bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Deuteronomy 31
Deuteronomy 31
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 30
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 32 →
1
موسيٰ سڄي بني اسرائيل کي اهي ڳالهيون ٻڌايون.
2
پوءِ کين وڌيڪ چيائين تہ ”اڄ منهنجي عمر هڪ سؤ ويهہ سال ٿي چڪي آهي، هاڻي آءٌ وڌيڪ اوهان جي اڳواڻي ڪري نہ ٿو سگھان. ٻيو تہ خداوند بہ مون کي چيو آهي تہ ’تون اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر بلڪل نہ ويندين.‘
3
سو هاڻي خداوند اوهان جو خدا پاڻ اوهان جي اڳيان پار هلندو. هو انهن قومن کي اوهان جي اڳيان برباد ڪندو ۽ اوهين انهن جي ملڪ تي قبضو ڪندا. خداوند جي فرمان مطابق يشوع اوهان جي اڳواڻي ڪندو.
4
خداوند انهن قومن کي ائين ئي برباد ڪندو جيئن امورين جي بادشاهن سيحون ۽ عوج ۽ سندن سڄي ملڪ کي ڪيو هئائين.
5
جڏهن خداوند انهن کي اوهان جي حوالي ڪري، تڏهن اوهين ساڻن انهن سڀني حڪمن موجب هلت ڪجو، جيڪي مون اوهان کي ٻڌايا آهن.
6
سو اوهين مضبوط ۽ همت وارا ٿيو. ڊڄو نہ، نڪي انهن کان ڪو خوف ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان جو خدا پاڻ اوهان ساڻ ٿو هلي. هو اوهان کي نااميد نہ ڪندو، نڪي اوهان کي ڇڏي ڏيندو.“
7
پوءِ موسيٰ يشوع کي سڏي، بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن جي روبرو کيس چيو تہ ”مضبوط ۽ همت وارو ٿيءُ، ڇاڪاڻ تہ تون هن قوم سان گڏجي انهيءَ ملڪ ۾ ويندين، جنهن بابت خداوند هنن جي ابن ڏاڏن سان قسم کڻي واعدو ڪيو هو تہ اهو کين عطا ڪندو ۽ تون اهو کين ورثي طور ورهائي ڏيندين.
8
خداوند پاڻ اوهان جي رهنمائي پيو ڪري. هو اوهان ساڻ ئي رهندو. هو اوهان کي نااميد نہ ڪندو، نڪي اوهان کي ڇڏي ڏيندو. سو اوهين نہ ڊڄو، نڪي بيهمت ٿيو.“
9
موسيٰ هيءَ شريعت لکي، بني لاوي ڪاهنن کي جيڪي خداوند جي عهد واري صندوق کڻندا هئا ۽ بني اسرائيل جي سڀني اڳواڻن کي ڏني.
10
پوءِ موسيٰ کين حڪم ڏيئي چيو تہ ”هر ستين سال جي پڇاڙيءَ ۾، يعني قرضن جي معافيءَ واري سال ۾، تنبن واري عيد جي موقعي تي،
11
جڏهن سڀ بني اسرائيل خداوند اوهان جي خدا جي حضور ۾ سندس چونڊيل هنڌ تي اچي حاضر ٿين، تڏهن اوهين هيءَ شريعت انهن سڀني کي پڙهي ٻڌائجو.
12
اوهين سڀني ماڻهن يعني مردن، عورتن، ٻارن ۽ جيڪي ڌاريا اوهان جي شهرن ۾ رهندا هجن، تن سڀني کي گڏ ڪجو، انهيءَ لاءِ تہ هو اها شريعت ٻڌن ۽ خداوند اوهان جي خدا جو خوف رکندي انهيءَ جي سڀني ڳالهين تي خبرداريءَ سان عمل ڪرڻ سکن.
13
اهڙيءَ طرح اوهان جو اولاد، جن کي هن شريعت جي باري ۾ ڄاڻ ڪانہ هجي، سي بہ ٻڌن ۽ خداوند اوهان جي خدا جو خوف رکندي انهيءَ تي عمل ڪرڻ سکن، جيستائين اوهان جو نسل انهيءَ ملڪ ۾ زندگي گذاريندو رهي، جنهن تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين اردن درياءَ جي پار وڃڻ وارا آهيو.“
14
پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ ”هاڻي تنهنجي مرڻ جا ڏينهن ويجھا آيا آهن، سو يشوع کي سڏ ۽ پوءِ اوهين ٻيئي مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ اچي حاضر ٿيو، تہ آءٌ هن کي هدايتون ڏيان.“ تنهن تي موسيٰ ۽ يشوع وڃي خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ حاضر ٿيا.
15
تڏهن خداوند خيمي تي ڪڪر جي ٿنڀي ۾ ظاهر ٿيو. ڪڪر جو اهو ٿنڀو خيمي جي در تي بيهي رهيو.
16
خداوند موسيٰ کي چيو تہ ”تون پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي آرامي ٿيندين، پر هي ماڻهو جنهن ملڪ ۾ رهڻ لاءِ وڃن ٿا، اتي جي ڌارين معبودن جي پٺيان لڳي گمراهہ ٿيندا. هو مون کي ڇڏي ڏيندا ۽ جيڪو عهد مون ساڻن ٻڌو آهي سو ڀڃي ڇڏيندا.
