bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Deuteronomy 8
Deuteronomy 8
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 7
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 9 →
1
موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”سو جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو، تن تي اوهين خبرداريءَ سان عمل ڪجو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين جيئرا رهو ۽ تعداد ۾ وڌو ۽ انهيءَ ملڪ ۾ وڃي مٿس قبضو ڪريو، جنهن بابت خداوند اوهان جي خدا اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو.
2
اوهين انهيءَ سڄي رستي کي ياد رکجو، جنهن تي خداوند اوهان جي خدا اوهان کي چاليهہ سال بيابان ۾ هلايو، انهيءَ لاءِ تہ هو اوهان کي عاجز ڪري آزمائي ۽ اوهان جي دل جي ڳالهہ معلوم ڪري تہ اوهين هن جي حڪمن تي عمل ڪندا يا نہ.
3
تنهنڪري هن اوهان کي عاجز ڪيو ۽ بکيو رکيو. پوءِ اوهان کي اها مَنَ کارايائين جنهن جي نہ اوهان کي خبر هئي نہ اوهان جي ابن ڏاڏن کي. هن ڪري جو هو اوهان کي اهو سيکاري تہ انسان رڳو مانيءَ سان ئي جيئرو نہ ٿو رهي، بلڪ خداوند جي چيل هر هڪ ڳالهہ سان جيئرو رهي ٿو.
4
انهن چاليهن سالن ۾ نہ اوهان جا ڪپڙا اوهان جي بدن تي پراڻا ٿيا، نڪي اوهان جا پير سڄيا.
5
اوهين پنهنجيءَ دل ۾ ڄاڻي ڇڏيو تہ جيئن ڪو ماڻهو پنهنجي پٽ کي تربيت ڏيندو آهي، تيئن خداوند اوهان جي خدا اوهان کي تربيت ٿي ڏني.
6
سو اوهين خداوند پنهنجي خدا جي حڪمن تي عمل ڪندا رهجو، سندس واٽن تي هلندا رهجو ۽ سندس خوف ڪندا رهجو.
7
خداوند اوهان جو خدا اوهان کي هڪڙي اهڙي سرسبز ملڪ ۾ ٿو پهچائي، جنهن ۾ پاڻيءَ جون نهرون، چشما ۽ اونهيون ڍنڍون آهن، جيڪي ماٿرين ۽ ٽڪرين مان ٿيون نڪرن.
8
انهيءَ ملڪ ۾ ڪڻڪ، جَوَ، انگور، انجير ۽ ڏاڙهون جا وڻ ٿا ٿين. ان ۾ زيتون جا وڻ ۽ ماکي ٿي ٿئي.
9
اهو اهڙو ملڪ آهي جتي اوهين پيٽ ڀري ماني کائيندا. اوهان کي ڪنهن بہ شيءِ جي ڪمي ڪانہ ٿيندي. اهو اهڙو ملڪ آهي جنهن جي پٿرن مان اوهين لوهہ ۽ ٽڪرين مان ٽامو کوٽي ڪڍي سگھندا.
10
اوهين کائي ڍءُ ڪندا ۽ انهيءَ چڱي ملڪ عطا ڪرڻ لاءِ خداوند پنهنجي خدا جي واکاڻ ڪندا.“
11
”اوهين خبردار رهجو، ائين نہ ٿئي جو خداوند پنهنجي خدا کي وساري ڇڏيو ۽ هن جا جيڪي حڪم ۽ قاعدا قانون مون اڄ اوهان کي ٻڌايا آهن، تن تي عمل نہ ڪريو.
12
ائين نہ ٿئي تہ جڏهن اوهين کائي ڍءُ ڪريو ۽ عمديون جايون جوڙي انهن ۾ رهو،
13
جڏهن اوهان جا ڍور ڍڳا ۽ رڍون ٻڪريون وڌن ۽ اوهان جي سون، چانديءَ ۽ سڄي مال ملڪيت ۾ واڌارو ٿئي،
14
تڏهن اوهان جي دل ۾ مغروري اچي وڃي. پوءِ اوهين خداوند پنهنجي خدا کي وساري ويهو، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو، جتي اوهين غلام هئا.
15
هن انهيءَ وڏي ۽ خوفناڪ بيابان ۾ اوهان جي رهنمائي ڪئي، جتي زهريلا نانگ ۽ وڇون هئا. انهيءَ خشڪ ۽ ٺوٺ زمين ۾ هن اوهان جي لاءِ سخت ٽڪريءَ مان پاڻي ڪڍيو.
16
هن اوهان کي بيابان ۾ اها مَنَ کارائي، جنهن جي اوهان جي ابن ڏاڏن کي خبر بہ ڪانہ هئي. هن اوهان کي عاجز ڪري آزمايو، انهيءَ لاءِ تہ پڇاڙيءَ ۾ اوهان سان ڀلائي ڪري.
17
خبردار رهجو، ائين نہ ٿئي جو اوهين پنهنجيءَ دل ۾ چئو تہ ’اسان کي پنهنجيءَ طاقت ۽ پنهنجي هٿن جي زور جي وسيلي ئي هيءَ دولت حاصل ٿي آهي.‘
18
پر ياد رکو، تہ اهو خداوند اوهان جو خدا ئي آهي، جيڪو اوهان کي دولت حاصل ڪرڻ جي طاقت عطا ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح هو پنهنجي انهيءَ عهد کي پورو ڪري ٿو، جنهن بابت هن اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، جيئن اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي.
19
هاڻي جيڪڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا کي وساري غير معبودن جي پٺيان لڳي سندن پوڄا ڪندا ۽ کين سجدو ڪندا تہ اڄوڪي ڏينهن آءٌ اوهان کي آگاهہ ٿو ڪريان تہ اوهين ضرور نابود ڪيا ويندا.
20
جن قومن کي خداوند اوهان جي سامهون نابود ٿو ڪري، تن وانگر ئي اوهين بہ خداوند پنهنجي خدا جي ڳالهہ نہ مڃڻ ڪري نابود ٿي ويندا.“
← Chapter 7
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 9 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34