bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
1 Chronicles 7
1 Chronicles 7
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 6
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 8 →
1
اِسڪار ولد يعقوب جا هي چار پٽ هئا: تولع، فووہ، يسوب ۽ شمرون.
2
تولع جا پٽ هي هئا: عزي، رفاياہ، يريايل، يجمي، ابسام ۽ سموئيل. اهي سڀ تولع گھراڻي ۾ پنهنجي ڪٽنبن جا وڏا هئا. هو پنهنجي زماني جا مشهور جنگي جوڌا هئا ۽ دائود بادشاهہ جي ڏينهن ۾ سندن اولاد جو تعداد ٻاويهہ هزار ڇهہ سو هو.
3
عزيءَ کي ازراخياہ نالي هڪڙو پٽ هو. ازراخياہ کي هي چار پٽ هئا: ميڪائيل، عبديہ، يوايل ۽ يسياہ. ازراخياہ ۽ سندس پٽ پنهنجن پنهنجن ڪٽنبن جا وڏا هئا.
4
انهن کي گھڻيون ئي زالون ۽ ٻار هئا، انهيءَ ڪري پنهنجين پيڙهين ۽ گھراڻن مان وٽن ڇٽيهہ هزار جنگي مرد هئا.
5
سرڪاري ڪاغذن ۾ اِسڪار قبيلي جي سڀني گھراڻن مان جنگ ڪري سگھڻ وارن جو تعداد ستاسي هزار هو.
6
بنيامين ولد يعقوب جا هي ٽي پٽ هئا: بلع، بڪر ۽ يديعيل.
7
بالع جا پٽ هي هئا: اصبون، عزي، عزيايل، يريموت ۽ عيري، جملي پنج ڄڻا. اهي پنهنجي گھراڻي جي ڪٽنبن جا وڏا هئا. هو مشهور جنگي جوڌا هئا ۽ سندن اولاد جو تعداد، جيڪي جنگ ڪري ٿي سگھيا، ٻاويهہ هزار چوٽيهہ هو.
8
بڪر جا پٽ هي هئا: زميرہ، يوآس، اليعزر، اليوعيني، عمري، يريموت، ابياہ، عنتوت ۽ علامت.
9
اهي پنهنجي گھراڻن جا وڏا هئا ۽ سرڪاري ڪاغذن ۾ سندن اولاد مان جيڪي جنگي جوڌا هئا تن جو تعداد ويهہ هزار ٻہ سؤ هو.
10
يدعايل کي بلحان نالي هڪڙو پٽ هو. بلحان جا پٽ هي هئا: يعوس، بنيامين، اهود، ڪنعانہ، زيتان، ترسيس ۽ اخيسحر.
11
هو پنهنجي گھراڻي جي ڪٽنبن جا وڏا هئا ۽ مشهور جنگي جوڌا هئا. سندن اولاد مان جيڪي جنگ ڪري ٿي سگھيا تن جو تعداد سترهن هزار ٻہ سؤ هو.
12
سفيم ۽ حُفيم بہ بنيامين قبيلي مان هئا. دان ولد يعقوب کي حشيم نالي هڪڙو پٽ هو.
13
نفتالي جيڪو يعقوب کي سندس ٻانهي بلهاہ مان هو تنهن جا پٽ هي هئا: يحصيايل، جُوني، يصر ۽ شلوم.
14
منسيءَ ولد يوسف ولد يعقوب جو اولاد هي هو. اسريايل سندس ارامي سريت مان هو. سندس سريت کي جِلعاد جو پيءُ مڪير پڻ ڄائو.
15
مڪير حفيم ۽ سفيم جي ڀيڻ سان شادي ڪئي، جنهن جو نالو معڪہ هو. مڪير کي هڪ ٻيو پٽ صلافحاد بہ هو، جنهن کي رڳو ڌيئرون هيون.
16
مڪير جي زال معڪہ کي فرس ۽ شرس نالي ٻہ پٽ ڄاوا. فرس کي اولام ۽ رقم نالي پٽ ڄاوا.
17
اولام کي بدان نالي هڪڙو پٽ هو. اهي هئا جِلعاد ولد مڪير ولد منسيءَ جو اولاد.
