bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
1 Chronicles 6
1 Chronicles 6
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 5
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 7 →
1
لاويءَ ولد يعقوب جا پٽ هي هئا: جيرشون، قهات ۽ مراري.
2
قهات جا پٽ هي هئا: عمرام، اضهار، حبرون ۽ عزيايل.
3
عمرام کي ٻہ پٽ هارون ۽ موسيٰ هئا ۽ هڪ ڌيءَ مريم هئي. هارون جا پٽ هي هئا: ندب، ابيهو، اليعزر ۽ اتمر.
4
اليعزر جو پيڙهي بہ پيڙهي هي اولاد هو: فينحاس، ابيسوع،
5
بقي، عزي،
6
زراخياہ، مرايوت،
7
امرياہ، اخيطوب،
8
صدوق، اخيمعض،
9
عزرياہ، يوحنان،
10
عزرياہ جنهن يروشلم ۾ سليمان جي ٺهرايل هيڪل ۾ ڪاهن طور خدمت ڪئي،
11
امرياہ، اخيطوب،
12
صدوق، سلوم،
13
خلقياہ، عزرياہ،
14
سراياہ، يهوصدق.
15
جڏهن خداوند يروشلم شهر بلڪ سڄي يهوداہ جي ماڻهن کي نبوڪدنضر بادشاهہ جي هٿان جلاوطن ڪيو تڏهن يهوصدق بہ قيد ٿي ويو.
16
لاويءَ جا پٽ هي هئا: جيرشون، قهات ۽ مراري.
17
جيرشون جا پٽ لبني ۽ شمعي هئا.
18
قهات جا پٽ هي هئا: عمرام، اضهار، حبرون ۽ عزيايل.
19
مراريءَ جا پٽ محلي ۽ موشي هئا. لاوي قبيلي جا گھراڻا سندن ابن ڏاڏن مطابق هي آهن.
20
جيرشون جو اولاد پيڙهي بہ پيڙهي هي آهي: لبني، يحت، زمہ،
21
يوآخ، عيدو، زارح ۽ يتري.
22
قهات جو اولاد پيڙهي بہ پيڙهي هي آهي: عمينداب، قورح، اسير،
23
القانہ، ابيآسف، اسير،
24
تحت، اوريايل، عُزياہ ۽ شائول.
25
القانہ جا ٻہ پٽ عماسي ۽ اخيموت هئا.
26
اخيموت جو اولاد پيڙهي بہ پيڙهي هي آهي: القانہ، صوفي، نحت،
27
الياب، يروحام، القانہ جيڪو سموئيل جو پيءُ هو.
28
سموئيل جو وڏو پٽ يوئيل ۽ ننڍو پٽ ابياہ هو.
29
مراريءَ جو اولاد پيڙهي بہ پيڙهي هي هو: محلي، لبني، شمعي، عُزہ،
30
سمعي، حجياہ، عساياہ.
31
دائود بادشاهہ مقدس خيمي وٽ عهد واري صندوق جي پهچڻ کان پوءِ ٽي ماڻهو سازندن جا نگران مقرر ڪيا.
32
هو واري واري سان مقدس خيمي يعني خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڳيان پنهنجي ٽولي سان ڳائيندي خدمت ڪندا هئا، جيستائين سليمان يروشلم ۾ هيڪل جوڙائي تيار ڪئي. اهي مقرر قاعدن مطابق خدمت جو ڪم سرانجام ڏيندا هئا.
33
انهن نگرانن جو شجرو هن طرح آهي. قهات جي خاندان مان هيمان ولد يوايل سازندن جو وڏو نگران هو. سندس شجرو هي آهي: هيمان ولد يوئيل ولد سموئيل
34
ولد القانہ ولد يروحام ولد اليايل ولد توح
35
ولد صوف ولد القانہ ولد محت ولد عماسي
36
ولد القانہ ولد يوايل ولد عزرياہ ولد ضفنياہ
37
ولد تحت ولد اسير ولد ابيآصف ولد قورح
38
ولد اضهار ولد قهات ولد لاوي ولد يعقوب.
39
هيمان جو ساٿي آسف ٻئي نمبر تي نگران هو. سندس شجرو هن طرح آهي: آسف ولد برڪياہ ولد سمعي
40
ولد ميڪائيل ولد بعسياہ ولد ملڪياہ
41
ولد اتني ولد زارح ولد عداياہ
42
ولد ايتان ولد زمہ ولد شمعي
43
ولد يحت ولد جيرشون ولد لاوي.
44
مراري گھراڻي جو ايتان جيڪو هيمان کان پوءِ ٽئين نمبر تي نگران هو، تنهن جو شجرو هي آهي: ايتان ولد قيسي ولد عبدي ولد ملوڪ
45
ولد حسبياہ ولد امصياہ ولد خلقياہ
46
ولد امضي ولد باني ولد سامر
47
ولد محلي ولد موشي ولد مراري ولد لاوي.
