bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
1 Chronicles 18
1 Chronicles 18
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 17
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 19 →
1
ڪجھہ وقت کان پوءِ دائود فلستين کي شڪست ڏيئي پنهنجي تابع ڪيو ۽ جات شهر آسپاس وارن ڳوٺن سميت فلستين کان ڇڏائي پنهنجي قبضي ۾ ڪيائين.
2
دائود موآبين کي پڻ شڪست ڏني ۽ اهي دائود جا ٽيڪس ڀريندڙ تابعدار ٿيا.
3
انهيءَ کان سواءِ دائود ضوباہ جي بادشاهہ هددعزر تي حمات جي ويجھو حملو ڪيو، جيڪو فرات نديءَ پاسي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ هو.
4
دائود ان جون هڪ هزار جنگي گھوڙي گاڏيون، ست هزار گھوڙي سوار ۽ ويهہ هزار پيادا سپاهي پڪڙي هٿ ڪيا. هن هڪ سؤ جنگي گھوڙي گاڏين جي گھوڙن کان سواءِ ٻين سڀني گھوڙن کي جڏو ڪري ڇڏيو.
5
جڏهن دمشق جا ارامي ضوباہ جي بادشاهہ هددعزر جي مدد ڪرڻ لاءِ آيا، تڏهن دائود انهن مان ٻاويهہ هزار ارامي ماري وڌا.
6
پوءِ هن انهن جي علائقي ۾ فوجي چونڪيون قائم ڪيون ۽ اهي سندس ٽيڪس ڀريندڙ تابعدار ٿيا. دائود جيڏانهن بہ ٿي ويو اوڏانهن خداوند کيس فتح ٿي بخشي.
7
هددعزر جي عملدارن جيڪي سون جون ڍالون آنديون هيون، سي دائود يروشلم ۾ کڻي آيو.
8
هددعزر جي شهرن طبخت ۽ ڪُون مان دائود تمام گھڻو پتل هٿ ڪيو، جنهن مان بعد ۾ سليمان هيڪل لاءِ پلٽيل وڏو حوض، ٿنڀا ۽ ٿانوَ ٺهرايا.
9
جڏهن حمات جي بادشاهہ توغيءَ ٻڌو تہ دائود ضوباہ جي بادشاهہ هددعزر جي سڄيءَ فوج کي شڪست ڏني آهي،
10
تڏهن توغيءَ پنهنجي پٽ يورام کي دائود بادشاهہ ڏانهن موڪليو تہ کيس وڃي سلام چوي ۽ هددعزر کي جنگ ۾ شڪست ڏيڻ جي کيس مبارڪ ڏئي، ڇاڪاڻ تہ هددعزر توغيءَ سان وڙهندو رهندو هو. يورام پاڻ سان گڏ هر قسم جا سون، چانديءَ ۽ پتل جا ٿانوَ کڻي آيو.
11
اهي بہ بادشاهہ دائود انهيءَ چانديءَ ۽ سون سان گڏ خداوند لاءِ وقف ڪيا، جيڪي هن سڀني قومن يعني ادومين ، موآبين، بني عمون، فلستين ۽ عماليقين مان هٿ ڪيا هئا.
12
ابيشي، جنهن جي ماءُ جو نالو ضروياہ هو تنهن ارڙهن هزار ادومي ڪلر واري ماٿريءَ ۾ ماري وڌا.
13
هن سڄي ادوم ۾ فوجي چونڪيون قائم ڪيون ۽ سڀ ادومي سندس تابعدار ٿي پيا. دائود جيڏانهن بہ ٿي ويو اوڏانهن خداوند کيس فتح ٿي بخشي.
14
دائود پنهنجي سڄي قوم بني اسرائيل تي عدل ۽ انصاف سان بادشاهي ڪئي.
15
يوآب جنهن جي ماءُ جو نالو ضروياہ هو، سو فوج جو سپهہسالار هو ۽ يهوسفط ولد اخيلود شاهي منتظم هو.
16
صدوق ولد اخيطوب ۽ ابيملڪ ولد ابيياتر ڪاهن هئا، شراياہ شاهي محرر هو،
17
بناياہ ولد يهويدع دائود جي ذاتي محافظن جي مٿان سالار هو ۽ دائود جا پٽ اعليٰ درجي تي مقرر هئا.
← Chapter 17
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 19 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
Recommended Reading
Commentary
1 Chronicles Commentaries
→
Devotional
1 Chronicles Devotional Guide
→
Get This Bible
Muslim Study Bible
→