bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Deuteronomy 21
Deuteronomy 21
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 20
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 22 →
1
موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان جي قبضي ۾ ڏيڻ وارو آهي، تنهن ۾ جيڪڏهن ڪنهن جو لاش ٻاهر ڪٿي پيل ملي ۽ اها خبر نہ پوي تہ کيس ڪنهن ماريو آهي،
2
تڏهن اوهان جا اڳواڻ ۽ جج ٻاهر نڪري انهيءَ لاش کان وٺي آسپاس وارن شهرن تائين ماپ ڪن.
3
پوءِ جيڪو شهر انهيءَ لاش کي سڀني کان ويجھو هجي، تنهن جا اڳواڻ هڪڙي اهڙي گابي چونڊي وٺن، جنهن کان اڃا نہ ڪو ڪم ورتو ويو هجي ۽ نہ وري اڃا تائين پاڃاريءَ ۾ جوٽي ويئي هجي.
4
انهيءَ شهر جا اڳواڻ انهيءَ گابيءَ کي هڪڙي اهڙي برساتي نهر ۾ وٺي وڃن جنهن ۾ وهندڙ پاڻي هجي ۽ منجھس اڃا نہ هر وهيو هجي، نہ پوک ٿي هجي. انهيءَ برساتي نهر ۾ هو ان گابيءَ جو ڪنڌ ڀڃي ڇڏين.
5
پوءِ ڪاهن ويجھو اچن، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان جي خدا انهن کي لاوي قبيلي مان ان لاءِ چونڊيو آهي تہ اهي سندس خدمت ڪن ۽ خداوند جي نالي سان ماڻهن لاءِ خير جي دعا گھرن ۽ هر ڪنهن جھيڙي ۽ خونريزيءَ جو فيصلو ڪن.
6
پوءِ جيڪو شهر انهيءَ لاشي کي سڀني کان ويجھو آهي تنهن جا سمورا اڳواڻ، انهيءَ گابيءَ جي مٿان، جنهن جو انهيءَ برساتي نهر ۾ ڪنڌ ڀڳو ويو آهي، پنهنجا پنهنجا هٿ ڌوئن
7
۽ شاهدي ڏيندي چون تہ ’نہ اسان جي هٿان اهو خون ٿيو آهي ۽ نہ اسان جي اکين اهو خون ٿيندي ڏٺو آهي.
8
سو اي خداوند! تون پنهنجي قوم بني اسرائيل ، جنهن کي تو ڇڏايو آهي تنهن جو هي ڪفارو قبول ڪر. بيگناهہ جو خون تون پنهنجي قوم بني اسرائيل جي سر تي نہ لڳاءِ.‘ تڏهن ئي انهيءَ خون جي سزا کان کين معافي ملندي.
9
تنهنڪري جيڪو ڪم خداوند جي نظر ۾ درست آهي، سو ئي ڪري اوهين بيگناهہ خون پاڻ تان ٽاري ڇڏجو.“
10
”جڏهن اوهين پنهنجن دشمنن سان جنگ ڪرڻ نڪرو ۽ خداوند اوهان جو خدا انهن کي اوهان جي هٿ ۾ ڏئي ۽ اوهين کين قيد ڪري وٺي اچو
11
۽ پوءِ انهن قيدين ۾ ڪا سهڻي عورت ڏسي اوهان مان ڪنهن جي دل ساڻس شادي ڪرڻ چاهي،
12
تہ اهو انهيءَ کي پنهنجي گھر ۾ وٺي اچي ۽ هن جو مٿو ڪوڙائي ۽ ننهن لهرائي ڇڏي.
13
هوءَ پنهنجا قيد وارا ڪپڙا بدلائي سندس گھر ۾ رهي. هوءَ هڪڙي مهيني تائين پنهنجي ماءُ پيءُ جي لاءِ سوڳ ڪري، تنهن کان پوءِ هو ڀلي وٽس وڃي، سندس مڙس ٿئي ۽ هوءَ سندس زال ٿئي.
14
پوءِ جيڪڏهن هو انهيءَ مان خوش نہ ٿئي تہ کيس ڇڏي ڏئي تہ جيڏانهن وڻيس اوڏانهن هلي وڃي. پر هو کيس پئسن تي هرگز نہ وڪڻي، نڪي ساڻس ٻانهيءَ جهڙي هلت ڪري، ڇاڪاڻ تہ هوءَ ڪڏهن سندس ننگ هئي.“
15
”ٿي سگھي ٿو تہ ڪنهن ماڻهوءَ کي ٻہ زالون هجن، جن مان هڪڙي سندس وڻندڙ ۽ ٻي اڻوڻندڙ هجي ۽ انهن ٻنهي مان کيس پٽ هجن. هاڻي جيڪڏهن پهريتو پٽ سندس اڻوڻندڙ زال مان هجيس،
16
تہ جڏهن هو پنهنجي ميراث پنهنجي پٽن ۾ ورهائي تڏهن سندس اڻوڻندڙ زال جو پٽ، جيڪو سچ پچ سندس پهريتو پٽ آهي، تنهن جي هوندي پنهنجيءَ وڻندڙ زال جي پٽ کي پهريتو قرار نہ ڏئي.
17
پر هو اڻوڻندڙ زال جي پٽ کي پهريتو قرار ڏئي ۽ کيس سموري مال منجھان ٻہ حصا ڏئي، ڇاڪاڻ تہ هو سندس اولاد پيدا ڪرڻ واري قوت جو پهريون ٻار آهي ۽ پهريتي هئڻ جو حق انهيءَ جو آهي.“
18
”جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو پٽ ضدي ۽ فسادي هجي، جيڪو پنهنجي ماءُ پيءُ جو چيو نہ مڃيندو هجي ۽ جيتوڻيڪ هو کيس تنبيهہ ڪن تہ بہ سندن نہ ٻڌي،
19
تہ پوءِ سندس ماءُ پيءُ کيس پڪڙي ٻاهر شهر جي دروازي تي، انهيءَ شهر جي اڳواڻن وٽ وٺي اچن.
20
اهي شهر جي اڳواڻن کي چون تہ ’اسان جو هي پٽ ضدي ۽ فسادي آهي، جيڪو اسان جو چيو نہ ٿو مڃي. هي هٿ ڦاڙ ۽ شرابي آهي.‘
21
تڏهن سندس شهر جا سڀ ماڻهو کيس سنگسار ڪري ماري ڇڏين. اهڙيءَ طرح اوهين اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏجو. بني اسرائيل جا سڀ ماڻهو اهو ٻڌندا ۽ ڊڄندا.“
22
”جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ اهڙو گناهہ ڪيو هجي جو کيس موت جي سزا ڏيڻ واجب هجي ۽ انهيءَ کي موت جي سزا ڏيئي وڻ تي لٽڪايو ويو هجي،
23
تہ انهيءَ جو لاشو سڄي رات وڻ تي لٽڪيل نہ رهي. پر اوهين انهيءَ کي ساڳئي ئي ڏينهن دفن ڪري ڇڏجو، ڇاڪاڻ تہ جنهن کي ڦاسي ٿي ملي سو خداوند جي طرفان لعنتي آهي. سو ائين نہ ٿئي جو جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ميراث طور ڏيڻ وارو آهي، تنهن کي اوهين ناپاڪ ڪريو.“
← Chapter 20
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 22 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34