18
جِلعاد جي ڀيڻ همولڪت کي اشهود، ابيعزر ۽ محلہ ڄاوا.
19
سميدع جا پٽ هي هئا: اخيان، سڪم، لقحي ۽ انيعام.
20
افرائيم ولد يوسف ولد يعقوب جو پيڙهي بہ پيڙهي هي اولاد هو: سوتلح، برد، تحت، اليعدہ، تحت،
21
زبد ۽ سوتلح. افرائيم جا ٻہ ٻيا پٽ عزر ۽ اليعد هئا جن کي جات جي علائقي جي پيدائشي رهاڪن ماري ڇڏيو، جڏهن اهي جات وارن جو چوپايو مال چورائڻ ويا هئا.
22
سندن پيءُ افرائيم انهن لاءِ گھڻن ئي ڏينهن تائين سوڳ ڪيو ۽ سندس مائٽ کيس دلاسو ڏيڻ لاءِ آيا.
23
پوءِ هو پنهنجي زال وٽ ويو تہ اها پيٽ سان ٿي ۽ هڪڙو پٽ ڄڻيائين. انهيءَ جو نالو بريعہ رکيائين، ڇاڪاڻ تہ سندس خاندان ۾ مصيبت اچي ڪڙڪي هئي.
24
کيس سراہ نالي هڪڙي ڌيءَ بہ هئي، جنهن هيٺاهون ۽ مٿاهون بيتحورون ۽ عزنسراہ تعمير ڪرايا هئا.
25
افرائيم کي رفح نالي پٽ بہ هو، جنهن جو اولاد پيڙهي بہ پيڙهي هي آهي: رسف، تلاح، تحن،
26
لعدان، عميهود، اليسمع،
27
نون، يشوع.
28
جيڪو علائقو هنن قبضي ڪيو ۽ منجھس رهڻ لڳا تنهن ۾ بيتايل ۽ ان جي آسپاس وارا ڳوٺ هئا. اوڀر طرف اهو علائقو نعران تائين ۽ اولهہ ۾ جزر شهر تائين آسپاس وارن ڳوٺن سميت هو. انهيءَ علائقي ۾ سڪم ۽ عزہ شهر آسپاس وارن ڳوٺن سميت شامل هئا.
29
بيتشان، تعناڪ، مجدو ۽ دور شهر آسپاس وارن ڳوٺن سميت بني منسيءَ جي اولهہ واري اڌ قبيلي جي قبضي هيٺ هئا. هي اهي شهر ۽ علائقا آهن جن ۾ يوسف ولد يعقوب جو اولاد رهندو هو.
30
آشر ولد يعقوب جا پٽ هي هئا: يمنہ، اِشواہ، اِشوي ۽ بريعاہ. کين سرہ نالي هڪ ڀيڻ هئي.
31
بريعاہ جا پٽ هي هئا: حبر ۽ ملڪيايل. برزاويت شهر جو باني ملڪيايل هو.
32
حبر کي يفليط، سومر ۽ خوٿام نالي ٽي پٽ ۽ سوع نالي هڪڙي ڌيءَ هئي.
33
يفليط جا پٽ هي هئا: فاساڪ، بمهال ۽ عسوات.
34
سومر جا پٽ هي هئا: اخي، روهجہ، يحبہ ۽ ارام.
35
خوٿام جا پٽ هي هئا: صوفح، امنع، سلس ۽ عمل.
36
صوفح جا پٽ هي هئا: سوح، حرنفر، سوعل، بيري، امراہ،
37
بصر، هود، سما، سلسہ، اتران ۽ بيرا.
38
يتر جا پٽ هي هئا: يفنہ، فسفاہ ۽ ارا.
39
عُلہ جا پٽ هي هئا: ارخ، حنيايل ۽ رضياہ.
40
اهي سڀ آشر قبيلي ۾ پنهنجي پنهنجي گھراڻي جا وڏا هئا. هو جنگجو ۽ مکيہ اڳواڻ پڻ هئا. آشر جي اولاد ۾ جنگ ڪرڻ جي لائق ماڻهن جو تعداد ڇويهہ هزار هو.
← Chapter 6
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 8 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29