bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Deuteronomy 17
Deuteronomy 17
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 16
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 18 →
1
اوهين خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ ڪنهن بہ اهڙي ڍور ڍڳي يا رڍ ٻڪريءَ جي قرباني نہ ڪجو جنهن ۾ ڪو عيب يا خامي هجي، ڇاڪاڻ تہ اهو خداوند اوهان جي خدا جي نظر ۾ مڪروهہ آهي.“
2
موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جيڪڏهن اوهان جي شهرن مان، جيڪي خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي، تن ۾ بہ ڪو اهڙو مرد يا عورت لڀي جنهن خداوند جو عهد ٽوڙي اهڙي بڇڙائي ڪئي هجي جو
3
وڃي غير معبودن جي پوڄا ڪئي هجيس، يا سج، چنڊ يا سمورين آسماني شين مان ڪنهن کي بہ سجدو ڪيو هجيس، جنهن کان هن اوهان کي روڪيو آهي.
4
پوءِ جڏهن انهيءَ ڳالهہ جي اوهان کي خبر پوي، تڏهن چڱيءَ طرح انهيءَ جي تحقيقات ڪجو. جيڪڏهن اها ڳالهہ سچي ثابت ٿئي تہ بني اسرائيل ۾ اهڙو ڪراهت جهڙو ڪم ٿيو آهي،
5
تڏهن جنهن اهڙو خراب ڪم ڪيو هجي، پوءِ اهو مرد هجي توڙي عورت، تنهن کي اوهين شهر کان ٻاهر وٺي وڃي سنگسار ڪري ماري ڇڏجو.
6
اهڙي واجبالقتل ماڻهوءَ کي رڳو هڪڙي شاهد جي شاهديءَ تي نہ ماريو وڃي، بلڪ ٻن يا ٽن شاهدن جي شاهديءَ تي کيس ماريو وڃي.
7
انهيءَ کي سنگسار ڪرڻ لاءِ پهريائين اهي شاهد مٿس پٿر اڇلائين، پوءِ باقي ٻيا ماڻهو. اهڙيءَ طرح اوهين اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏجو.“
8
”جيڪڏهن اوهان جون پاڻ ۾ خون، دعويٰ يا مار ڪُٽ جون ڪي اهڙيون تڪراري ڳالهيون هجن، جن جو فيصلو اوهان جي شهر اندر ٿيڻ اوهان جي لاءِ تمام ڏکيو هجي، تہ پوءِ اوهين اهو فيصلو انهيءَ عبادت واري جاءِ تي کڻي وڃجو، جا خداوند اوهان جو خدا چونڊيندو.
9
پوءِ انهن ڏينهن ۾ اتي مقرر ٿيل ان جج ۽ لاوي ڪاهنن کي وڃي اهي ڳالهيون ٻڌائجو. هو اوهان کي فيصلو ڪري ٻڌائيندا.
10
پوءِ جيڪو فيصلو اهي اوهان کي ڪري ٻڌائين، تنهن موجب اوهين عمل ڪجو. اهي جيڪي بہ اوهان کي ٻڌائين، اوهين بلڪل ائين ئي ڪجو.
11
شريعت جي جيڪا ڳالهہ اهي اوهان کي سيکارين ۽ جيڪو فيصلو اوهان کي ٻڌائين، تنهن موجب عمل ڪجو. اُهي جيڪا بہ فتويٰ ڏين تنهن کان ساڄي يا کاٻي پاسي نہ ڦرجو.
12
جيڪو ڪاهن اتي خداوند اوهان جي خدا جي حضور ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ حاضر هجي يا جيڪو جج اتي مقرر هجي، تنهن جي ڳالهہ جيڪڏهن ڪو شخص گستاخي ڪري نہ ٻڌي تہ انهيءَ شخص کي موت جي سزا ڏني وڃي. اوهين اهڙي خرابيءَ کي بني اسرائيل مان ڪڍي ڇڏجو.
13
پوءِ سڀ ماڻهو اهو ٻڌي ڊڄي ويندا ۽ وري اهڙي گستاخي نہ ڪندا.“
14
”جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي، تنهن ۾ جڏهن اوهين پهچو ۽ انهيءَ تي قبضو ڪري منجھس رهڻ لڳو ۽ چئو تہ ’پنهنجي آسپاس وارين سڀني قومن وانگر اسين بہ پنهنجي مٿان ڪو بادشاهہ مقرر ڪريون،‘
15
تہ پوءِ اوهين هر حالت ۾ رڳو اهڙي شخص کي پنهنجي مٿان بادشاهہ مقرر ڪجو، جنهن کي خداوند اوهان جو خدا چونڊي. اوهين پنهنجي بني اسرائيل جي ڀائرن منجھان ئي ڪنهن کي پنهنجي مٿان بادشاهہ بڻائجو، ڪوبہ ڌاريو ماڻهو جيڪو اوهان جي قوم بني اسرائيل جو نہ آهي، تنهن کي پنهنجي مٿان بادشاهہ مقرر نہ ڪجو.
16
ان کان علاوہ بادشاهہ پاڻ وٽ گھڻا گھوڙا نہ رکي، نڪي گھڻا گھوڙا گڏ ڪرڻ خاطر ماڻهن کي مصر ۾ موڪلي، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان کي فرمايو آهي تہ اوهين انهيءَ رستي وري ڪڏهن بہ موٽي نہ وڃجو.
17
بادشاهہ پاڻ وٽ گھڻيون زالون نہ رکي، متان سندس دل خداوند کان ڦري وڃي، نڪي هو پاڻ وٽ گھڻو سون ۽ چاندي گڏ ڪري.
18
هو پنهنجي بادشاهہ بڻجڻ وقت خدا جي شريعت، جيڪا لاوي ڪاهنن وٽ هوندي، تنهن جو پنهنجي لاءِ هڪڙو نقل ڪرائي.
19
هو انهيءَ کي پاڻ وٽ ئي رکي ۽ پنهنجي سڄي حياتي انهيءَ کي پڙهندو رهي، انهيءَ لاءِ تہ هو خداوند پنهنجي خدا جو خوف ڪرڻ سکي ۽ هن شريعت جي سڀني قاعدن قانونن کي مڃي ۽ انهن تي عمل ڪري.
20
انهيءَ جو مقصد اهو بہ آهي تہ هو پاڻ کي پنهنجي همقوم بني اسرائيل کان وڌيڪ نہ سمجھي، نڪي هن حڪم کان ساڄي يا کاٻي پاسي ڦري، تانتہ بني اسرائيل منجھہ هن جي ۽ سندس اولاد جي بادشاهيءَ جا ڏينهن وڌيڪ ٿين.“
← Chapter 16
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 18 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34