bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Deuteronomy 25
Deuteronomy 25
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 24
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 26 →
1
جيڪڏهن ماڻهن ۾ ڪو جھيڙو جھڳڙو ٿئي تہ اهي عدالت ۾ اچن ۽ جج انهن جو انصاف ڪن. ججن کي گھرجي تہ هو سچار کي بيگناهہ قرار ڏين ۽ گنهگار کي سزا ڏين.
2
جيڪڏهن اهو گنهگار ڦٽڪن کائڻ جي لائق هجي تہ انهيءَ کي زمين تي سمهاري، جج پنهنجي روبرو سندس گناهہ مطابق کيس ڳڻي ڦٽڪا هڻائي.
3
هو کيس وڌ ۾ وڌ چاليهہ ڦٽڪا هڻائي، انهن کان وڌيڪ نہ، متان انهن کان وڌيڪ ڦٽڪا کائڻ ڪري اوهان جو همقوم ماڻهو اوهان جي آڏو حقير ڏسڻ ۾ اچي.
4
جڏهن ڪو ڍڳو ڳاهہ ۾ وهي، تڏهن ان جو وات نہ ٻڌ.“
5
موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جيڪڏهن ڪي ڀائر گڏ رهندا هجن ۽ انهن مان هڪڙو ريپٽيتو مري وڃي، تہ فوتيءَ جي زال ڪنهن ڌارئي ماڻهوءَ سان وڃي نہ پرڻجي، بلڪ سندس مڙس جو ڀاءُ وٽس وڃي ۽ کيس پنهنجي زال ڪري. ائين هو پنهنجي ڏير هئڻ جو فرض ادا ڪري.
6
پوءِ ان مان جيڪو پهريون پٽ ڄمندو سو سندس فوتيءَ ڀاءُ جو سمجھيو ويندو، انهيءَ لاءِ تہ بني اسرائيل منجھان انهيءَ جو نالو ميٽجي نہ وڃي.
7
پر جيڪڏهن اهو ماڻهو پنهنجي ڀاڄائيءَ سان شادي ڪرڻ نہ چاهي، تہ سندس ڀاڄائي شهر جي در تي اڳواڻن وٽ وڃي ۽ کين چوي تہ ’منهنجو ڏير پنهنجي ڀاءُ جو نالو بني اسرائيل ۾ قائم رکڻ کان انڪار ٿو ڪري ۽ مون سان شادي ڪري ڏير جو فرض ادا ڪرڻ نہ ٿو گھري.‘
8
تڏهن شهر جا اڳواڻ انهيءَ ماڻهوءَ کي سڏائي ان بابت کيس سمجھائين. جيڪڏهن پوءِ بہ هو پنهنجيءَ ڳالهہ تي قائم رهي ۽ چوي تہ ’آءٌ هن سان شادي ڪرڻ نہ ٿو چاهيان،‘
9
تہ پوءِ سندس ڀاڄائي اڳواڻن جي روبرو ان جي ويجھو اچي سندس پير مان پادر لاهي ۽ سندس منهن ۾ ٿڪ هڻي چوي تہ ’جيڪو پنهنجي ڀاءُ جو گھر آباد نہ ٿو ڪري تنهن سان ائين ئي ڪيو ويندو.‘
10
پوءِ بني اسرائيل ۾ انهيءَ ماڻهوءَ جو هي نالو پئجي ويندو، ’پادر لٿل ماڻهوءَ جو گھراڻو.‘“
11
”جيڪڏهن ٻہ ماڻهو پاڻ ۾ وڙهندا هجن ۽ هڪڙي جي زال پنهنجي مڙس کي مارڻ واري جي هٿان ڇڏائڻ جي لاءِ ويجھو اچي هٿ ڊگھيري انهيءَ ماڻهوءَ جي مرداڻن عضون کي پڪڙي،
12
تہ اوهين انهيءَ عورت جو هٿ وڍي ڇڏجو ۽ مٿس ڪوبہ قياس نہ ڪجو.
13
اوهين پنهنجي ڳوٿريءَ ۾ هڪڙي ئي وزن جا ٻہ مختلف وٽ، يعني هڪڙا ننڍا ۽ ٻيا وڏا نہ رکجو.
14
اوهين پنهنجي گھر ۾ هڪڙيءَ ئي ماپ جا ٻہ مختلف ماپا، يعني هڪڙا ننڍا ۽ ٻيا وڏا نہ رکجو.
15
بلڪ اوهين بلڪل پورا ۽ سچا وٽ ۽ ماپا رکجو، انهيءَ لاءِ تہ جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي، تنهن ۾ اوهين گھڻي عرصي تائين رهو.
16
جيڪي ماڻهو اهڙا بيايمانيءَ جا ڪم ٿا ڪن، تن کان خداوند اوهان جي خدا کي نفرت آهي.“
17
”ياد ڪريو، جڏهن اوهين مصر مان نڪري آيا، تڏهن واٽ ۾ عماليقين اوهان سان ڇا ڇا ڪيو.
18
هنن ڪيئن نہ واٽ تي اچي اوهان تي حملو ڪيو هو. جڏهن اوهين ٿڪل ۽ ماندا هئا، تڏهن ڪيئن نہ هنن پٺتي رهجي ويل ماڻهن کي اچي ماريو ۽ خدا جو ڪو خوف نہ ڪيائون.
19
تنهنڪري جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ورثي طور قبضي ۾ ڏيڻ وارو آهي، تنهن ۾ جڏهن خداوند اوهان جو خدا اوهان جي آسپاس وارن دشمنن کان اوهان کي آرام بخشي، تڏهن اوهين ڌرتيءَ تان عماليقين جو نالو نشان مِٽائي ڇڏجو. اها ڳالهہ اوهين وساري نہ ڇڏجو.“
← Chapter 24
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 26 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34