bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Deuteronomy 11
Deuteronomy 11
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 10
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 12 →
1
موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”تنهنڪري اوهين خداوند پنهنجي خدا سان پيار ڪريو ۽ هن جي فرمانن تي، قاعدن تي، قانونن تي ۽ سندس حڪمن تي هميشہ عمل ڪندا رهو.
2
آءٌ هي اوهان جي اولاد سان نہ ٿو ڳالهايان، جن کي خداوند اوهان جي خدا جي سيکت جي خبر ڪانهي، نڪي اها ڏٺي اٿائون. اوهين ياد رکو تہ خداوند پنهنجي زورآور هٿ ۽ وڏيءَ قدرت سان ڪهڙيءَ طرح پنهنجي عظمت ڏيکاري.
3
سندس اهي معجزا ۽ هيبتناڪ ڪم بہ ياد رکو، جيڪي هن مصر ۾، اتي جي بادشاهہ فرعون ۽ سندس سڄي ملڪ سان ڪيا.
4
اهو بہ ياد ڪريو، جيڪو هن مصر جي لشڪرن سان ۽ سندن گھوڙن ۽ جنگي گھوڙي گاڏين سان ڪيو. جڏهن اهي اوهان جي پٺيان ڪاهي آيا، تڏهن ڪيئن نہ خداوند ڳاڙهي سمنڊ جو پاڻي مٿن اڇلائي وڌو ۽ کين اهڙو ٻوڙي ماريائين جو اڄ ڏينهن تائين مصري انهيءَ شڪست مان بحال نہ ٿيا آهن.
5
ياد ڪريو، جيستائين اوهين هن هنڌ آيا، تيستائين بيابان ۾ هن اوهان سان ڇا ڇا ڪيو.
6
ياد ڪريو، هن داتن ۽ ابيرام، جيڪي الياب جا پٽ ۽ روبن جا پوٽا هئا، تن جو ڪهڙو حال ڪيو. ڪيئن زمين پنهنجو وات پٽيو ۽ انهن کي، انهن جي گھر ٻار، تنبن ۽ سندن نوڪرن ۽ جانورن کي بني اسرائيل جي سامهون ڳهي ويئي.
7
خداوند جيڪي بہ وڏا وڏا ڪم ڪيا، سي سڀ اوهان پنهنجي اکين سان ئي ڏٺا.“
8
”تنهنڪري جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو تن تي عمل ڪجو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين طاقتور ٿيو ۽ جنهن ملڪ تي قبضي ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا، تنهن ۾ داخل ٿيو ۽ مٿس قبضو ڪريو.
9
ان سان گڏ انهيءَ ملڪ ۾ اوهين وڏي عرصي تائين رهو، جنهن ملڪ بابت خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو تہ اهو ملڪ هو انهن کي ۽ انهن جي اولاد کي ڏيندو، جنهن ۾ خوشحالي ۽ آسودگي آهي.
10
سو جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا اهو مصر جي ملڪ جهڙو ناهي، جتان اوهين نڪري آيا آهيو. اُتي اوهان ٻج پوکي انهيءَ کي ڀاڄين جي باغ وانگر سخت محنت سان ناليون بڻائي پاڻي ٿي ڏنو.
11
پر جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين اردن درياءَ جي پار ٿا وڃو، سو جبلن ۽ ماٿرين وارو ملڪ آهي. انهيءَ ملڪ کي آسمان مان مينهن جو پاڻي ٿو ملي.
12
خداوند اوهان جو خدا انهيءَ ملڪ جي سنڀال لهي ٿو. سال جي شروعات کان وٺي پڇاڙيءَ تائين خداوند اوهان جي خدا جي نظر سدائين انهيءَ تي ٿي رهي.
13
تنهنڪري جيڪڏهن اهي حڪم جيڪي آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو سي ڌيان ڏيئي ٻڌندا، خداوند پنهنجي خدا کي پيار ڪندا ۽ پنهنجي پوري دل وَ جان سان سندس عبادت ڪندا،
14
تہ هو اوهان جي ملڪ ۾ پوري وقت تي پهريون ۽ پويون مينهن وسائيندو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين پنهنجو اناج، پنهنجي مئي ۽ پنهنجو زيتون جو تيل حاصل ڪري سگھو.
15
اوهين کائي ڍءُ ڪندا. هو اوهان جي چوپائي مال لاءِ بہ اوهان جي ٻنين ۾ گاهہ اپائيندو.
16
سو خبردار رهجو، متان اوهان جي دل ٺڳجي وڃي ۽ اوهين گمراهہ ٿي غير معبودن جي پوڄا ڪريو ۽ انهن جي اڳيان سجدو ڪريو.
