bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Deuteronomy 30
Deuteronomy 30
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 29
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 31 →
1
موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”سو جڏهن اِهي سڀ ڳالهيون يعني برڪتون ۽ لعنتون جيڪي مون اوهان جي اڳيان رکيون آهن، سي اوهان تي اچي پون، تڏهن اوهين انهن سڀني قومن منجھہ انهن کي ياد ڪندا، جن ۾ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندو.
2
جيڪڏهن اوهين ۽ اوهان جو اولاد خداوند پنهنجي خدا آڏو توبهہتائب ٿيندا ۽ جن ڳالهين جو آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، تن سڀني موجب پوري دل وَ جان سان سندس فرمانبرداري ڪندا،
3
تہ پوءِ خداوند اوهان جو خدا اوهان جي خوشحالي بحال ڪندو. هو اوهان تي رحم ڪندو ۽ جن جن قومن ۾ خداوند اوهان جي خدا اوهان کي دربدر ڪيو هوندو، تن سڀني مان اوهان کي موٽائي آڻي گڏ ڪندو.
4
توڙي جو اوهين دنيا جي بلڪل پڇڙيءَ تائين جلاوطن ڪيا ويا هوندا، تہ اتان بہ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي گڏ ڪري موٽائي آڻيندو.
5
خداوند اوهان جو خدا اوهان کي انهيءَ ئي ملڪ ۾ آڻيندو جنهن تي اوهان جي ابن ڏاڏن جو قبضو هو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين ان تي قبضو ڪريو. پوءِ هو اوهان سان ڀلائي ڪندو ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کان بہ اوهان کي گھڻو وڌائيندو.
6
خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ۽ اوهان جي اولاد کي فرمانبردار دل عطا ڪندو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا کي پوري دل وَ جان سان پيار ڪريو ۽ جيئرا رهو.
7
خداوند اوهان جو خدا اهي سڀ لعنتون اوهان جي دشمنن تي وجھندو، جن اوهان کان نفرت ڪئي ۽ اوهان کي تڪليف ڏني.
8
اوهين ڦري خداوند جي فرمانبرداري ڪندا ۽ سندس انهن سڀني حڪمن تي عمل ڪندا، جيڪي آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو.
9
خداوند اوهان جو خدا اوهان جي سموري ڪاروبار، اولاد، چوپائي مال ۽ ٻنيءَ جي پيداوار کي گھڻو وڌائي اوهان کي سکي ڪندو. خداوند جيئن اوهان جي ابن ڏاڏن تي راضي هو، تيئن هو اوهان تي وري راضي ٿيندو ۽ اوهان سان ڀلائي ڪندو.
10
پر انهيءَ لاءِ شرط هي آهي تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري ڪندا ۽ سندس جيڪي حڪم ۽ قانون، شريعت جي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن تن تي عمل ڪندا، بلڪ پوري دل وَ جان سان خداوند پنهنجي خدا جا طالبو رهندا.“
11
”تنهنڪري هي حڪم جيڪو آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ڏيان ٿو، سو اوهان جي لاءِ گھڻو ڏکيو ناهي، نڪي اهو اوهان جي وس کان ٻاهر آهي.
12
اهو مٿي آسمان ۾ تہ ڪونهي، جو اوهين چئو تہ ’ڪير اسان جي لاءِ آسمان تي چڙهي ويندو ۽ اهو اسان وٽ آڻي اسان کي ٻڌائيندو تہ اسين انهيءَ تي عمل ڪريون؟‘
13
نڪي اهو سمنڊ جي پرينءَ ڀر آهي جو اوهين چئو تہ ’ڪير اسان جي لاءِ سمنڊ جي پار ويندو ۽ اهو اسان وٽ آڻي اسان کي ٻڌائيندو تہ اسين انهيءَ تي عمل ڪريون؟‘
14
پر اهو ڪلام اوهان کي تمام ويجھو آهي. اهو اوهان جي زبان تي ۽ اوهان جي دل وَ دماغ ۾ آهي، انهيءَ لاءِ تہ اوهين مٿس عمل ڪريو.
15
ڏسو، اڄوڪي ڏينهن مون اوهان جي اڳيان زندگي ۽ ڀلائي، موت ۽ بڇڙائي ٻئي رکيا آهن.
16
آءٌ اڄ اوهان کي حڪم ڏيان ٿو تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا کي پيار ڪريو، سندس واٽن تي هلو، سندس حڪمن ۽ قاعدن قانونن تي عمل ڪندا رهو، پوءِ اوهين جيئرا رهندا، وڌندا ويندا ۽ جنهن ملڪ تي قبضي ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا، تنهن ۾ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي برڪت ڏيندو.
17
پر جيڪڏهن اوهان جي دل ڦري ويئي ۽ اوهان فرمانبرداري نہ ڪئي، بلڪ ٻئي پاسي ڇڪجي وڃي غير معبودن کي سجدو ڪري سندن پوڄا ڪرڻ لڳا،
18
تہ پوءِ اڄوڪي ڏينهن آءٌ اوهان کي خبردار ٿو ڪريان تہ اوهين ضرور تباهہ ٿي ويندا. اوهين جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اردن درياءَ جي پار وڃي رهيا آهيو، تنهن ۾ اوهين گھڻو عرصو ڪين رهندا.
19
آءٌ اڄوڪي ڏينهن زمين ۽ آسمان کي اوهان تي شاهد ٿو ڪريان تہ مون زندگي ۽ موت، برڪت ۽ لعنت ٻئي اوهان جي اڳيان رکيا آهن. تنهنڪري اوهين زندگيءَ جي چونڊ ڪجو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين ۽ اوهان جو اولاد جيئرو رهي،
20
انهيءَ لاءِ بہ تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا کي پيار ڪريو، سندس فرمانبرداري ڪريو ۽ ساڻس چُهٽيل رهو، ڇاڪاڻ تہ خداوند ئي اوهان جي زندگي ۽ ان ملڪ ۾ اوهان جي عمر جي درازي آهي، جنهن ملڪ بابت خداوند اوهان جي خدا اوهان جي ابن ڏاڏن ابراهيم ، اسحاق ۽ يعقوب سان قسم کڻي چيو هو تہ اهو کين عطا ڪندو.“
← Chapter 29
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 31 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34