bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Deuteronomy 24
Deuteronomy 24
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 23
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 25 →
1
موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جڏهن ڪو مرد ڪنهن عورت سان شادي ڪري، تہ ٿي سگھي ٿو تہ اڳتي هلي منجھس ڪا اڻوڻندڙ ڳالهہ ڏسي کيس پسند نہ ڪري ۽ طلاق نامو لکي پنهنجي گھر مان ڪڍي ڇڏيس.
2
پوءِ جيڪڏهن هوءَ سندس گھر مان نڪرڻ بعد وڃي ڪو ٻيو مڙس ٿي ڪري
3
۽ اهو ٻيو مڙس بہ انهيءَ کان بيزار ٿي پوي ۽ اهو بہ کيس طلاق نامو لکي پنهنجي گھر مان ڪڍي ڇڏيس، يا جيڪڏهن سندس اهو ٻيو مڙس مري وڃي،
4
تہ پوءِ سندس پهريون مڙس جنهن ڪڍي ڇڏيو هئس، سو هن جي بيآبرو ٿيڻ کان پوءِ وري کيس پنهنجي زال نہ بڻائي، ڇو تہ اهو ڪم خداوند جي نظر ۾ نفرت جهڙو آهي. سو اوهين انهيءَ ملڪ ۾، جيڪو خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي اهڙو گناهہ ٿيڻ نہ ڏجو.“
5
”جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ نئين شادي ڪئي هجي، تہ هو جنگ تي نہ وڃي، نڪي کيس ڪا ٻي ذميواري سونپي وڃي. هو هڪڙي سال تائين ڀلي گھر ۾ رهي پنهنجيءَ زال کي خوش رکي.
6
ڪوبہ ماڻهو سڄو جنڊ يا ان جو رڳو مٿيون پُڙ گروي نہ رکي، ڇو تہ ائين ڪرڻ سان هو ڄڻ تہ ماڻهوءَ جي حياتي گروي ٿو رکي.
7
جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي همقوم بني اسرائيل مان ڪنهن کي اغوا ڪري پاڻ وٽ غلام بڻائي يا وڪڻي ڇڏيس ۽ پڪڙجي پوي، تہ انهيءَ اغوا ڪندڙ کي ضرور موت جي سزا ڏني وڃي. اهڙيءَ طرح اوهين اها بڇڙائي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏجو.
8
اوهين ڪوڙهہ جهڙي مرض يا چمڙيءَ جي ٻين بيمارين کان خبردار رهجو. لاوي ڪاهن جيڪي اوهان کي سيکارين، انهن سڀني ڳالهين تي ضرور عمل ڪجو. جيئن مون انهن کي حڪم ڏنو آهي، تيئن اوهين ڌيان ڏيئي ڪندا رهجو.
9
ياد ڪريو، تہ جڏهن اوهين مصر مان نڪري آيا ٿي، تڏهن رستي ۾ خداوند اوهان جي خدا مريم سان ڇا ڪيو.
10
جڏهن اوهين پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڪجھہ قرض ڏيو، تڏهن جا شيءِ هو گروي رکي ٿو سا وٺڻ لاءِ اوهين سندس گھر ۾ نہ گھڙجو.
11
بلڪ اوهين ٻاهر بيهي رهجو ۽ هو پاڻ اها شيءِ آڻي گرويءَ طور اوهان کي ڏئي.
12
جيڪڏهن اهو ماڻهو غريب هجي تہ سندس گروي رکيل اوڇڻ رات جي وقت پاڻ وٽ نہ رکجو،
13
بلڪ سج لهڻ مهل اوهين اهو کيس موٽائي ڏجو، تہ جيئن هو پنهنجو اوڇڻ ڍڪي سمهي ۽ اوهان کي دعا ڪري. اها ڳالهہ خداوند اوهان جي خدا جي آڏو اوهان جي سچائي ليکي ويندي.
14
اوهين ڪنهن غريب ۽ محتاج مزدور کان ناجائز فائدو نہ وٺجو، پوءِ اهو اوهان جي بني اسرائيل قوم وارن منجھان هجي يا انهن ڌارين مان جيڪي اوهان جي ملڪ جي ڪنهن شهر ۾ رهندا هجن.
15
اوهين انهيءَ جي مزدوري ساڳئي ئي ڏينهن تي سج لهڻ کان اڳ ۾ کيس ڏئي ڇڏجو، ڇو تہ هو غريب ماڻهو آهي ۽ سندس دل انهيءَ مزدوريءَ ۾ لڳل رهي ٿي. ائين نہ ٿئي جو هو اوهان جي خلاف خداوند جي حضور ۾ پڪاري ۽ اهو اوهان جي لاءِ گناهہ ٿي پوي.
16
اولاد جي بدلي والدين کي موت جي سزا نہ ڏني وڃي، نڪي والدين جي بدلي اولاد کي. هر ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي ئي گناهہ لاءِ موت جي سزا ڏني وڃي.
17
اوهين ڪنهن يتيم يا پاڻ وٽ رهندڙ ڪنهن ڌارئي سان ناحق نہ ڪجو، نڪي ڪنهن رنزال جا ڪپڙا گروي رکجو.
18
ياد ڪريو، تہ اوهين پاڻ مصر ۾ غلام هئا ۽ خداوند اوهان جي خدا اوهان کي اتان ڇڏايو. تنهنڪري آءٌ اوهان کي ائين ڪرڻ لاءِ حڪم ٿو ڏيان.
19
جڏهن فصل لڻڻ وقت اوهان کان پنهنجي ٻنيءَ ۾ ڪا سٿري رهجي ويئي هجي، تڏهن اها کڻڻ لاءِ موٽي نہ وڃجو، اها يتيمن، رننزالن ۽ اوهان وٽ رهندڙ ڌارين لاءِ پيئي رهي. ائين ڪرڻ سان خداوند اوهان جو خدا اوهان کي انهن سڀني ڪمن ۾ برڪت عطا ڪندو، جن ۾ اوهين هٿ وجھندا.
20
جڏهن اوهين پنهنجي زيتونن جي وڻن کي ڇاڻيو، تڏهن جيڪو ميوو ٽارين ۾ رهجي وڃي انهيءَ کي ٻيهر نہ ڇاڻجو، بلڪ اهو يتيمن، رننزالن ۽ اوهان وٽ رهندڙ ڌارين لاءِ پيو رهي.
21
جڏهن اوهين پنهنجي انگورن جي باغ مان انگور گڏ ڪريو، تڏهن جيڪي رهجي وڃن سي ٻيهر نہ چونڊجو. اهي يتيمن، رننزالن ۽ اوهان وٽ رهندڙ ڌارين لاءِ پيا رهن.
22
ياد ڪريو، تہ اوهين مصر جي ملڪ ۾ غلام هئا، تنهنڪري آءٌ اوهان کي ائين ڪرڻ لاءِ حڪم ٿو ڏيان.
← Chapter 23
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 25 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34