bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
1 Chronicles 15
1 Chronicles 15
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 14
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 16 →
1
دائود پنهنجي لاءِ ” دائود جي شهر“ ۾ گھر تعمير ڪرايا. هن خدا جي عهد واري صندوق لاءِ پڻ هڪڙي جاءِ تيار ڪرائي، جتي انهيءَ لاءِ هڪڙو تنبو کوڙايائين.
2
پوءِ دائود چيو تہ ” لاوين کان سواءِ ٻيو ڪوبہ خدا جي عهد واري صندوق نہ کڻي اچي، ڇاڪاڻ تہ اهي لاوي ئي آهن جن کي خداوند پنهنجي عهد واري صندوق کڻڻ ۽ هميشہ تائين انهيءَ جي خدمت ڪرڻ لاءِ چونڊيو هو.“
3
سو دائود بني اسرائيل جا سڀيئي ماڻهو يروشلم ۾ سڏايا، تہ جيئن خداوند جي عهد واري صندوق کڻي اچي انهيءَ جاءِ تي رکن جيڪا هن انهيءَ لاءِ تيار ڪرائي هئي.
4
ٻيو تہ خاص ذميوارين لاءِ هن هارون ڪاهن جي گھراڻي سان گڏ بني لاوي جي ٻين گھراڻن کي پڻ گھرايو.
5
بني لاويءَ جي قهات گھراڻي مان اوريايل، پنهنجي هڪ سؤ ويهن مائٽن سميت آيو،
6
مراري گھراڻي مان عساياہ، پنهنجي ٻہ سؤ ويهن مائٽن سميت آيو،
7
جيرشون گھراڻي مان يوايل، پنهنجي هڪ سؤ ٽيهن مائٽن سميت آيو،
8
اليصفن گھراڻي مان سمعياہ، پنهنجي ٻہ سؤ مائٽن سميت آيو،
9
حبرون گھراڻي مان اليايل، پنهنجي اسي مائٽن سميت آيو،
10
عزيايل گھراڻي مان عمينداب، پنهنجي هڪ سؤ ٻارهن مائٽن سميت آيو. اهي سڀ پنهنجي پنهنجي گھراڻي مان آندل مائٽن جا اڳواڻ هئا.
11
پوءِ دائود ، صدوق ۽ ابيياتر ڪاهنن کي ۽ لاوين مان اوريايل، عساياہ، يوايل، سمعياہ، اليايل ۽ عمينداب کي سڏايو.
12
هن کين چيو تہ ”اوهين لاوي گھراڻن جا وڏا آهيو. اوهين پاڻ کي ۽ پنهنجن لاوي ڀائرن کي پاڪ ڪريو ۽ پوءِ وڃي خداوند ، بني اسرائيل جي خدا جي عهد واري صندوق کڻي اچي انهيءَ جاءِ تي رکو جيڪا مون ان لاءِ تيار ڪئي آهي.
13
اڳئين ڀيري جڏهن اوهان پاڻ انهيءَ کي نہ کنيو هو، تڏهن خداوند اسان جو خدا اسان تي ڏمريو هو، ڇاڪاڻ تہ اسان کانئس پڇا ڪانہ ڪئي هئي تہ اها ڪهڙيءَ طرح کڻي هلون.“
14
تڏهن ڪاهنن ۽ لاوين خداوند ، بني اسرائيل جي خدا جي عهد واري صندوق کڻي اچڻ لاءِ پاڻ کي پاڪ ڪيو.
15
بني لاوي خدا جي عهد واري صندوق ۾ ٻانهيون وجھي اها پنهنجن ڪلهن تي کڻي آيا، جيئن موسيٰ خداوند جي فرمان موجب کين حڪم ڏنو هو.
16
دائود لاوين جي اڳواڻن کي چيو تہ هو پنهنجن لاوي ڀائرن مان ڪي ڳائڻا مقرر ڪن، تہ جيئن اهي دنبورن، سارنگين ۽ ٽلين جا ساز وڄائي وڏي آواز سان خوشيءَ جا گيت ڳائين.
17
سو لاوين هيمان ولد يوايل، سندس مائٽن مان آسف ولد برڪياہ ۽ سندس مائٽن بني مراريءَ مان ايتان ولد قوسياہ کي مقرر ڪيو.
18
انهن سان گڏ سندن مائٽن مان ٻئي درجي وارا ڳائڻا هي هئا: زڪرياہ، يعزيئيل، سميراموت، يحيئيل، عني، الياب، بناياہ، معسياہ، متتياہ، الفلهو، مقنياہ ۽ هيڪل جا هي ٻہ دربان عوبيدادوم ۽ يعيايل.
19
انهن سڀني مان هيمان، آسف ۽ ايتان ٽليون وڄائي ڳائڻ تي مقرر ٿيا،
20
زڪرياہ، يعزيئيل، سميراموت، يحيئيل، عني، الياب، معسياہ ۽ بناياہ اوچي سر تي تار وارا ساز وڄائڻ تي مقرر ٿيا
21
۽ متتياہ، الفلهو، مقنياہ، عوبيدادوم، يعيايل، عززياہ ڳائيندڙن جي رهنمائي ڪرڻ لاءِ نيچي سر تي تار وارا ساز وڄائڻ تي مقرر ٿيا.
22
ڪنانياہ جيئن تہ ڳائڻ ۾ ماهر هو، سو هو راڳ ڳائيندڙ لاوين جو نگران مقرر ٿيو ۽ راڳ جو سر ڪڍندو هو.
23
برڪياہ ۽ القانہ عهد واري صندوق لاءِ دربان مقرر ٿيا.
24
شبنياہ، يهوسفط، نتنيايل، عماسي، زڪرياہ، بناياہ ۽ اليعزر جيڪي ڪاهن هئا، سي خداوند جي عهد واري صندوق جي اڳيان شرنايون وڄائڻ تي مقرر ڪيا ويا. عوبيدادوم ۽ يحياہ عهد واري صندوق لاءِ پڻ دربان ٿيا.
25
سو دائود ، بني اسرائيل جا اڳواڻ ۽ هزارن جي دستن جا فوجي سالار عوبيدادوم جي گھران خداوند جي عهد واري صندوق کڻي اچڻ لاءِ خوشيون ڪندا ويا.
26
جيئن تہ خدا انهن لاوين جي مدد ڪئي جيڪي خداوند جي عهد واري صندوق کنيو پئي آيا، سو ست ڏاند ۽ ست گھٽا قربان ڪيا ويا.
27
دائود کي توڙي صندوق کڻي هلڻ وارن سڀني لاوين ، سڀني ڳائڻن ۽ ڳائڻ وارن جي اڳواڻ ڪنانياہ کي عمدي سڻيءَ جا جبا پهريل هئا. دائود کي سڻيءَ جو مذهبي وڳو پڻ پهريل هو.
28
سو بني اسرائيل جا سڀيئي ماڻهو خوشيءَ وچان نعرا هڻندي ۽ نفيلون، شرنايون، ٽليون ۽ تارن وارا ساز وڄائيندي خداوند جي عهد واري صندوق يروشلم ۾ کڻي آيا.
29
جيئن ئي خداوند جي عهد واري صندوق دائود جي شهر ۾ داخل ٿي، تيئن ئي سائول جي ڌيءَ ميڪل دريءَ مان ٻاهر نهاريو ۽ جڏهن دائود بادشاهہ کي نچندو ٽپندو ڏٺائين تڏهن سندس دل ۾ هن لاءِ حقارت ٿيڻ لڳي.
← Chapter 14
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 16 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29