bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Deuteronomy 27
Deuteronomy 27
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 26
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 28 →
1
پوءِ موسيٰ بني اسرائيل جي اڳواڻن سان گڏجي ماڻهن کي حڪم ڏيئي چيو تہ ”جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو تن سڀني تي عمل ڪندا رهجو.
2
جڏهن اوهين اردن درياءُ پار ڪري انهيءَ ملڪ ۾ داخل ٿيو، جيڪو آسودو ۽ خوشحال ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي ۽ جنهن جو خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جي خدا اوهان سان واعدو ڪيو آهي، تڏهن عيبال جبل تي اوهين وڏا وڏا پٿر کوڙي انهن کي چوني سان ليپو ڏيئي ڇڏجو. انهن پٿرن تي اوهين هن شريعت جون سموريون ڳالهيون لکي ڇڏجو.
5
اتي ئي اوهين خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ پٿرن جي هڪڙي قربانگاهہ ٺاهجو. انهن پٿرن تي لوهہ جو ڪوبہ اوزار ڪم نہ آڻجو.
6
اها قربانگاهہ اوهين اڻگھڙيل پٿرن سان ٺاهجو. پوءِ انهيءَ تي خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ ساڙڻ واريون قربانيون ڪجو.
7
اوهين سلامتيءَ جون قربانيون ڪري اهي اُتي ئي کائجو ۽ خداوند جي حضور ۾ خوشيون ملهائجو.
8
ياد رکو، اوهين انهن کوڙيل پٿرن تي هن شريعت جون سڀيئي ڳالهيون صاف ۽ چٽيءَ طرح لکجو.“
9
پوءِ موسيٰ ۽ لاوي ڪاهنن بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي مخاطب ٿي چيو تہ ”اي بني اسرائيل! ماٺ ڪري ٻڌو. اڄوڪي ڏينهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جي قوم بڻجي ويا آهيو.
10
تنهنڪري اوهين خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري ڪجو ۽ سندس جيڪي حڪم ۽ قانون آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو، تن تي عمل ڪجو.“
11
موسيٰ انهيءَ ساڳئي ڏينهن ماڻهن کي حڪم ڏيئي چيو تہ
12
”جڏهن اوهين سڀ اردن درياءُ ٽپي پار وڃو، تڏهن برڪتن لاءِ اشاري طور هي قبيلا گرزيم جبل تي بيهن: شمعون، لاوي ، يهوداہ، اِسڪار، يوسف ۽ بنيامين.
13
جڏهن تہ لعنتن لاءِ اشاري طور باقي هي قبيلا عيبال جبل تي بيهن: روبن، جد، آشر، زبولون، دان ۽ نفتالي.
14
پوءِ مذهبي اڳواڻ لاوي وڏي آواز سان بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي هيئن چون:
15
’لعنت هجي ان ماڻهوءَ تي جيڪو تراشي يا پلٽي هٿرادو مورتي جوڙي ٿو، جنهن کان خدا کي نفرت آهي ۽ پوءِ هو انهيءَ کي پوڄا لاءِ ڪنهن لڪل جاءِ تي ٿو رکي.‘ پوءِ سڀ ماڻهو ورندي ڏيئي چون ’آمين.‘
16
’لعنت هجي ان ماڻهوءَ تي جيڪو پنهنجي ماءُ پيءُ جي بيعزتي ڪري.‘ پوءِ سڀ ماڻهو چون ’آمين.‘
17
’لعنت هجي ان ماڻهوءَ تي جيڪو پنهنجي پاڙيسريءَ جي حد جي نشان کي پوئتي هٽائي ٿو.‘ پوءِ سڀ ماڻهو چون ’آمين.‘
18
’لعنت هجي ان ماڻهوءَ تي جيڪو انڌي کي رستي کان ڀٽڪائي ٿو.‘ پوءِ سڀ ماڻهو چون ’آمين.‘
19
’لعنت هجي ان ماڻهوءَ تي جيڪو يتيم، رنزال يا اسان وٽ رهندڙ ڪنهن ڌارئي سان ناحق ٿو ڪري.‘ پوءِ سڀ ماڻهو چون ’آمين.‘
20
’لعنت هجي ان ماڻهوءَ تي جيڪو پنهنجي پيءُ جي زال سان سمهي، ڇوجو ائين هو پنهنجي پيءُ جو ننگ ٿو اگھاڙي.‘ پوءِ سڀ ماڻهو چون ’آمين.‘
21
’لعنت هجي ان ماڻهوءَ تي جيڪو ڪنهن بہ جانور سان بدفعلي ڪري.‘ پوءِ سڀ ماڻهو چون ’آمين.‘
22
’لعنت هجي ان ماڻهوءَ تي جيڪو پنهنجيءَ ڀيڻ يعني پنهنجي پيءُ يا ماءُ جي ڌيءَ سان سمهي.‘ پوءِ سڀ ماڻهو چون ’آمين.‘
23
’لعنت هجي ان ماڻهوءَ تي جيڪو پنهنجيءَ سس سان سمهي.‘ پوءِ سڀ ماڻهو چون ’آمين.‘
24
’لعنت هجي ان ماڻهوءَ تي جيڪو پنهنجي پاڙيسريءَ کي لڪي قتل ڪري.‘ پوءِ سڀ ماڻهو چون ’آمين.‘
25
’لعنت هجي ان ماڻهوءَ تي جيڪو ڪنهن بيگناهہ کي قتل ڪرڻ لاءِ رشوت وٺي.‘ پوءِ سڀ ماڻهو چون ’آمين.‘
26
’لعنت هجي ان ماڻهوءَ تي جيڪو هن شريعت جي ڳالهين تي قائم نہ ٿو رهي ۽ نہ مٿن عمل ٿو ڪري.‘ پوءِ سڀ ماڻهو چون ’آمين.‘“
← Chapter 26
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 28 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34