48
انهن جا ٻيا لاوي ڀائر خدا جي گھر جي مقدس خيمي ۾ ٻين سڀني خدمتن لاءِ مقرر ٿيل هئا.
49
هارون ۽ سندس اولاد سوني پٽ چڙهيل قربانگاهہ تي لوبان ساڙيندا هئا ۽ ساڙڻ وارين قربانين جي قربانگاهہ تي قربانيون پيش ڪندا هئا. هو مقدس ترين جاءِ ۾ خدمت بجا آڻيندا هئا ۽ جيڪي حڪم خدا جي ٻانهي موسيٰ ڏنا هئا تن موجب بني اسرائيل پاران ڪفارو ڏيندا هئا.
50
هارون جو اولاد پيڙهي بہ پيڙهي هي آهي: اليعزر، فينحاس، ابيسوع،
51
بقي، عزي، زراخياہ،
52
مرايوت، امرياہ،
53
اخيطوب، صدوق، اخيمعض.
54
قهات گھراڻي مان هارون ڪاهن جي اولاد کي ڏنل سندن رهائشي علائقو هي آهي. کين پهرئين ڪُڻي وارو حصو مليو.
55
کين يهوداہ قبيلي جي علائقي مان حبرون ۽ انهيءَ جي آسپاس وارا چراگاهہ ڏنا ويا.
56
پر انهيءَ شهر جون آسپاس واريون ٻنيون ۽ ڳوٺ ڪالب ولد يفنہ کي ڏنا ويا.
57
هارون جي اولاد کي هي شهر آسپاس وارن چراگاهن سميت ڏنا ويا: پناهہ جو شهر حبرون، لبناہ، يتير، استموع،
58
حيلان، دبير،
59
عسن ۽ بيتشمس.
60
بنيامين جي علائقي مان کين هي شهر چراگاهن سميت ڏنا ويا: جِبع، علمت ۽ عنتوت. اهي جملي تيرهن شهر هئا، جيڪي کين رهڻ لاءِ ڏنا ويا.
61
قهات جي اولاد مان باقي رهيل گھراڻن کي منسيءَ جي اولهہ واري اڌ قبيلي جي گھراڻن جا ڪُڻن رستي ڏهہ شهر ڏنا ويا.
62
جيرشون ولد لاوي جي اولاد کي، سندن گھراڻن موجب، اِسڪار، آشر ۽ نفتالي قبيلن ۽ منسيءَ جي اوڀر واري اڌ قبيلي مان ڏهہ شهر ڏنا ويا.
63
مراريءَ ولد لاوي جي اولاد کي، سندن گھراڻن موجب، ڪُڻن رستي، روبن، جد ۽ زبولون قبيلن مان ٻارهن شهر ڏنا ويا.
64
اهڙيءَ طرح بني اسرائيل لاوين کي چراگاهن سميت اهي شهر ڏنا.
65
بني يهوداہ، بني شمعون ۽ بني بنيامين جي قبيلن مان پڻ ڪُڻن رستي شهر ڏنا ويا، جن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي.
66
قهات قبيلي جي ڪن گھراڻن کي افرائيم جي علائقي مان شهر مليا.
67
افرائيم جي جابلو علائقي ۾ کين چراگاهن سميت هي شهر مليا: پناهہ جو شهر سڪم، جزر،
68
يقمعام ۽ بيتحورون،
69
ايالون ۽ جاترمون.
70
منسيءَ جي اولهہ واري اڌ قبيلي مان بني قهات جي گھراڻن کي عانير ۽ بلعام شهر چراگاهن سميت مليا.
71
جيرشون جي اولاد کي هي شهر چراگاهن سميت ڏنا ويا: منسيءَ جي اوڀر واري اڌ قبيلي جو عستارات شهر ۽ بسن ۾ جولان شهر،
72
اِسڪار قبيلي جا قادس، دبرت،
73
رامات ۽ عانيم شهر،
74
آشر قبيلي جا مسل، عبدون،
75
حقوق ۽ رحوب شهر،
76
نفتالي قبيلي جا حمون، قريتائم ۽ گليل ۾ قادس شهر.
77
لاوين مان باقي رهيل بني مراري گھراڻي کي هي شهر چراگاهن سميت ڏنا ويا: زبولون قبيلي جا رمونو ۽ تبور شهر،
78
يريحو شهر جي ڏکڻ طرف اردن درياءَ جي اوڀر طرف روبن قبيلي جا يهصہ،
79
قديمات، مفعت ۽ بيابان ۾ بصر شهر
80
۽ جد قبيلي جا محنايم،
81
حشبون، يعزير ۽ جِلعاد ۾ رامہ شهر.
← Chapter 5
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 7 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29