bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Deuteronomy 14
Deuteronomy 14
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 13
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 15 →
1
موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”اوهين خداوند پنهنجي خدا جا ٻار آهيو. سو اوهين مئلن جي لاءِ غير قومن وانگر پنهنجو پاڻ کي زخمي نہ ڪجو، نڪي پنهنجو مٿو لوندڙين وٽان گولائيءَ ۾ ڪوڙائجو،
2
ڇاڪاڻ تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا جا چونڊيل آهيو. خداوند ڌرتيءَ جي سڀني قومن مان اوهان کي پنهنجي خاص قوم ٿيڻ لاءِ چونڊي ڪڍيو آهي.“
3
”اوهين ڪابہ مڪروهہ شيءِ نہ کائجو.
4
جيڪي جانور اوهان کي کائڻ جائز آهن سي پنهنجي سڀني قسمن موجب هي آهن: ڍور ڍڳا، ريڍو مال، ٻاڪرو مال،
5
هرڻ، ڦاڙهو، سانڀر، جھنگلي ٻڪر، روجھہ ۽ جھنگلي گھٽو.
6
مطلب تہ جانورن مان هر اهو جانور جنهن جا کُر ٻن ڦاڪن ۾ چيريل هجن ۽ جيڪي اوڳاريندڙ بہ هجن، سي اوهين کائي سگھو ٿا.
7
پر جيڪي اوڳارين تہ ٿا پر سندن کُر چيريل نہ آهن سي اوهين نہ کائجو، مثال طور اٺ، سهو ۽ جھنگلي سيهڙ. اهي اوهان جي لاءِ حرام آهن.
8
بلڪ جن جا کُر تہ چيريل آهن پر اوڳارين نہ ٿا سي بہ اوهان جي لاءِ حرام آهن، خاص طور سوئر. انهن جانورن جو نہ تہ گوشت کائجو ۽ نہ وري سندن مڙهن کي هٿ لائجو.
9
پاڻيءَ جي ساهوارن مان جن کي کنڀڙاٽيون ۽ ڇلڙ آهن سي اوهان کي کائڻ جائز آهن.
10
پر جن پاڻيءَ جي ساهوارن کي کنڀڙاٽيون ۽ ڇلڙ نہ آهن، سي اوهين نہ کائجو. اهي اوهان جي لاءِ حرام آهن.
11
حلال پکين مان جيڪي اوهان کي وڻي سو کائجو.
12
پر جيڪي پکي اوهان کي کائڻا نہ آهن سي پنهنجي سڀني قسمن موجب هي آهن: عقاب، ڳجھہ، هڏخور، شڪرو، سرڻ، ڪانءَ، شترمرغ، باز، چٻرو، چٻ، قاز، پِيَڻِ، ڪانئر، لقلق، ٻگھہ، هُدهُد ۽ چمڙو.
19
سمورا کنڀن وارا جيت اوهان جي لاءِ حرام آهن، اهي نہ کائجو،
20
سواءِ ڪن قسمن جي پردار جيتن جي. سي اوهان لاءِ حلال آهن سو ڀلي اوهين کائجو.
21
جيڪو جانور پاڻيهي مري وڃي سو اوهين نہ کائجو، ڇاڪاڻ تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا جي چونڊيل قوم آهيو. البت اوهين پنهنجي شهر ۾ رهندڙ ڪنهن ڌارئي کي اهو کائڻ لاءِ ڏيئي ٿا سگھو، يا وري ڪنهن پرديسيءَ کي وڪڻي ٿا سگھو. اوهين ڇيلي کي سندس ماءُ جي کير ۾ نہ رڌجو.“
22
”اوهين پنهنجي ٻنيءَ جي سال بسال ٿيندڙ پيداوار منجھان، ڏهون حصو ضرور الڳ ڪجو.
23
جيڪا جاءِ خداوند اوهان جو خدا پنهنجي نالي قائم رکڻ لاءِ چونڊي، اُتي ئي اوهين پنهنجي اناج، مئي ۽ زيتون جي تيل جو ڏهون حصو ۽ پنهنجي ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين جا پهريتا ڦر خداوند جي حضور ۾ وڃي کائجو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين سدائين خداوند پنهنجي خدا جي تعظيم ڪرڻ سکو.
24
پر جيڪڏهن اها عبادت واري جاءِ اوهان کان گھڻو پري هجي ۽ رستو بہ ايترو ڊگھو هجي، جو خداوند اوهان جو خدا جڏهن اوهان کي برڪت ڏئي، تڏهن اوهين پنهنجو ڏهون حصو اوڏانهن کڻي وڃي نہ سگھو،
25
تہ پوءِ اوهين اهو روڪ پئسن ۾ وڪڻي، اهي پئسا پاڻ سان کڻي انهيءَ عبادت واري جاءِ تي وڃجو.
26
اتي اوهين انهن پئسن مان ڍور ڍڳا، رڍون ٻڪريون، مئي، ٻي ڪابہ نشي واري شيءِ يا جيڪا بہ شيءِ اوهان جي دل چاهي سا وٺي، اتي خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ پنهنجي گھراڻي سميت کائجو ۽ خوشي ڪجو.
27
جيڪو بہ لاوي اوهان جي شهرن ۾ هجي، تنهن کي هرگز نہ وسارجو، ڇاڪاڻ تہ هن کي اوهان سان گڏ زمين جو ڪوبہ حصو يا ورثو مليل ڪونهي.
28
هر ٽئين سال جي پڇاڙيءَ ۾ اوهين پنهنجي انهيءَ سال جي سموري پيدائش جو ڏهون حصو ڪڍي، پنهنجي شهر ۾ آڻي گڏ ڪجو،
29
انهيءَ لاءِ تہ لاوي جن کي اوهان سان گڏ زمين جو ڪوبہ حصو يا ورثو مليل ڪونهي، ۽ ڌاريا، يتيم يا رنونزالون، جيڪي اوهان جي شهر ۾ هجن سي اچي اهو کائي ڍءُ ڪن. ائين ڪرڻ سان خداوند اوهان جو خدا اوهان جي پورهئي ۾ برڪت وجھندو.“
← Chapter 13
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 15 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34