bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
1 Chronicles 14
1 Chronicles 14
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 13
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 15 →
1
صور جي بادشاهہ حيرام دائود ڏانهن ڪجھہ قاصد موڪليا. هن دائود ڏانهن ديال جو ڪاٺ، رازا ۽ واڍا پڻ موڪليا، تہ جيئن هن لاءِ هڪ محل تعمير ڪن.
2
دائود سمجھي ورتو تہ خداوند کيس بني اسرائيل تي بادشاهہ طور قائم ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ سندس بادشاهي پنهنجي قوم بني اسرائيل جي خاطر بلند وَ بالا ڪئي ويئي هئي.
3
يروشلم ۾ دائود وڌيڪ زالون پرڻيو ۽ کيس گھڻا ئي پٽ ۽ ڌيئرون پيدا ٿيون.
4
يروشلم ۾ جيڪي ٻار کيس پيدا ٿيا تن جا نالا هي آهن: سموعہ، سوباب، ناتن، سليمان ،
5
ابحار، السوع، اليفالط،
6
نجہ، نفج، يفيعہ،
7
اليسمع، بعليدع ۽ اليفلط.
8
جڏهن فلستين ٻڌو تہ دائود کي مسح ڪري سڄي بني اسرائيل مٿان بادشاهہ بڻايو ويو آهي، تڏهن سڀ جو سڀ فلستي دائود کي پڪڙڻ لاءِ نڪري پيا. سو دائود اهو ٻڌي انهن سان مقابلي ڪرڻ لاءِ نڪري پيو.
9
فلستي اچي رفائين ماٿريءَ ۾ پهتا ۽ ڦرلُٽ شروع ڪري ڏنائون.
10
تڏهن دائود خدا کان پڇيو تہ ”ڇا آءٌ فلستين تي حملو ڪريان؟ ڇا تون مون کي مٿن فتح ڏيندين؟“ خداوند کيس وراڻيو تہ ”وڃ مٿن حملو ڪر، آءٌ تو کي انهن تي فتح ڏيندس.“
11
سو دائود هڪڙي هنڌ تي آيو ۽ اتي فلستين کي شڪست ڏنائين. تڏهن دائود چوڻ لڳو تہ ”خداوند منهنجي دشمنن کي منهنجي هٿان ائين ڀڃي وڌو آهي، جيئن اوچتو پاڻيءَ جو بند ڀڄي پوندو آهي.“ انهيءَ سبب ئي انهيءَ هنڌ جو نالو بعلپراضيم پئجي ويو.
12
فلستي پنهنجا بت اتي ئي ڇڏي ڀڄي ويا، سو دائود حڪم ڏنو تہ اهي سڀيئي بت ساڙيا وڃن.
13
ڪجھہ وقت کان پوءِ فلستين انهيءَ ماٿريءَ ۾ وري اچي ٻيو ڀيرو ڦر شروع ڪئي.
14
سو دائود جي خدا کان وري پڇڻ تي خدا کيس چيو تہ ”تون هنن ڏانهن هتان سڌو نہ وڃ، بلڪ ڦِري ٻئي پاسي کان توتن جي وڻن وٽان مٿن حملو ڪر.
15
پر جڏهن تون توتن جي وڻن جي چوٽين تي قدمن جو آواز ٻڌين، تڏهن ئي تون حملو ڪجانءِ، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ وقت آءٌ تنهنجي اڳيان فلستين جي لشڪر کي مارڻ لاءِ نڪري ايندس.“
16
سو دائود ائين ئي ڪيو جيئن خداوند کيس حڪم ڏنو هو، اهڙيءَ طرح هو فلستين جي لشڪر کي جِبع کان وٺي جزر تائين ماريندو ويو.
17
پوءِ تہ سڀني ملڪن ۾ دائود مشهور ٿي ويو ۽ خداوند هر قوم جي دل ۾ هن جو خوف وجھي ڇڏيو.
← Chapter 13
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 15 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
Recommended Reading
Commentary
1 Chronicles Commentaries
→
Devotional
1 Chronicles Devotional Guide
→
Get This Bible
Muslim Study Bible
→