bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
1 Chronicles 27
1 Chronicles 27
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 26
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 28 →
1
هي بني اسرائيل جا اهي ماڻهو آهن جيڪي گھراڻن جا وڏا، لشڪر جا هزارن ۽ سون جا سالار ۽ سپهہسالار هئا ۽ جن ٽولن جي صورت ۾ دائود بادشاهہ لاءِ ملڪ جي هر خدمت سرانجام ٿي ڏني. پوري سال جي هر مهيني الڳ الڳ ٽولو خدمتون انجام ڏيندو هو. انهن مان هر هڪ ٽولي ۾ چوويهہ هزار ماڻهو هوندا هئا.
2
پهريون مهينو: يسوبعام ولد زبديايل جيڪو بني فارص ولد يهوداہ مان هو. ٻيو مهينو: دودي اخوحي. مقوت سندس نائب هو. ٽيون مهينو: يهويدع ڪاهن جو پٽ بناياہ. هي اهو بناياہ آهي جيڪو ”ٽيهن جو ٽولو“ جي بهادرن مان سڀني کان طاقتور ۽ سندن اڳواڻ پڻ هو. سندس پٽ عميزباد بہ سندس ٽولي ۾ شامل هو. چوٿون مهينو: يوآب جو ڀاءُ عساهيل. سندس پٽ زبدياہ سندس نائب هو. پنجون مهينو: سمهوت ازراخي. ڇهون مهينو: عيرا ولد عقيس تقوعي. ستون مهينو: بني افرائيم مان خلص فلطي. اٺون مهينو: زرحي ولد يهوداہ جي گھراڻي مان سبڪي حوساتي. نائون مهينو: بني بنيامين مان ابيعزر عنتوتي. ڏهون مهينو: زرحي ولد يهوداہ جي گھراڻي مان مهري نطوفاتي. يارهون مهينو: بني افرائيم مان بناياہ فرعاتوني. ٻارهون مهينو: غتنيايل جي گھراڻي مان خلدي نطوفاتي.
3
دائود بادشاهہ جي دور ۾ بني اسرائيل جي قبيلن مٿان هي عملدار مقرر ٿيل هئا: روبن قبيلي جو عملدار اليعزر ولد زڪري هو، شمعون قبيلي جو عملدار سفطياہ ولد معڪہ هو،
4
لاوي قبيلي جو عملدار حسبياہ ولد فموايل هو، هارون جي گھراڻي جو عملدار صدوق هو،
5
يهوداہ قبيلي جو عملدار اليهو هو، جيڪو دائود بادشاهہ جي ڀائرن مان هڪ هو، اِسڪار قبيلي جو عملدار عمري ولد ميڪاايل هو،
6
زبولون قبيلي جو عملدار اسماعياہ ولد عبدياہ هو، نفتالي قبيلي جو عملدار يريموت ولد عزريايل هو،
7
افرائيم قبيلي جو عملدار هوسيع ولد عزازياہ هو، اولهہ واري منسي قبيلي جو عملدار يوايل ولد فداياہ هو،
8
اوڀر واري منسي قبيلي جو عملدار عيدو ولد زڪرياہ هو، بنيامين قبيلي جو عملدار يعسيايل ولد ابنير هو
9
۽ دان قبيلي جو عملدار عزرايل ولد يروحام هو.
10
دائود بادشاهہ ويهن سالن جي عمر وارن يا انهيءَ کان گھٽ عمر وارن کي شمار نہ ڪيو، ڇاڪاڻ تہ خداوند فرمايو هو تہ هو بني اسرائيل کي ايترو تہ وڌائيندو جيترا آسمان ۾ تارا آهن.
11
يوآب جنهن جي ماءُ جو نالو ضروياہ هو، تنهن آدمشماري ڪرڻ شروع ڪئي پر اُها پوري نہ ڪيائين. انهيءَ آدمشماريءَ ڪرڻ ڪري بني اسرائيل تي خداوند جو غضب اچي ڪڙڪيو ۽ اُهو شمار بادشاهہ دائود جي تواريخ جي ڪتاب ۾ داخل نہ ڪيو ويو.
12
شاهي خزانن جو نگران عزماوت ولد عديايل هو. ٻاهرين علائقن، شهرن، ڳوٺن ۽ چونڪين جي خزانن جو نگران يونتن ولد عُزياہ هو.
13
ٻنين ۾ پوک ڪندڙن جو نگران عزري ولد ڪلوب هو.
14
انگورن جي باغ جو نگران شمعي راماتي هو. مئي جي گدامن واسطي انگورن جي باغ جي پيدائش جو نگران زبدي شفمي هو.
15
زيتون جا باغ، انجير جا وڻ جيڪي هيٺاهين زمين ۾ هئا تن جو نگران بعلحنان جدري هو ۽ زيتون جي تيل جي گدامن جو نگران يوآس هو.
16
جيڪو مال شارون چراگاهہ ۾ چرندو هو تنهن جو نگران سطري شاروني هو. جيڪو مال ماٿرين ۾ هو تنهن جو نگران سافط ولد عدلي هو.
17
اٺن جو نگران اوبل اسماعيل گھراڻي وارو هو. گڏهن جو نگران يحدياہ مرونوتي هو.
18
رڍن ٻڪرين جي ڌڻن جو نگران يازيز هاجري هو. اهي سڀ ماڻهو دائود بادشاهہ جي ملڪيت جا منتظم هئا.
19
دائود جو چاچو يونتن عقلمند مشير ۽ شاهي محرر هو. يحيايل ولد حڪموني شهزادن جي سنڀال تي مقرر هو.
20
اخيتفل بادشاهہ جو صلاحڪار هو. حوسي ارڪي بادشاهہ جو دوست هو.
21
اخيتفل جي وفات کان پوءِ يهويدع ولد بناياہ ۽ ابيياتر مشير بڻيا. شاهي فوج جو سپهہسالار يوآب هو.
← Chapter 26
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 28 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
Recommended Reading
Commentary
1 Chronicles Commentaries
→
Devotional
1 Chronicles Devotional Guide
→
Get This Bible
Muslim Study Bible
→