bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Deuteronomy 5
Deuteronomy 5
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 4
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 6 →
1
پوءِ موسيٰ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي سڏي چيو تہ ”اي بني اسرائيل! جيڪي قاعدا قانون آءٌ اڄ اوهان کي ٻڌايان ٿو، سي ٻڌو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين اهي سکو ۽ انهن تي ضرور عمل ڪريو.
2
خداوند اسان جي خدا سينا جبل وٽ اسان سان عهد ٻڌو.
3
هن اهو عهد اسان جي ابن ڏاڏن سان نہ ٻڌو پر اسان سان ئي ٻڌائين، يعني اسين سڀ جيڪي اڄ هتي جيئرا آهيون.
4
خداوند اوهان سان انهيءَ جبل تي باهہ جي وچ مان روبرو ڳالهايو.
5
انهيءَ وقت آءٌ خداوند ۽ اوهان جي وچ ۾ بيٺو هئس، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جو فرمان اوهان کي ٻڌايان، ڇو تہ اوهين باهہ جي ڪري ڊڄي ويا ۽ جبل تي نہ چڙهيا. تڏهن خداوند فرمايو تہ
6
’آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو جتي اوهين غلام هئا.
7
مون کان سواءِ اوهان جي لاءِ ٻيو ڪوبہ معبود نہ هجي.
8
اوهين پنهنجي لاءِ ڪابہ تراشيل مورت يا ڪنهن بہ شيءِ جي صورت نہ جوڙيو جيڪا آسمان ۾، زمين تي يا زمين جي هيٺان پاڻيءَ ۾ آهي.
9
اوهين انهن جي پوڄا نہ ڪريو، نڪي جھڪي انهن کي ڪو سجدو ئي ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا، غيرت وارو خدا آهيان. جيڪي مون سان دشمني رکندا آهن، تن جي اولاد کي ٽينءَ ۽ چوٿينءَ پيڙهيءَ تائين آءٌ سندن ابن ڏاڏن جي بدڪارين جي سزا ڏيندو آهيان.
10
پر جيڪي مون کي پيار ڪندا آهن ۽ منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا آهن، تن تي هزارين پيڙهين تائين آءٌ پنهنجي لافاني شفقت ڪندو آهيان.
11
اوهين منهنجو نالو خراب مقصدن لاءِ استعمال نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا هر انهيءَ کي سزا ڏيندس جيڪو منهنجو نالو خراب مقصدن لاءِ استعمال ڪري ٿو.
12
اوهين سبت ملهايو ۽ ان کي رڳو مون لاءِ وقف ڪري ڇڏيو، جيئن مون خداوند اوهان جي خدا اوهان کي حڪم ڏنو آهي.
13
ڇهہ ڏينهن اوهين محنت ڪري پنهنجو سڀ ڪاروبار ڪريو.
14
پر ستون ڏينهن آرام جو ڏينهن آهي، جيڪو مون خداوند اوهان جي خدا لاءِ وقف ٿيل آهي. انهيءَ ڏينهن ڪوبہ ڪم نہ ڪري، نہ اوهين، نہ اوهان جو پٽ، نہ اوهان جي ڌيءَ، نہ اوهان جو ٻانهو، نہ اوهان جي ٻانهي، نہ اوهان جا ڍور ڍڳا ۽ نہ اوهان جي ملڪ ۾ رهندڙ ڪو ڌاريو، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جي ٻانهي ۽ ٻانهيءَ کي بہ اوهان وانگر آرام ملي.
15
ياد رکو تہ اوهين پاڻ بہ مصر جي ملڪ ۾ غلام هئا ۽ مون خداوند اوهان جي خدا پنهنجي زورآور هٿ ۽ وڏيءَ قدرت سان اوهان کي اتان ڪڍي ٻاهر آندو. تنهنڪري مون خداوند اوهان جي خدا سبت جي ڏينهن کي ملهائڻ لاءِ اوهان کي حڪم ڏنو.
16
اوهين پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪريو، جيئن مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تہ جيئن انهيءَ ملڪ ۾ جيڪو آءٌ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيندس، اوهين وڏي عرصي تائين رهو ۽ اوهان جو ڀلو ٿئي.
17
اوهين خون نہ ڪريو.
18
اوهين زنا نہ ڪريو.
19
اوهين چوري نہ ڪريو.