17
تڏهن ان ڏينهن مون کي مٿن ڏاڍي ڪاوڙ ايندي ۽ آءٌ کين ڇڏي ڏيندس. آءٌ پنهنجو منهن انهن کان ڦيري ڇڏيندس. منجھن تباهي اچي پوندي ۽ گھڻيون ئي آفتون ۽ مصيبتون مٿن اينديون. تڏهن ان ڏينهن اهي چوندا تہ ’ڇا هي آفتون اسان تي انهيءَ ڪري نہ آيون آهن جو اسان جو خدا اسان منجھہ ڪونهي؟‘
18
غير معبودن ڏانهن ڦري جيڪي برايون هنن ڪيون هونديون، تن سڀني جي ڪري آءٌ ضرور کانئن پنهنجو منهن ڦيري ڇڏيندس.
19
تنهنڪري هاڻي جيڪو گيت آءٌ تو کي ٻڌايان ٿو سو تون لکي ڇڏ. اهو تون سڄي بني اسرائيل قوم کي سيکارج ۽ کانئن ڳائرائج، تہ ڀلي اهو گيت سندن خلاف منهنجو شاهد هجي.
20
انهيءَ سبب جو تہ جڏهن آءٌ هنن کي انهيءَ آسودي ۽ خوشحال ملڪ ۾ پهچائيندس، جنهن بابت مون سندن ابن ڏاڏن سان قسم کڻي واعدو ڪيو هو ۽ جتي هو کائي پيٽ ڀري ٿلها متارا ٿيندا، تڏهن هو غير معبودن ڏانهن ڦرندا، انهن جي پوڄا ڪندا، مون کي حقير ڄاڻيندا ۽ منهنجو عهد ڀڃي ڇڏيندا.
21
پوءِ جڏهن گھڻيون ئي آفتون ۽ مصيبتون انهن تي اينديون، تڏهن هي گيت شاهد وانگر مٿن شاهدي ڏيندو، ڇاڪاڻ تہ اهو سندن اولاد کان وسري ڪين ويندو. انهيءَ کان اڳ جو آءٌ کين انهيءَ ملڪ ۾ پهچايان، جنهن بابت مون ساڻن قسم کڻي واعدو ڪيو هو، آءٌ ڄاڻان ٿو تہ هن وقت هنن جا خيال ڪيڏانهن پيا ڊوڙن.“
22
سو موسيٰ اهو گيت بني اسرائيل کي سيکارڻ لاءِ انهيءَ ساڳئي ئي ڏينهن لکيو.
23
خداوند نون جي پٽ يشوع کي هدايت ڪري چيو تہ ”مضبوط ۽ همت وارو ٿيءُ، ڇاڪاڻ تہ تون بني اسرائيل کي انهيءَ ملڪ ۾ وٺي ويندين، جنهن بابت مون ساڻن قسم کڻي واعدو ڪيو آهي. آءٌ پاڻ بہ تو ساڻ هوندس.“
24
جڏهن موسيٰ هن شريعت جون سڀيئي ڳالهيون هڪڙي ڪتاب ۾ لکي پوريون ڪيون،
25
تڏهن هن لاوين کي، جيڪي خداوند جي عهد واري صندوق کڻندا هئا، حڪم ڏيئي چيو تہ
26
”شريعت جو هي ڪتاب کڻي، خداوند پنهنجي خدا جي عهد واري صندوق جي ڀرسان رکي ڇڏيو، انهيءَ لاءِ تہ اهو بني اسرائيل جي خلاف شاهد هجي،
27
ڇاڪاڻ تہ مون کي هنن جي بغاوت ۽ هٺ جي خبر آهي. ڏسو، اڄ تائين جڏهن تہ آءٌ هنن سان جيئرو ويٺو آهيان، تڏهن بہ هنن خداوند جي خلاف بغاوت پئي ڪئي آهي. سو منهنجي مرڻ کان پوءِ ڪيترو نہ وڌيڪ ائين ڪندا.
28
اوهين پنهنجن قبيلن جي سڀني سردارن ۽ پنهنجن عملدارن کي مون وٽ آڻي گڏ ڪريو، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ سندن ڪنن تائين هي ڳالهيون پهچايان ۽ زمين ۽ آسمان کي مٿن شاهد ڪريان.
29
مون کي يقين آهي تہ منهنجي مرڻ کان پوءِ اهي پاڻ کي بلڪل بگاڙي ڇڏيندا ۽ جنهن واٽ جو مون کين حڪم ڏنو آهي، تنهن کان ڦري ويندا. تڏهن پوين ڏينهن ۾ هنن تي مصيبتون اينديون، ڇاڪاڻ تہ اهي پنهنجن هٿن سان اهڙا ڪم ڪري خداوند کي غصو ڏياريندا، جيڪي سندس نظر ۾ برا آهن.“
30
جيڪو گيت خدا موسيٰ کي لکايو هو، سو هن بني اسرائيل جي سڄي قوم کي گڏ ڪري منڍ کان پڇاڙيءَ تائين هن طرح چئي ٻڌايو تہ
← Chapter 30
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 32 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34