bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
1 Chronicles 22
1 Chronicles 22
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 21
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 23 →
1
سو دائود چيو تہ ”هتي اَن ڳاهڻ واري پِڙ وٽ ئي خداوند جي هيڪل ٺاهي ويندي ۽ اڳتي هيءَ ئي بني اسرائيل لاءِ ساڙڻ واري قرباني پيش ڪرڻ جي قربانگاهہ ٿيندي.“
2
دائود بادشاهہ جي حڪم مطابق بني اسرائيل جي ملڪ ۾ جيڪي ڌاريا ماڻهو هئا تن کي گڏ ڪري انهن مان سنگتراش مقرر ڪيا ويا تہ جيئن اهي خدا جي هيڪل لاءِ پٿر گھڙين.
3
دائود درن جي طاقن ۽ جوڙن جي ڪلين لاءِ تمام گھڻو لوهہ ۽ بيانداز پتل پڻ ڏنو.
4
هن صيدانين ۽ صور جي رهاڪن کان گھرايل تمام گھڻا ديال جا بنڊ پڻ ڏنا.
5
دائود چيو تہ ”منهنجو پٽ سليمان اڃان ننڍڙو ۽ ناتجربيڪار آهي. خداوند جي لاءِ جيڪو گھر ٺاهڻو آهي سو تمام سهڻو ۽ سڄيءَ دنيا ۾ مشهور ۽ شاندار هئڻ گھرجي. تنهنڪري آءٌ انهيءَ لاءِ اڳي ئي تياري ڪري ڇڏيان.“ سو دائود انهيءَ لاءِ پنهنجي وفات کان اڳي ئي گھڻي تياري ڪري ڇڏي هئي.
6
پوءِ هن پنهنجي پٽ سليمان کي گھرائي خداوند ، بني اسرائيل جي خدا لاءِ هڪڙو گھر تعمير ڪرڻ جو تاڪيد ڪيو.
7
دائود پنهنجي پٽ سليمان کي چيو تہ ”اي پٽ! اها ڳالهہ منهنجي دل ۾ تہ هئي تہ آءٌ خداوند پنهنجي خدا جي نالي تي هڪڙو گھر ٺاهيان.
8
پر خداوند مون کي فرمايو تہ ’تو گھڻو رت وهايو آهي ۽ وڏيون جنگيون وڙهيو آهين. سو زمين تي انهيءَ وهايل رت جي ڪري تون منهنجي نالي تي گھر نہ ٿو ٺاهي سگھين.
9
پر تو کي هڪڙو پٽ ڄمندو جيڪو صلح پسند هوندو ۽ آءٌ کيس سڀني آسپاس وارن دشمنن کان آرام ڏيندس. هن جو نالو سليمان هوندو ۽ آءٌ هن جي بادشاهيءَ جي ڏينهن ۾ بني اسرائيل کي امن ۽ سلامتي ڏيندس.
10
هو ئي منهنجي نالي تي هيڪل ٺاهيندو. هو منهنجو پٽ ٿيندو ۽ آءٌ سندس پيءُ ٿيندس. آءٌ سندس بادشاهت جو تخت هميشہ لاءِ بني اسرائيل تي قائم ڪندس.‘“
11
دائود وڌيڪ چيو تہ ”هاڻي اي پٽ! خداوند شل تو سان گڏ هجي ۽ خداوند تنهنجو خدا پنهنجي هيڪل ٺاهڻ ۾ شل تو کي ڪامياب ڪري، جيئن هن تنهنجي باري ۾ فرمايو آهي.
12
جڏهن خداوند بني اسرائيل کي تنهنجي حڪم هيٺ رکي، تڏهن شل هو تو کي عقل ۽ سمجھہ ڏئي تہ جيئن تون خداوند پنهنجي خدا جي شريعت جي پيروي ڪري سگھين.
13
جيڪڏهن تون انهن قاعدن قانونن تي وڏي خبرداريءَ سان هلندين، جيڪي خداوند موسيٰ جي معرفت بني اسرائيل کي ڏنا هئا، تہ پوءِ تون ڪامياب ٿي ويندين. سو مضبوط ۽ همت وارو ٿيءُ، نڪي ڊڄ ۽ نہ ئي وري همت هار.
14
ڏس، مون ڏاڍي ڪوشش سان خداوند جي گھر لاءِ ساڍا ٽي هزار ٽن سون ۽ چوٽيهہ هزار پنج سؤ ٽن چاندي گڏ ڪئي آهي. انهيءَ کان سواءِ بيانداز لوهہ ۽ پتل بہ گڏ ڪيو اٿم ۽ ڪاٺ ۽ پٿر بہ تيار ڪيو اٿم، مگر تون انهن کي اڃا بہ وڌاءِ.
15
تو وٽ گھڻا ئي ڪاريگر سنگتراش، پٿر ۽ ڪاٺ تي اُڪر جو ڪم ڪندڙ ۽ اهڙا ماڻهو پڻ آهن جيڪي طرح طرح جي ڪمن ۾ ماهر آهن،
16
يعني سون، چانديءَ، پتل ۽ لوهہ جي ڪم ۾. سو هاڻ ڪم شروع ڪر، خداوند شل هميشہ تو سان گڏ هجي!“
17
پوءِ دائود بني اسرائيل جي سڀني اڳواڻن کي حڪم ڏنو تہ سندس پٽ سليمان جي مدد ڪن.
18
هن کين چيو تہ ” خداوند اوهان جو خدا اوهان سان آهي. هن اوهان کي هر طرف کان آرام ڏنو آهي. هن ملڪ ۾ جيڪي اڳ رهندا هئا، تن کي هن منهنجي هٿ ۾ ڏنو آهي ۽ هاڻي هو سڀ خداوند جي ۽ اوهان جي تابع آهن.
19
هاڻ اوهين پنهنجي دل وَ جان سان خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪريو. هاڻ اُٿو ۽ خداوند خدا جي لاءِ هڪ عبادتگاهہ ٺاهيو، تہ جيئن اوهان خداوند جي عهد واري صندوق ۽ خدا جا پاڪ ٿانوَ آڻي انهيءَ گھر ۾ رکي سگھو، جيڪو خداوند جي نالي تي تعمير ڪيو ويندو.“
← Chapter 21
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 23 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29