17
جيڪڏهن اوهان ائين ڪيو تہ خداوند اوهان تي ڪاوڙبو. هو آسمان کي بند ڪري ڇڏيندو، تہ جيئن نہ برسات پوي ۽ نہ ئي زمين ۾ پيداوار ٿئي. پوءِ اوهين انهيءَ چڱي ملڪ ۾ جيڪو خداوند اوهان کي ڏئي ٿو، جلد ئي ناس ٿي ويندا.
18
تنهنڪري منهنجيون هي ڳالهيون اوهين پنهنجيءَ دل ۽ پنهنجي روح ۾ ڄمائي ڇڏيو. اوهين نشانيءَ طور انهن کي پنهنجين ٻانهن تي ٻڌجو ۽ اهي اوهان جي نرڙ تي ٽڪي وانگر هجن.
19
اهي اوهين پنهنجي اولاد کي سيکارجو، گھر ۾ ويهندي، واٽ ويندي، سمهندي ۽ اٿندي انهن جو ذڪر ڪندا رهجو.
20
اوهين اهي پنهنجي گھر جي درن جي چوڪاٺ تي ۽ ٻاهرين دروازن تي لکي ڇڏجو،
21
انهيءَ لاءِ تہ جيستائين زمين جي مٿان آسمان قائم آهي، تيستائين اوهين ۽ اوهان جو اولاد انهيءَ ملڪ ۾ رهو، جيڪو اوهان کي ڏيڻ لاءِ خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو.
22
سو هي سڀ حڪم، جي آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تن تي جيڪڏهن اوهين خبرداريءَ سان عمل ڪندا، يعني خداوند پنهنجي خدا کي پيار ڪندا، سندس سڀني واٽن تي هلندا ۽ ساڻس چُهٽيل رهندا،
23
تہ پوءِ خداوند انهن سڀني قومن کي اوهان جي اڳيان ڀڄائي ڪڍندو. هائو، اوهين انهن قومن کي سندن ملڪ مان بيدخل ڪري ڇڏيندا، جيڪي اوهان کان وڏيون ۽ طاقتور آهن.
24
هر اها جاءِ جتي اوهان جي پيرن جي تري لڳندي، سا اوهان جي ٿيندي. اوهان جي سرحد ڏکڻ طرف بيابان کان وٺي اتر طرف لبنان جي جبلن تائين ۽ اوڀر ۾ وڏي ندي فرات کان وٺي اولهہ ۾ ڀونوچ سمنڊ تائين هوندي.
25
ڪوبہ ماڻهو اوهان جي اڳيان بيهي ڪين سگھندو. جنهن زمين تي اوهان جا پير پوندا، اتي خداوند اوهان جو خدا اوهان جو خوف ۽ اوهان جي هيبت وجھندو، جيئن هن اوهان سان واعدو ڪيو آهي.
26
ڏسو، آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي برڪت ۽ لعنت ٻنهي مان چونڊ ڪرڻ جو موقعو ٿو ڏيان.
27
برڪت اوهان کي انهيءَ حالت ۾ ملندي جڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جا حڪم، جي آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو تن تي عمل ڪندا.
28
لعنت اوهان کي انهيءَ حالت ۾ ملندي جڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جا حڪم نہ مڃيندا ۽ جنهن رستي جو آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، تنهن کان ڦري غير معبودن جي پٺيان لڳندا، جن کان اڃا تائين اوهين واقف ڪونہ آهيو.
29
پوءِ جڏهن خداوند اوهان جو خدا اوهان کي انهيءَ ملڪ ۾ پهچائي، جنهن تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا، تڏهن اوهين برڪت جو اعلان گرزيم جبل تان ۽ لعنت جو اعلان عيبال جبل تان ڪجو.
30
اهي ٻئي جبل اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر، يعني اولهہ طرف انهن ڪنعانين جي ملڪ ۾ آهن جيڪي جِلجال شهر جي سامهون مورہ جي شاهہبلوط وڻن جي ڀرسان ميدان ۾ ٿا رهن.
31
اوهين اردن درياءَ جي پار وڃڻ وارا آهيو، انهيءَ لاءِ تہ جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏئي ٿو، تنهن تي وڃي قبضو ڪريو. سو اوهين انهيءَ تي قبضو ڪندا ۽ ان ۾ رهندا.
32
پوءِ اوهين انهن قاعدن قانونن تي خبرداريءَ سان عمل ڪجو، جيڪي آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو.“
← Chapter 10
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 12 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34