bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
1 Chronicles 16
1 Chronicles 16
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 15
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 17 →
1
هنن خدا جي عهد واري صندوق اندر آڻي انهيءَ تنبوءَ جي وچ ۾ رکي، جيڪو دائود انهيءَ لاءِ کوڙيو هو. پوءِ هنن خدا جي حضور ۾ ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ واريون قربانيون پيش ڪيون.
2
جڏهن دائود قربانيون پيش ڪري چڪو، تڏهن هن خداوند جي نالي سان ماڻهن کي دعا ڪئي.
3
پوءِ هن بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن، مردن توڙي عورتن کي هڪڙي هڪڙي ماني، هڪڙو پڪل گوشت جو ٽڪرو ۽ ڪشمش جي هڪڙي ٽڪي ورهائي ڏني.
4
هن لاوين مان ڪن کي مقرر ڪيو تہ هو خداوند جي عهد واري صندوق جي اڳيان عبادت ڪرڻ ۾ اڳواڻي ڪن، تانتہ خداوند ، بني اسرائيل جي خدا جو ذڪر، شڪر ۽ تعريف ڪئي وڃي.
5
آسف اڳواڻ هو ۽ زڪرياہ سندس مددگار هو. يعيايل، سميراموت، يحيئيل، متتياہ، الياب، بناياہ، عوبيدادوم ۽ يعيايل دنبورا ۽ سارنگيون وڄائڻ تي مقرر هئا. آسف ٽليون وڄائڻ تي مقرر هو.
6
بناياہ ۽ يحزيئيل ڪاهن باقاعدگيءَ سان خداوند جي عهد واري صندوق جي اڳيان شرنايون وڄائڻ تي مقرر هئا.
7
انهيءَ ئي ڏينهن دائود آسف ۽ سندس ساٿين کي ڳائڻ لاءِ پهريون دفعو خداوند جي تعريف جو هي گيت ڏنو تہ هو ڳائين.
8
اوهين خداوند جو شڪر ڪريو ۽ سندس نالو پڪاريو، اوهين سندس ڪمن کي قومن منجھہ بيان ڪندا رهو.
9
اوهين انهيءَ جا گيت ڳائيندي سندس واکاڻ ڪريو، هن جيڪي عجيب ڪم ڪيا آهن تن سڀني جو ذڪر ڪريو.
10
اوهين هن جي پاڪ نالي تي فخر ڪندا رهو، ڀل تہ انهن سڀني جون دليون خوش ٿين، جيڪي خداوند جا طالبو آهن.
11
اوهين خداوند جا ۽ سندس قدرت جا طالبو رهو، اوهين سندس ديدار جي طلب رکندي هيڪل ۾ ايندا رهو.
12
اي اوهين! جيڪي يعقوب ، يعني انهيءَ جي چونڊيل بندي اسرائيل جو نسل آهيو، اوهين خدا جي انهن عجيب ڪمن کي ياد ڪريو، جيڪي هن ڪيا آهن. هائو، اوهين هن جي معجزن ۽ سندس ٻڌايل فيصلن کي ياد رکو.
14
بيشڪ اهو ئي خداوند اسان جو خدا آهي. انهيءَ جا ئي فيصلا سڄي ڌرتيءَ تي رائج آهن.
15
هو ابد تائين پنهنجي عهد کي ياد رکڻ وارو آهي، يعني انهيءَ واعدي کي جيڪو هزار پيڙهين لاءِ هن فرمايو هو،
16
هائو، اهو ئي عهد جيڪو هن ابراهيم سان ٻڌو هو، هائو، اهو ئي قسم جيڪو هن اسحاق سان کنيو هو.
17
انهيءَ عهد کي هن يعقوب جي لاءِ قانونِ محڪم بڻايو، ۽ سندس اولاد لاءِ پڻ هن انهيءَ کي ابدي عهد قرار ڏنو،
18
جڏهن يعقوب کي فرمايائين تہ ”آءٌ تو کي ڪنعان جو ملڪ ڏيندس، تانتہ اهو ملڪ تنهنجي ميراث ٿئي.“
19
انهيءَ وقت بني يعقوب بلڪل ئي ٿورا هئا، ۽ جنهن ملڪ ڪنعان ۾ هو رهيا ٿي تنهن ۾ ڌاريا هئا.
20
انهيءَ وقت هو هڪڙي قوم کان ٻيءَ قوم ڏانهن ڀٽڪندا رهندا هئا، هائو، اهي هڪڙي بادشاهت کان ٻيءَ ڏانهن پيا ڀٽڪندا هئا.
21
مگر خدا مٿن ڪنهن کي بہ ظلم ڪرڻ نہ ڏنو، بلڪ انهن جي خاطر هن بادشاهن کي بہ ڇينڀيو هو.
22
هن انهن کي تاڪيد ڪيو هو تہ ”هي منهنجا مسح ڪري مخصوص ڪيل نبي آهن، جن کي اوهين نڪي هٿ لايو، نہ وري ڪو نقصان رسايو.“
23
اي ڌرتيءَ جا سڀ رهاڪؤ! خداوند جي واکاڻ ڳايو، اوهين روزانو سندس بچائڻ واري ڪم جو بيان ڪندا رهو.
