bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Deuteronomy 13
Deuteronomy 13
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 12
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 14 →
1
موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”ٿي سگھي ٿو جو اوهان جي وچ ۾ ڪو نبي سڏائيندڙ يا خوابن جي تعبير ڪرڻ وارو ظاهر ٿئي ۽ اهو اوهان کي ڪابہ نشاني يا معجزو ٻڌائي.
2
پوءِ ٿي سگھي ٿو تہ جنهن نشانيءَ يا معجزي جي هن خبر ڏني هجي سو پورو ٿئي ۽ هو اوهان کي چوي تہ ’اچو تہ اسين غير معبودن جي پٺيان لڳي سندن پوڄا ڪريون،‘ جن کان اوهين واقف نہ آهيو.
3
تڏهن اوهين انهيءَ نبي سڏائيندڙ يا خوابن جي تعبير ڪرڻ واري جي ڳالهہ اصل نہ ٻڌجو. خداوند اوهان جو خدا اوهان کي آزمائي ٿو، انهيءَ لاءِ تہ معلوم ڪري تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجي پوري دل وَ جان سان پيار ڪريو ٿا يا نہ.
4
اوهين خداوند پنهنجي خدا جو خوف رکندي سندس راهہ تي هلجو. هائو، سندس حڪمن تي عمل ڪجو، سندس ڳالهہ ٻڌجو، سندس ئي عبادت ڪجو ۽ ساڻس ئي چُهٽيل رهجو.
5
انهيءَ نبي سڏائيندڙ يا خوابن جي تعبير ڪرڻ واري کي موت جي سزا ڏيئي ڇڏجو، ڇاڪاڻ تہ جنهن خداوند اوهان جي خدا، اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو جتي اوهين غلام هئا، تنهن جي خلاف هن بغاوت جي ڳالهہ ڪئي آهي. سندس مقصد اهو هو تہ اوهان کي انهيءَ رستي کان ڦيرائي ٻئي پاسي ڪري، جنهن رستي تي هلڻ لاءِ خداوند اوهان جي خدا اوهان کي حڪم ڏنو آهي. تنهنڪري اوهين پنهنجي وچ مان اهڙي بڇڙائيءَ کي ڪڍي ڇڏجو.
6
جيڪڏهن اوهان جو سڳو ڀاءُ، پٽ، ڌيءَ، دلگھُري زال يا اوهان جو جاني دوست اوهان کي ڳجھيءَ طرح لالچائي اهڙن معبودن جي پوڄا ڪرڻ لاءِ چوي، جن جي اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي خبر نہ هئي،
7
يعني انهن ماڻهن جا معبود، جي اوهان جي آسپاس، ويجھا توڙي پري، بلڪ ڌرتيءَ جي هڪڙي ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين رهندا هجن،
8
تڏهن اوهين انهيءَ تي ساڻس راضي نہ ٿجو، نڪي سندس ڳالهہ ٻڌجو. اوهين انهيءَ تي قياس نہ ڪجو، نڪي ساڻس ڪا مروت ڪجو ۽ نہ وري کيس لڪائجو.
9
پر اوهين انهيءَ کي ضرور موت جي سزا ڏجو. انهيءَ کي قتل ڪرڻ لاءِ پهريائين اوهان جو پنهنجو هٿ مٿس پوي ۽ پوءِ ٻين ماڻهن جو.
10
اوهين انهيءَ کي سنگسار ڪجو تہ جيئن هو مري وڃي، ڇاڪاڻ تہ جنهن خداوند اوهان جي خدا، اوهان کي مصر جي ملڪ مان جتي اوهين غلام هئا، ٻاهر ڪڍي آندو، تنهن کان هن اوهان کي ڦيرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
11
پوءِ بني اسرائيل جا سڀ ماڻهو اهو ٻڌي ڊڄي ويندا ۽ اوهان جي وچ ۾ وري اهڙي شرارت نہ ڪندا.“
12
”ٿي سگھي ٿو تہ جيڪي شهر خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي، تن مان ڪنهن شهر ۾
13
ڪي ڪميڻا ماڻهو اوهان جي وچ مان نڪري پنهنجي شهر جي ماڻهن کي هيئن چئي گمراهہ ڪري رهيا هجن تہ ’اچو تہ اسين غير معبودن جي پوڄا ڪريون،‘ جن کان اوهين واقف نہ هجو.
14
جڏهن اوهين ڪا اهڙي ڳالهہ ٻڌو تڏهن انهيءَ جي تحقيقات ۽ جاچ ڪجو ۽ چڱيءَ طرح پڇاڳاڇا ڪجو. جيڪڏهن اها سچي ۽ يقيني ڳالهہ هجي تہ اوهان جي وچ ۾ ڪو اهڙو ڪراهت جهڙو ڪم ٿيو آهي،
15
تہ پوءِ اوهين ضرور انهيءَ شهر جي رهاڪن کي تلوار جي ڌار سان قتل ڪري ڇڏجو. اوهين انهيءَ شهر کي ۽ جيڪي بہ منجھس هجن، تن سڀني کي چوپائي مال سميت تلوار جي ڌار سان نيست وَ نابود ڪري ڇڏجو.
16
ان شهر جو سمورو مال ميڙي وچ پڌر ۾ گڏ ڪري، اهو شهر سميت خداوند پنهنجي خدا جي حضور ساڙي ڇڏجو. اهو هميشہ جي لاءِ هڪڙو ڍڳ رهندو ۽ اهو شهر وري نہ ٻڌبو.
17
برباديءَ لاءِ مقرر ٿيل انهن شين منجھان ڪابہ شيءِ اوهان وٽ نہ هجي، انهيءَ لاءِ تہ خداوند کي اوهان تي جيڪا خوفناڪ ڪاوڙ آهي، تنهن کان هو مڙي وڃي ۽ اوهان تي رحم ڪري ۽ مهربان ٿئي. پوءِ جيئن هن اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو آهي تيئن هو اوهان کي وڌائي.
18
اهو تڏهن ٿيندو، جڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جي ڳالهہ مڃيندا ۽ سندس جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو، تن تي عمل ڪندا ۽ اهو ئي ڪجھہ ڪندا جيڪو خداوند اوهان جي خدا جي نظر ۾ چڱو آهي.“
← Chapter 12
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 14 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34