائون.
22
انهيءَ جنگ ۾ هنن گھڻا ئي ماڻهو ماري ڇڏيا، ڇو تہ اها جنگ خدا جي مرضيءَ سان هئي. پوءِ جلاوطنيءَ تائين هو انهيءَ ئي علائقي ۾ رهندا آيا.
23
منسيءَ جي اوڀر واري اڌ قبيلي جا ماڻهو بسن کان وٺي اتر طرف ۾ بعلحرمون، سنير ۽ حرمون جبل تائين آباد ٿي ويا ۽ سندن تعداد وڌندو ويو.
24
انهن جي گھراڻن جا وڏا هي هئا: عيفر، يسعي، اليايل، عزرئيل، يرميہ، هوداوياہ ۽ يحدايل. هو جنگي جوڌا ۽ پنهنجن گھراڻن جا مشهور وڏا پڻ هئا.
25
پر اهي پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا کان ڦري ويا ۽ انهيءَ ملڪ جي ماڻهن جي معبودن کي پوڄڻ لڳا، جن کي سندن ئي اڳيان خدا ناس ڪري ڇڏيو هو.
26
سو بني اسرائيل جي خدا، اشور جي شهنشاهہ تِگلت پلاسر عرف پول کي کڙو ڪيو، جنهن وڃي هنن تي قبضو ڪيو. هن روبين، جدين ۽ منسيءَ جي اڀريندي واري اڌ قبيلي کي جلاوطن ڪري خلح ۽ هارا شهرن ۾ ۽ جوزان علائقي جي خابور نديءَ ويجھو آباد ڪيو، جتي هو اڄ ڏينهن تائين رهيا پيا آهن.
← Chapter 4
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 6 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29