24
اوهين سڀني قومن ۾ سندس عظمت ظاهر ڪريو. هائو، هن جا عجيب ڪم سڀني ماڻهن کي بيان ڪري ٻڌايو،
25
ڇاڪاڻ تہ خداوند عظيم ۽ سڀني تعريفن جي لائق آهي. بيشڪ سڀني معبودن جي ڀيٽ ۾ خدا ئي تعظيم جي لائق آهي.
26
ٻين قومن جا سڀ معبود رڳو بيجان بت آهن، پر اهو خداوند ئي آهي جنهن آسمانن کي بڻايو آهي.
27
بيشڪ عظمت ۽ حشمت هن جي ئي حضور ۾ آهن، ۽ طاقت ۽ خوشي بہ سندس مقدس ترين جاءِ ۾ آهن.
28
اي دنيا جون سڀيئي قومون! خداوند جي واکاڻ ڪريو، اوهين سندس قدرت ۽ عظمت جي واکاڻ ڪريو.
29
اوهين خداوند جي نالي جي لائق سندس عظمت واکاڻيو. اوهين هيڪل ۾ اچي سندس حضور ۾ نذرانا پيش ڪريو. اوهين پاڪيزگيءَ جي حسن سان خداوند کي سجدو ڪريو.
30
اي ڌرتيءَ جا سڀ رهاڪؤ! اوهين هن جي آڏو ڏڪندا رهو. هُن ڌرتيءَ کي اهڙيءَ طرح قائم ڪيو آهي، جيئن انهيءَ کي ڪو لوڏو نہ اچي.
31
ڀلي آسمان خوشيون ڪن ۽ ڌرتي بہ ڀل سرهي ٿئي. اوهين قومن منجھہ هي اعلان ڪريو تہ ” خداوند ئي بادشاهہ آهي.“
32
ڀلي سمنڊ ۽ انهن ۾ موجود هر ڪا مخلوق گجگوڙ ڪري، ڀلي ميدان ۽ انهن منجھہ جيڪي بہ آهي، سي سڀ خوشيون ڪن.
33
ڀلي تہ ٻيلن جا سڀيئي وڻ خوشيءَ وچان ڳائيندا رهن. هائو، اهي خداوند جي حضور ۾ ڳائين، ڇاڪاڻ تہ هو دنيا وارن جو انصاف ڪرڻ لاءِ اچي رهيو آهي.
34
اوهين خداوند جا ٿورا مڃيو، ڇاڪاڻ تہ هو ڀلو آهي ۽ سندس شفقت هميشہ جي لاءِ آهي.
35
اوهين کيس چئو تہ ”اي اسان جا بچائيندڙ خدا! اسان کي بچاءِ، اسان کي ڌارين قومن مان ڪڍي پنهنجي وطن ۾ آڻي گڏ ڪر، تانتہ اسين تنهنجو شڪر ادا ڪندا رهون، ۽ تنهنجي نالي جي حمد وَ ثنا تي فخر پيا ڪريون.“
36
شل خداوند ، بني اسرائيل جو خدا، ازل کان ابد تائين سڳورو هجي. پوءِ سڀني ماڻهن ”آمين“ چيو ۽ خدا جي واکاڻ ڪيائون.
37
دائود بادشاهہ آسف ۽ سندس ساٿين کي خداوند جي عهد واري صندوق جي اڳيان هميشہ لاءِ خدمت ڪرڻ واسطي مقرر ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ هو روزانو واري ضروري ڪم موجب خدمت ڪندا رهن.
38
هن عوبيدادوم ۽ سندس اٺهٺ ساٿين کي ساڻن خدمت لاءِ رکيو. عوبيدادوم ولد يدوتون ۽ حوساہ دربان مقرر ڪيا ويا.
39
خداوند جي مقدس خيمي اڳيان، جيڪو جِبعون وٽ مٿاهينءَ جاءِ تي هو، اتي دائود صدوق ڪاهن ۽ سندس ٻين ساٿي ڪاهنن کي مقرر ڪيو.
40
انهيءَ لاءِ تہ هو خداوند لاءِ هميشہ صبح توڙي شام جو قربانگاهہ تي ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪن، انهيءَ طريقي موجب جيڪو خداوند جي شريعت ۾ لکيل آهي ۽ جنهن جو هن بني اسرائيل کي حڪم ڏنو هو.
41
انهن سان گڏ هيمان ۽ يدوتون ۽ باقي ٻيا جيڪي چونڊيل هئا، سي بہ خداوند جي دائمي رحمت جي ڪري سندس تعريف جا گيت ڳائن.
42
هيمان ۽ يدوتون شرنايون ۽ ٽليون وڄائڻ تي مقرر هئا. خدا جا گيت ڳائڻ لاءِ هو ٻين سازن وڄائڻ تي پڻ مقرر هئا. بني يدوتون وارا ٻاهرئين دروازي تي دربان مقرر ڪيا ويا.
43
پوءِ هر ڪو پنهنجي پنهنجي گھر ڏانهن هليو ويو ۽ دائود بہ پنهنجي گھر موٽيو تہ جيئن پنهنجي ڪٽنب جي سار سنڀال لهي.
← Chapter 15
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 17 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
Recommended Reading
Commentary
1 Chronicles Commentaries
→
Devotional
1 Chronicles Devotional Guide
→
Get This Bible
Muslim Study Bible
→