bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
1 Chronicles 25
1 Chronicles 25
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 24
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 26 →
1
دائود ۽ لاوي اڳواڻن گڏجي آسف، هيمان ۽ يدوتون کي سندن پٽن سميت سندن گھراڻن مان خدمت لاءِ چونڊي ڌار ڪيو تہ هو هيڪل ۾ سارنگيون، دنبورا ۽ ٽليون وڄائڻ سان خدا جو ڏنل پيغام ٻڌائين. انهن خدمت ڪرڻ وارن جي فهرست ۽ سندن خدمت هي آهي:
2
آسف سان گڏ سندس چار پٽ زڪور، يوسف، نتنياہ ۽ اسريلاہ هئا. اهي پنهنجي پيءُ آسف جي نگرانيءَ هيٺ بادشاهہ دائود جي حڪم موجب خدا جو ڏنل پيغام ٻڌائيندا هئا.
3
يدوتون سان گڏ سندس ڇهہ پٽ جِدلياہ، ضري، يسعياہ، سمعي، حسبياہ ۽ متتياہ هئا، جيڪي پنهنجي پيءُ يدوتون جي نگرانيءَ هيٺ سارنگيون وڄائيندي خداوند جي شڪر ۽ تعريف سان سندس ڏنل پيغام ٻڌائيندا هئا.
4
هيمان سان گڏ سندس چوڏهن پٽ بقياہ، متنياہ، عزيايل، سبوايل، يريموت، حنانياہ، حناني، الياتہ، جدالتي، روممتيعزر، يسبقاشہ، ملوتي، هوتير ۽ محازيوت هئا.
5
سندن پيءُ هيمان بادشاهہ جو غيبدان هو. خدا پنهنجي واعدي موجب کيس وڌائڻ لاءِ چوڏهن پٽ ۽ ٽي ڌيئرون ڏنيون.
6
اهي سڀ پنهنجي پيءُ جي نگرانيءَ هيٺ خداوند جي هيڪل ۾ عبادت لاءِ ٽليون، دنبورا ۽ سارنگيون وڄائيندا هئا. آسف، يدوتون ۽ هيمان پاڻ بادشاهہ جي نگرانيءَ هيٺ هئا.
7
اهي چوويهہ ئي ڄڻا ڳائڻ وڄائڻ جا ماهر هئا ۽ انهن سان گڏ ٻيا لاوي سکيا ورتل سازندا پڻ هئا، جيڪي جملي ٻہ سؤ اٺاسي ڄڻا هئا.
8
انهن کي پڻ ننڍ وڏائيءَ توڙي استادي شاگرديءَ جي فرق کان سواءِ ڪڻا وجھي خدمت لاءِ چونڊيو ويو.
9
اهي ٻہ سؤ اٺاسي ماڻهو پنهنجي گھراڻن مطابق چوويهن ٽولن ۾ ورهايا ويا، هر ٽولي ۾ ٻارهن ٻارهن ڄڻا شامل هئا. انهن جي ذميواريءَ جي ترتيب موجب سندن اڳواڻ هي هئا: پهرئين ٽولي جو اڳواڻ آسف جي گھراڻي مان يوسف هو، ٻئي ٽولي جو اڳواڻ جِدلياہ هو،
10
ٽئين ٽولي جو اڳواڻ زڪور هو،
11
چوٿين ٽولي جو اڳواڻ ضري هو،
12
پنجين ٽولي جو اڳواڻ نتنياہ هو،
13
ڇهين ٽولي جو اڳواڻ بقياہ هو،
14
ستين ٽولي جو اڳواڻ يسريلاہ هو،
15
اٺين ٽولي جو اڳواڻ يسعياہ هو،
16
نائين ٽولي جو اڳواڻ متنياہ هو،
17
ڏهين ٽولي جو اڳواڻ شمعي هو،
18
يارهين ٽولي جو اڳواڻ عزيايل هو،
19
ٻارهين ٽولي جو اڳواڻ حسبياہ هو،
20
تيرهين ٽولي جو اڳواڻ سبوايل هو،
21
چوڏهين ٽولي جو اڳواڻ متتياہ هو،
22
پندرهين ٽولي جو اڳواڻ يريموت هو،
23
سورهين ٽولي جو اڳواڻ حنانياہ هو،
24
سترهين ٽولي جو اڳواڻ يسبقاشہ هو،
25
ارڙهين ٽولي جو اڳواڻ حناني هو،
26
اوڻيهين ٽولي جو اڳواڻ ملوتي هو،
27
ويهين ٽولي جو اڳواڻ الياتہ هو،
28
ايڪيهين ٽولي جو اڳواڻ هوتير هو،
29
ٻاويهين ٽولي جو اڳواڻ جدالتي هو،
30
ٽيويهين ٽولي جو اڳواڻ محازيوت هو
31
۽ چوويهين ٽولي جو اڳواڻ روممتيعزر هو.
← Chapter 24
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 26 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
Recommended Reading
Commentary
1 Chronicles Commentaries
→
Devotional
1 Chronicles Devotional Guide
→
Get This Bible
Muslim Study Bible
→