bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Deuteronomy 26
Deuteronomy 26
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 25
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 27 →
1
موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ورثي طور ڏيڻ وارو آهي، تنهن ۾ جڏهن اوهين پهچو ۽ انهيءَ تي قبضو ڪري منجھس رهڻ لڳو،
2
تڏهن انهيءَ ملڪ جي زمين جي پيداوار مان پهريون ڦل هڪڙي ٽوڪريءَ ۾ رکي، انهيءَ هنڌ کڻي وڃجو جيڪو خداوند اوهان جو خدا پنهنجي نالي قائم رکڻ لاءِ چونڊي.
3
انهن ڏينهن ۾ اتي جيڪو ڪاهن هجي تنهن کي وڃي چئجو تہ ’اڄ آءٌ خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ اقرار ٿو ڪريان تہ آءٌ انهيءَ ملڪ ۾ پهچي ويو آهيان، جنهن لاءِ خداوند اسان جي ابن ڏاڏن سان قسم کڻي اسان کي ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو.‘
4
جڏهن ڪاهن اوهان جي هٿن مان اها ٽوڪري وٺي خداوند اوهان جي خدا جي قربانگاهہ آڏو رکي،
5
تڏهن اوهين اتي خداوند جي آڏو هيئن چئجو تہ ’منهنجو پيءُ اسرائيل هڪڙو بيماڳو ارامي ماڻهو هو. هو ٿورا ماڻهو ساڻ ڪري وڃي مصر ۾ ڌاريو ٿي رهڻ لڳو. اتي هو هڪڙي وڏي، طاقتور ۽ گھڻن ماڻهن واري قوم ٿي پيو.
6
پر مصرين اسان سان خراب هلت ڪئي ۽ اسان کي ڏک ڏنائون. هنن اسان تي سخت پورهيو مڙهيو.
7
تڏهن اسان خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي حضور ۾ دانهون ڪيون. خداوند اسان جو آواز ٻڌو ۽ اسان جي مصيبت، محنت ۽ مظلومي ڏٺائين.
8
خداوند پنهنجي زورآور هٿ ۽ وڏيءَ قدرت سان ڏهڪاءَ، هيبتناڪ ڪمن ۽ معجزن وسيلي اسان کي مصر مان ڪڍي ٻاهر آندو.
9
هن اسان کي هن جاءِ تي آندو آهي ۽ اسان کي آسودو ۽ خوشحال ملڪ عطا ڪيو اٿائين.
10
سو ڏس، اي خداوند! جيڪا زمين تو مون کي ڏني آهي تنهن جو پهريون ڦل مون تو وٽ آندو آهي.‘ پوءِ اها ٽوڪري کڻي وري اوهين بہ خداوند پنهنجي خدا جي آڏو رکي خداوند کي سجدو ڪجو.
11
پوءِ اوهين، لاوي ۽ جيڪو ڌاريو اوهان جي وچ ۾ رهندو هجي، سي سڀيئي گڏجي انهن نعمتن لاءِ خوشيون ملهائجو جيڪي خداوند اوهان جي خدا اوهان کي ۽ اوهان جي گھراڻي کي عطا ڪيون آهن.“
12
”هر ٽئين سال، جڏهن اوهين پنهنجي ان سال جي سموري پيدائش جو ڏهون حصو ڪڍي پورو ڪريو، تڏهن اهو پنهنجي شهر ۾ رهندڙ لاوين ، يتيمن، رننزالن ۽ ڌارين کي ڏجو تہ اهي کائي ڍءُ ڪن.
13
پوءِ اوهين خداوند پنهنجي خدا کي هيئن چئجو تہ ’جيڪي حڪم تو مون کي ڏنا آهن، تن موجب مون مخصوص ڏهون حصو پنهنجي گھر مان ڪڍي اهو پاڻ وٽ رهندڙ لاوين ، ڌارين، يتيمن ۽ رننزالن کي ڏنو آهي. مون تنهنجي ڪنهن بہ حڪم کان منهن نہ موڙيو آهي، نڪي اهي وساري ڇڏيا اٿم.
14
مون پنهنجي سوڳ جي وقت انهيءَ مان ڪجھہ بہ نہ کاڌو، نڪي ناپاڪيءَ جي حالت ۾ انهيءَ مان ڪجھہ ڪڍيو اٿم، نڪي مئلن جي لاءِ انهيءَ مان ڪجھہ ڏنو اٿم. مون تو خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري ڪئي آهي. تو جيڪي بہ حڪم ڏنا آهن، مون تن موجب ڪيو آهي.
15
تون پنهنجي پاڪ مڪان، يعني عرش عظيم تان هيٺ نگاهہ ڪر ۽ پنهنجي قوم بني اسرائيل کي ۽ هن ملڪ کي برڪت عطا ڪر، جيڪو آسودو ۽ خوشحال آهي ۽ جيڪو تو اسان کي ڏيڻ لاءِ اسان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو.‘“
16
”سو اڄوڪي ڏينهن خداوند اوهان جو خدا اوهان کي حڪم ٿو ڏئي تہ هنن قاعدن قانونن تي عمل ڪجو. تنهنڪري اوهين پنهنجي پوري دل وَ جان سان انهن کي مڃي مٿن عمل ڪجو.
17
اوهان اڄوڪي ڏينهن اعلانيہ اقرار ڪيو آهي تہ خداوند ئي اوهان جو خدا آهي ۽ اوهين هن جي واٽن تي هلندا. اوهين هن جي حڪمن ۽ قاعدن قانونن تي عمل ڪندا رهندا ۽ سندس تابعداري ڪندا.
18
اڄوڪي ڏينهن خداوند بہ پنهنجي واعدي موجب اوهان سان اعلانيہ اقرار ڪيو آهي تہ اوهين هن جي خاص قوم ۽ قيمتي اثاثو آهيو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين هن جي سڀني حڪمن تي عمل ڪندا رهو.
19
هو پنهنجي تعريف، نالي ۽ عزت لاءِ انهن سڀني قومن تي اوهان کي برتري بخشيندو، جيڪي هن پيدا ڪيون آهن. اوهين خداوند پنهنجي خدا جي چونڊيل قوم هوندا، جيئن هن واعدو ڪيو آهي.“
← Chapter 25
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 27 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34