bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Deuteronomy 15
Deuteronomy 15
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 14
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 16 →
1
موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”هر ستين سال جي پڇاڙيءَ ۾ اوهين پنهنجن قرضدارن جا قرض معاف ڪري ڇڏجو.
2
انهيءَ جو طريقو هي آهي تہ جنهن بہ قرضخواہ پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڪجھہ قرض ڏنو هجي، سو انهيءَ کي معاف ڪري ڇڏي. اهو پنهنجي قوم وارن کان زوريءَ نہ وٺي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ لاءِ خداوند جي معافيءَ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
3
ڌارئي ماڻهوءَ کان اوهين اهو طلب ڪري سگھو ٿا، مگر اوهان جي پنهنجي قوم واري ڏانهن جيڪي اوهان جو رهيل هجي، تنهن تان هٿ کڻي ڇڏجو.
4
اوهان منجھہ ڪوبہ غريب ڪين هوندو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان کي انهيءَ ملڪ ۾ ضرور برڪت ڏيندو، جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ورثي طور قبضي ۾ ڏيڻ وارو آهي.
5
پر شرط هي آهي تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا جي ڳالهہ ڌيان سان ٻڌو ۽ جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو، تن سڀني تي خبرداريءَ سان عمل ڪريو.
6
خداوند اوهان جو خدا اوهان کي برڪت ڏيندو، جيئن هن اوهان سان واعدو ڪيو آهي. اوهين گھڻين ئي قومن کي قرض ڏيندا پر پاڻ قرض نہ کڻندا. اوهين گھڻين ئي قومن تي حڪومت ڪندا پر اوهان تي ڪابہ قوم حڪومت نہ ڪندي.
7
جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي، تنهن ۾ جيڪڏهن اوهان جي پنهنجي قوم وارن منجھان ڪو غريب اوهان جي شهر ۾ اوهان وٽ رهندو هجي، تہ اوهين انهيءَ غريب ماڻهوءَ لاءِ پنهنجي دل سخت نہ ڪجو، نڪي کانئس پنهنجي مٺ بند ڪجو.
8
بلڪ انهيءَ لاءِ پنهنجو هٿ ڪشادو ڪجو ۽ جيتري بہ کيس گھرج هجي اوترو کيس قرض ڏجو.
9
خبردار، متان اوهان جي دل ۾ اهڙو بد خيال پيدا ٿئي تہ ستون سال، يعني معافيءَ وارو سال ويجھو آهي، سو اوهان جي نيت اوهان جي غريب همقوم ڏانهن خراب ٿئي ۽ اوهين کيس ڪجھہ بہ نہ ڏيو. پوءِ هو اوهان جي خلاف خداوند جي حضور ۾ پڪاري ۽ اوهان جي لاءِ اهو گناهہ قرار ڏنو وڃي.
10
اوهين هن کي فراخدليءَ سان ڏجو ۽ ڏيڻ وقت دل ۾ ڪُرڪجو نہ، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ڏيڻ جي ڪري خداوند اوهان جو خدا اوهان جي سڀني ڪمن ۽ انهن سڀني معاملن ۾، جن ۾ اوهين هٿ وجھندا، اوهان کي برڪت ڏيندو.
11
جيئن تہ ملڪ ۾ غريب تہ سدائين هوندا، تنهنڪري آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان تہ پنهنجي ملڪ ۾ پنهنجي غريب ۽ محتاج همقوم لاءِ پنهنجو هٿ ڪشادو رکجو.“
12
”جيڪڏهن اوهان جو ڪو همقوم عبراني مرد يا عورت اوهان وٽ وڪامي ۽ اها ڇهن سالن تائين اوهان جي خدمت ڪري، تہ پوءِ ستين سال اوهين انهيءَ کي آزاد ڪري ڇڏجو.
13
جڏهن اوهين انهيءَ کي آزاد ڪري پاڻ وٽان وڃڻ ڏيو، تڏهن کيس خالي هٿين وڃڻ نہ ڏجو.
14
اوهين انهيءَ کي پنهنجي ڌڻ مان، اناج جي کري مان ۽ انگورن جي چيچڙي مان کُليءَ دل سان ڏجو. خداوند اوهان جي خدا اوهان کي جيتري برڪت ڏني هجي، اوترو اوهين هن کي ڏجو.
15
ياد ڪريو تہ اوهين پاڻ بہ مصر جي ملڪ ۾ غلام هئا ۽ خداوند اوهان جي خدا اوهان کي ڇڏايو. اهو ئي سبب آهي جو آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي هي حڪم ٿو ڏيان.
16
پر جيڪڏهن اوهان جو غلام اوهان کي چوي تہ ’آءٌ اوهان وٽان وڃڻ نہ ٿو گھران‘ ۽ کيس اوهان سان ۽ اوهان جي گھر سان ايترو پيار هجي جو هو اوهان وٽ رهڻ ۾ خوش هجي،
17
تہ پوءِ هڪڙي آر کڻي، گھر جي در وٽ انهيءَ جو ڪن ٽوپجو. پوءِ هو هميشہ جي لاءِ اوهان جو ٻانهو ٿيندو. اوهين پنهنجيءَ ٻانهيءَ سان بہ ائين ئي ڪجو.
18
جڏهن اوهين ٻانهي کي آزاد ڪري وڃڻ ڏيو، تڏهن اوهين انهيءَ ڳالهہ کي ڏکيو نہ سمجھجو، ڇاڪاڻ تہ هن ڇهن سالن تائين ٻن مزدورن جيتري اوهان جي خدمت ڪئي آهي. ائين ڪرڻ ڪري خداوند اوهان جو خدا اوهان جي سڀني ڪمن ۾ برڪت وجھندو.“
19
”اوهان جي ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين ۾ جيڪي پهريان نر ٻچا پيدا ٿين، سي اوهين خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ وقف ڪري ڇڏجو. اوهين پنهنجي پهرئين ڄاول وهڙي کان ڪو ڪم نہ وٺجو، نڪي پنهنجي رڍن ٻڪرين مان پهرئين ڄاول ڦر جي اُن ڪترجو.
20
اهي اوهين پنهنجي گھراڻي سميت، انهيءَ جاءِ تي جيڪا خداوند اوهان جو خدا چونڊيندو، سال بسال کائيندا رهجو.
21
پر جيڪڏهن انهن مان ڪنهن ۾ ڪو عيب هجي، جيئن تہ منڊو يا انڌو هجي يا ڪو ٻيو عيب هجيس، تہ اهو اوهين خداوند پنهنجي خدا جي آڏو قربانيءَ طور پيش نہ ڪجو.
22
اهو اوهين پنهنجن شهرن اندر کائجو، پوءِ اوهين پاڪ هجو توڙي ناپاڪ، جيئن هرڻ يا ڦاڙهي جو گوشت کائو ٿا تيئن هي بہ کائي ٿا سگھو.
23
پر انهيءَ جو رت هرگز نہ کائجو پيئجو، بلڪ اهو پاڻيءَ وانگر زمين تي هاري ڇڏجو.“
← Chapter 14
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 16 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34