bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
1 Chronicles 23
1 Chronicles 23
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 22
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 24 →
1
جڏهن دائود تمام پوڙهو ٿي ويو، تڏهن هن پنهنجي پٽ سليمان کي بني اسرائيل تي بادشاهہ مقرر ڪيو.
2
دائود بادشاهہ بني اسرائيل جا سڀ اڳواڻ، ڪاهن ۽ لاوي پاڻ وٽ گھرايا.
3
ٽيهن سالن ۽ انهيءَ کان مٿي عمر وارن لاوين کي ڳڻيو ويو، جن جو تعداد اٺٽيهہ هزار ٿيو.
4
بادشاهہ انهن مان چوويهہ هزار خداوند جي هيڪل جي خدمت لاءِ مقرر ڪيا ۽ ڇهن هزارن کي عملدار ۽ جج مقرر ڪيائين.
5
بادشاهہ چئن هزارن کي دربان مقرر ڪيو ۽ چئن هزارن کي مقرر ڪيائين تہ اهي خداوند جي واکاڻ انهن سازن سان ڪن جيڪي کين پاڻ موجود ڪري ڏنا هئائين.
6
دائود لاوين کي سندن گھراڻن موجب ٽن حصن ۾ ورهايو، يعني جيرشون، قهات ۽ مراري.
7
جيرشون ولد لاوي جا پٽ لبني ۽ شمعي هئا.
8
لبني ولد جيرشون جا ٽي پٽ هئا: يحيايل، زيتام ۽ يوايل.
9
اهي لبني جي اولاد مان گھراڻن جا وڏا هئا. شمعي ولد جيرشون جا هي ٽي پٽ هئا: سلوميت، حزيايل ۽ حاران.
10
شمعيءَ جا هي چار پٽ بہ هئا: يحت، زينا، يعوس ۽ بريعہ.
11
يحت پهريتو هو ۽ زينا ٻئي نمبر تي ڄائو. جيئن تہ يعوس ۽ بريعہ کي گھڻو اولاد ڪونہ هو تنهنڪري انهن کي هڪڙو ئي گھراڻو شمار ڪيو ويو.
12
قهات جا هي چار پٽ هئا: عمرام، اضهار، حبرون ۽ عزيايل.
13
عمرام ولد قهات جا پٽ هارون ۽ موسيٰ هئا. هارون ۽ سندس اولاد کي هميشہ لاءِ ڪاهن مقرر ڪيو ويو هو تہ هو مخصوص شين جي سنڀال ڪن، خداوند اڳيان جانورن جون قربانيون پيش ڪن، سندس خدمت ڪن ۽ سندس نالي تي هميشہ دعا ڏيندا رهن.
14
پر خدا جي بندي موسيٰ جي اولاد کي رڳو لاوين جي قبيلي طور ڳڻيو ويو.
15
موسيٰ جا پٽ جيرشوم ۽ اليعزر هئا.
16
جيرشوم جو پٽ سبوايل پنهنجي گھراڻي جو وڏو بڻيو.
17
اليعزر کي رحبياہ نالي هڪڙو ئي پٽ هو، جنهن کي گھڻو ئي اولاد هو.
18
اضهار ولد قهات جو پٽ سلوميت پنهنجي گھراڻي جو وڏو هو.
19
حبرون ولد قهات جا ترتيبوار هي چار پٽ هئا: يرياہ، امرياہ، يحزيايل ۽ يقمعام.
20
عزيايل ولد قهات جا ٻہ پٽ هئا: پهريون ميڪاہ ۽ ٻيو يسياہ.
21
مراريءَ جا پٽ محلي ۽ موشي هئا. محلي ولد مراريءَ جا پٽ اليعزر ۽ قيس هئا.
22
اليعزر ريپٽيتو مري ويو، کيس رڳو ڌيئر هيون. قيس جا پٽ جيڪي سندن سؤٽ هئا تن ساڻن شاديون ڪيون.
23
موشي ولد مراريءَ جا هي ٽي پٽ هئا: محلي، عيدر ۽ يريموت.
24
سو لاويءَ جو اولاد اهي هئا، جن مان هر هڪ پنهنجي پنهنجي گھراڻي ۽ ڪٽنب جي وڏي طور پنهنجي پنهنجي نالي سان شمار ڪيو ويو. لاويءَ جي اولاد مان جيڪي ويهن سالن ۽ ان کان مٿي جي عمر جا هئا، سي خداوند جي هيڪل ۾ خدمت تي مقرر هئا.
25
انهيءَ سبب جو دائود چيو هو تہ ” خداوند ، بني اسرائيل جي خدا پنهنجيءَ قوم کي آرام بخشيو آهي ۽ يروشلم ۾ هميشہ لاءِ رهڻ آيو آهي.
26
هاڻ لاوين کي وري ڪڏهن بہ مقدس خيمو ۽ انهيءَ جي خدمت جا ٿانوَ کڻڻا نہ پوندا.“
27
سو دائود جي آخري هدايتن موجب ويهن سالن ۽ ان کان مٿي عمر وارا بني لاوي شمار ڪيا ويا.
28
لاوين تي اهو ڪم رکيو ويو تہ هو خداوند جي هيڪل جي خدمت جي وقت، اڱڻ ۽ حجرن ۾ ۽ سڀني مخصوص شين جي سنڀال ڪرڻ ۾ بني هارون جي مدد ڪن.
29
سندن هيءَ پڻ ذميواري هئي: خداوند اڳيان نذر ڪيل ماني، نذرانن ۾ استعمال ٿيندڙ اٽو، بيخميري ڍوڍا، پڪل مانين جا نذرانا ۽ زيتون جي تيل ۾ ڳوهيل اٽو پيش ڪرڻ، خداوند جي هيڪل ۾ پيش ٿيندڙ نذرانن جي تور ماپ ڪرڻ،
30
روز صبح ۽ شام جو خداوند جو شڪر ۽ تعريف ڪرڻ
31
۽ سبت ، نئين چنڊ جي عيد ۽ ٻين مقرر ڪيل عيدن تي قربانيون پيش ڪرڻ وقت پڻ خداوند جو شڪر ۽ تعريف ڪرڻ. انهن لاءِ قاعدا مقرر ڪيا ويا تہ خداوند جي حضور ۾ انهن ذميوارين پوري ڪرڻ لاءِ هر مقرر ڪيل وقت تي ڪيتري تعداد ۾ هجن. لاوين کي هميشہ لاءِ خداوند جي عبادت جي اها ذميواري سونپي ويئي.
32
اهڙيءَ طرح لاوي مقدس خيمي ۽ ان جي مخصوص شين جي حفاظت وارن قاعدن مطابق بني هارون يعني ڪاهنن جي نظرداريءَ هيٺ خداوند جي هيڪل جي خدمت ڪندا ٿا اچن.
← Chapter 22
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 24 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
Recommended Reading
Commentary
1 Chronicles Commentaries
→
Devotional
1 Chronicles Devotional Guide
→
Get This Bible
Muslim Study Bible
→