bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Deuteronomy 19
Deuteronomy 19
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 18
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 20 →
1
موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جڏهن خداوند اوهان جو خدا انهن قومن کي تباهہ ڪري ڇڏي، جن جو ملڪ هو اوهان کي ڏيڻ وارو آهي ۽ پوءِ اوهين انهن جي شهرن ۽ گھرن تي قبضو ڪري انهن ۾ رهڻ لڳو،
2
تڏهن انهيءَ ملڪ کي ٽن حصن ۾ ورهائي هر حصي جي وچ تي هڪ هڪ شهر پنهنجي لاءِ ڌار ڪجو. انهن شهرن تائين آسانيءَ سان پهچڻ لاءِ رستا بہ ٺاهجو، انهيءَ لاءِ تہ هر هڪ خوني پناهہ وٺڻ لاءِ ڀڄي اتي وڃي.
4
جيڪو خوني پنهنجي جان بچائڻ لاءِ ڀڄي اوڏانهن وڃي، تنهن بابت هي حڪم آهي. ٿي سگھي ٿو تہ ڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کي بناارادي ماري وجھي، جڏهن تہ اڳي انهيءَ سان ڪابہ دشمني نہ هجيس.
5
مثال طور ڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ سان گڏجي ڪاٺين وڍڻ لاءِ ٻيلي ۾ وڃي. اتي وڻ وڍڻ لاءِ هو ڪهاڙو کڻي ڌڪ هڻي ۽ ڦر ڳن مان نڪري وڃي سندس پاڙيسريءَ کي لڳي ۽ اهو مري پوي، تہ هو انهن شهرن مان ڪنهن هڪڙي ۾ ڀڄي وڃي پنهنجي جان بچائي.
6
ائين نہ ٿئي تہ رڳو هڪڙو ئي شهر هجي. پوءِ خون جو بدلو وٺڻ وارو پنهنجي دل جي جوش کان خونيءَ جي پٺيان پوي ۽ پنڌ پري هئڻ جي ڪري وڃي رستي ۾ پڪڙي کيس ڌڪ هڻي ماري وجھي، جيتوڻيڪ اهو شخص موت جي لائق نہ آهي، ڇوجو اڳي سندن پاڻ ۾ ڪابہ دشمني ڪانہ هئي.
7
تنهنڪري ئي آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان تہ اوهين پنهنجي لاءِ ٽي شهر ڌار ڪري ڇڏجو.
8
پوءِ جڏهن خداوند اوهان جو خدا اوهان جي سرحد کي وڌائي ۽ اهو سڄو ملڪ اوهان کي عطا ڪري، جنهن جي ڏيڻ جو هن اوهان جي ابن ڏاڏن سان واعدو ڪيو هو،
9
تڏهن اوهين انهن ٽن شهرن کان سواءِ ٻيا بہ ٽي وڌيڪ شهر پنهنجي لاءِ ڌار ڪجو. انهيءَ لاءِ تہ جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا ميراث طور اوهان کي ڏيڻ وارو آهي تنهن ۾ بيگناهہ جو رت نہ وهايو وڃي ۽ اهو خون اوهان جي سر تي نہ پوي. خدا اوهان جي سرحد ضرور وڌائيندو پر شرط هي آهي تہ جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو، تن تي اوهين خبرداريءَ سان عمل ڪندا، خداوند پنهنجي خدا سان محبت رکندا ۽ هميشہ سندس واٽن تي هلندا.
11
پر ٿي سگھي ٿو تہ ڪنهن ماڻهوءَ جي پنهنجي پاڙيسريءَ سان ڪا دشمني هجي. سو هو انهيءَ جي لاءِ وجھہ وٺي ويٺو هجي ۽ اوچتو مٿس حملو ڪري کيس اهڙو ڌڪ هڻي جو هو مري پوي. پوءِ جيڪڏهن هو انهن شهرن مان هڪڙي ڏانهن ڀڄي وڃي،
12
تہ سندس شهر جا اڳواڻ انهيءَ کي اتان آڻائين ۽ بدلو وٺڻ واري جي حوالي ڪن تہ ڀلي انهيءَ جي هٿان ماريو وڃي.
13
اوهين انهيءَ تي قياس نہ ڪجو، بلڪ اهڙيءَ طرح بيگناهہ جو خون بني اسرائيل تان ٽاري ڇڏيندا تہ اوهان جو ڀلو ٿيندو.“
14
”جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ميراث طور ڏيڻ وارو آهي، تنهن ۾ پنهنجي پاڙيسريءَ جي حد جا نشان، جيڪي اوهان جي ابن ڏاڏن اوهان جي ميراث جي حصي لاءِ لڳايا هوندا، تن کي نہ هٽائجو.“
15
”جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪا بڇڙائي يا گناهہ ڪري ٿو تہ انهيءَ جي خلاف رڳو هڪڙي شخص جي شاهدي ڪافي نہ آهي، بلڪ ٻن يا ٽن شاهدن جي زبانيءَ تي ڳالهہ ثابت ٿيندي.
16
جيڪڏهن ڪنهن جو ڪو بدخواہ، ڪوڙو شاهد بڻجي انهيءَ ماڻهوءَ جي غلط ڪم ڪرڻ بابت شاهدي ڏئي،
17
تہ اهي ٻئي ماڻهو جن جي وچ ۾ جھڳڙو هجي، سي خداوند جي حضور ۾ ڪاهنن ۽ انهن ڏينهن ۾ جيڪي جج مقرر هجن، تن جي اڳيان اچي حاضر ٿين.
18
اهي جج چڱيءَ طرح تحقيقات ڪن. پوءِ جيڪڏهن اهو شاهد ڪوڙو نڪري ۽ پنهنجي قوم واري جي خلاف ڪوڙي شاهدي ڏني هجيس،
19
تہ پوءِ اوهين بہ ساڻس اها ئي حالت ڪجو، جيڪا هن پنهنجي قوم واري سان ڪرڻ ٿي گھري. اهڙيءَ طرح اوهين اها بڇڙائي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏجو.
20
پوءِ جڏهن ٻيا ماڻهو اهو ٻڌندا تہ ڊڄي ويندا ۽ اوهان جي وچ ۾ وري اهڙي بڇڙائي نہ ڪندا.
21
انهيءَ معاملي ۾ اوهين ڪو قياس نہ ڪجو، بلڪ جان جي بدران جان، اک جي بدران اک، ڏند جي بدران ڏند، هٿ جي بدران هٿ ۽ پير جي بدران پير جي سزا هوندي.“
← Chapter 18
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 20 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34