bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
1 Chronicles 13
1 Chronicles 13
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 12
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 14 →
1
دائود بادشاهہ لشڪر جي هزارن ۽ سون جي ٽولن تي مقرر ڪيل سڀني سالارن سان صلاح مشورو ڪيو.
2
پوءِ هن بني اسرائيل جي سڀني گڏ ٿيل ماڻهن کي چيو تہ ”جيڪڏهن اوهان کي مناسب نظر اچي ۽ جيڪڏهن خداوند اسان جي خدا جي مرضي هجي تہ اسين پنهنجن باقي رهيل هموطنن ۽ ساڻن گڏ رهندڙ ڪاهنن ۽ لاوين ڏانهن قاصد موڪليون تہ اهي سڀ اچي اسان وٽ گڏ ٿين.
3
پوءِ اسين هلي پنهنجي خدا جي عهد واري صندوق موٽائي کڻي اچون، ڇاڪاڻ تہ سائول جي بادشاهيءَ جي ڏينهن ۾ اسان انهيءَ کي نظرانداز ڪيو هو.“
4
جيئن تہ اها ڳالهہ سڀني کي چڱي نظر آئي، تنهنڪري انهن وراڻيو تہ ”اسين ائين ئي ڪنداسين.“
5
پوءِ دائود ڏکڻ طرف مصر جي سيحور نديءَ کان وٺي اتر ۾ حمات لڪ تائين بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي سڏائي گڏ ڪيو، تہ جيئن قريتيعريم مان خدا جي عهد واري صندوق کڻي اچڻ وقت اهي موجود هجن.
6
دائود بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن سميت بعلہ يعني يهوداہ جي قريتيعريم شهر ڏانهن خداوند خدا جي عهد واري صندوق انهيءَ ڪري کڻي اچڻ لاءِ ويو، ڇاڪاڻ تہ اها خداوند جي نالي سان سڏبي آهي ۽ انهيءَ تي پردار آسماني مخلوق جي ٻن مجسمن جي وچ ۾ هو تختنشين آهي.
7
هنن خدا جي عهد واري صندوق هڪڙي نئين گاڏيءَ تي رکي ابينداب جي گھر مان ڪڍي آندي ۽ عُزہ ۽ اخيو اُها گاڏي ڪاهي،
8
جڏهن تہ دائود ۽ بني اسرائيل جا سڀ ماڻهو پنهنجي پوري جوش سان خدا جي حضور ۾ خوشيءَ وچان نچندا، گيت ڳائيندا ۽ دڦ، ٽليون شرنايون ۽ تارن وارا ساز وڄائيندا ٿي هليا.
9
جڏهن هو ڪيدون جي اَن ڳاهڻ واري پِڙ وٽ پهتا، تڏهن عُزہ هٿ ڊگھو ڪري صندوق کي جھليو، ڇاڪاڻ تہ ڏاندن ٿاٻو کاڌو.
10
تڏهن خداوند جي ڪاوڙ عُزہ تي اچي ڪڙڪي ۽ صندوق کي هٿ لائڻ جي ڪري خدا اتي ئي کيس ماري ڇڏيو. سو هو خدا جي عهد واري صندوق جي ڀرسان مري ويو.
11
سو دائود سخت ڪاوڙيو، ڇاڪاڻ تہ خداوند جو غضب عُزہ تي اچي ڪڙڪيو هو. پوءِ انهيءَ هنڌ جو نالو پرضعُزہ پئجي ويو جيڪو اڄ ڏينهن تائين هلندو پيو اچي.
12
دائود انهيءَ ڏينهن خدا کان ڏاڍو ڊنو ۽ چيائين تہ ”هاڻ ڪهڙيءَ طرح آءٌ خدا جي عهد واري صندوق پاڻ سان کڻي وڃان؟“
13
تنهنڪري دائود اها صندوق پنهنجي شهر يروشلم ڏانهن نہ کڻي ويو، پر اُها کڻائي عوبيدادوم جاتيءَ جي گھر ۾ رکايائين.
14
اهڙيءَ طرح خدا جي عهد واري صندوق عوبيدادوم جي گھر ۾ ٽي مهينا رهي. خداوند عوبيدادوم جي سڄي ڪٽنب ۽ سموري مال ملڪيت ۾ گھڻي برڪت وڌي.
← Chapter 12
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 14 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
Recommended Reading
Commentary
1 Chronicles Commentaries
→
Devotional
1 Chronicles Devotional Guide
→
Get This Bible
Muslim Study Bible
→