20
اوهين پنهنجي پاڙيسريءَ تي ڪوڙي شاهدي نہ ڏيو.
21
اوهين پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال جي لالچ نہ ڪريو، نہ سندس گھر جي، نڪي سندس ٻنيءَ، سندس ٻانهي، سندس ٻانهيءَ، سندس ڍڳن، سندس گڏهہ ۽ نہ وري پنهنجي پاڙيسريءَ جي ڪنهن ٻيءَ شيءِ جي لالچ ڪريو.‘
22
اهي ئي ڳالهيون خداوند انهيءَ جبل وٽ باهہ، ڪڪر ۽ انڌوڪار جي وچ مان اوهان جي سڄيءَ قوم کي وڏي آواز سان ٻڌايون. انهيءَ کان سواءِ هن ٻيو ڪي بہ ڪين چيو. اهي ئي ڳالهيون هن پٿر جي ٻن تختين تي لکي مون کي ڏنيون.“
23
موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جڏهن اوهان انڌوڪار جي وچ مان آواز ٻڌو ۽ جبل کي باهہ سان ٻرندي ڏٺو، تڏهن اوهان جي قبيلن جا سردار ۽ اوهان جا اڳواڻ مون وٽ آيا.
24
انهن چيو تہ ’ خداوند اسان جي خدا پنهنجو جلال ۽ پنهنجي عظمت اسان کي ڏيکاري آهي. اسان هن جو آواز باهہ جي وچ مان ٻڌو آهي. اڄ اسان ڏٺو تہ خدا انسان سان ڳالهايو تہ بہ انسان جيئرو رهيو.
25
پر اسين ڇو پنهنجي جان جوکي ۾ وجھون؟ اها وڏي باهہ اسان کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي. جيڪڏهن اسان وري خداوند پنهنجي خدا جو آواز ٻڌو تہ اسين پڪ مري وينداسين.
26
ڇا اهڙو ڪو انسان آهي جنهن اسان وانگر باهہ جي وچ مان زندہ خدا کي ڳالهائيندي ٻڌو هجي ۽ پوءِ بہ جيئرو هجي؟
27
اي موسيٰ! توهان ئي ويجھو وڃونس ۽ جيڪي ڪجھہ خداوند اسان جو خدا چوي سو ٻڌو. پوءِ موٽي اچي اسان کي ٻڌايو تہ هن ڇا چيو. اسين اهو ٻڌي انهيءَ تي عمل ڪنداسين.‘
28
جڏهن خداوند اوهان جو اهو ڳالهائڻ ٻڌو، تڏهن مون کي چيائين تہ ’هنن ماڻهن جيڪي تو سان ڳالهايو سو مون ٻڌو آهي. هنن جو چوڻ درست آهي.
29
شل هنن ۾ هميشہ اهڙي دل هجي، جو هو منهنجو خوف ڪندا رهن ۽ منهنجي سڀني حڪمن تي عمل ڪندا رهن، تہ هنن جو ۽ سندن اولاد جو هميشہ ڀلو ٿئي.
30
سو تون وڃي انهن کي ٻڌاءِ تہ اهي پنهنجن خيمن ڏانهن موٽي وڃن.
31
پر تون هتي مون وٽ بيٺو رهہ. آءٌ تو کي اهي سڀ حڪم ۽ قاعدا قانون ٻڌائيندس جيڪي تون انهن کي سيکار، انهيءَ لاءِ تہ جيڪو ملڪ آءٌ انهن کي ورثي طور ڏيڻ وارو آهيان تنهن ۾ هو انهن تي عمل ڪن.‘
32
تنهنڪري خداوند اوهان جي خدا اوهان کي جيڪو حڪم ڏنو آهي، تنهن تي خبرداريءَ سان عمل ڪجو ۽ گمراهہ نہ ٿجو.
33
جنهن رستي جو هن اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تنهن تي هلجو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين جيئرا رهو ۽ اوهان جو ڀلو ٿئي ۽ جيڪو ملڪ اوهان جي قبضي ۾ ايندو تنهن ۾ اوهين وڏي عرصي تائين رهو.“
← Chapter 4
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 6 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
Recommended Reading
Commentary
Deuteronomy Commentaries
→
Devotional
Deuteronomy Devotional Guide
→
Get This Bible
Muslim Study Bible
→