bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Deuteronomy 18
Deuteronomy 18
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 17
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 19 →
1
موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ” ڪاهنن جي سڄي قبيلي يعني لاويءَ کي بني اسرائيل سان گڏ زمين جو ڪوبہ حصو يا ورثو ڪونہ ملندو. انهيءَ جي بدران اهي خداوند جي ميراث يعني ساڙيون ويندڙ قربانيون ۽ نذرانا کائيندا.
2
هنن کي سندن بني اسرائيل قوم وارن سان گڏ ٻي ڪابہ ميراث ڪونہ ملندي، ڇو تہ خداوند کي ڏنل نذرانن مان ڪجھہ حصو سندن ميراث آهي، جيئن هن کين فرمايو آهي.
3
جيڪي ماڻهو ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين جي قرباني ڪندا، تن مان ڪاهنن جو حق هي ٿيندو. اهي ڪاهنن کي انهيءَ جو ڪنڌو، ڄاڙي ۽ اوجھري ڏين.
4
اوهين سال بسال پنهنجي اناج، مئي ۽ زيتون جي تيل مان پهرين پيداوار جو حصو ۽ پنهنجين رڍن جي پهرين اُن جو حصو انهن کي ڏجو.
5
انهيءَ سبب جو خداوند اوهان جي خدا لاوين کي اوهان جي سڀني قبيلن منجھان چونڊي ڪڍيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اهي ۽ سندن اولاد هميشہ خداوند جي نالي جي خدمت ڪرڻ لاءِ حاضر رهن.
6
سڄي ملڪ منجھان اوهان جي ڪنهن بہ شهر ۾ رهندڙ ڪو لاوي جيڪڏهن پنهنجيءَ دل جي پوري ارادي سان انهيءَ جاءِ تي اچي، جيڪا خداوند چونڊيندو،
7
تہ اُتي موجود پنهنجي سڀني لاوي ڀائرن وانگر هو بہ خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خدمت ڪندو رهي.
8
هن کي بہ کائڻ لاءِ ٻين جيترو حصو ملندو. انهيءَ کان علاوہ جيڪا رقم کيس اباڻي ملڪيت جي وڪري مان حاصل ٿئي، سا بہ ملندس.“
9
”جڏهن اوهين انهيءَ ملڪ ۾ پهچو جيڪو خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي، تڏهن اوهين انهن قومن وانگر ڪراهت جهڙا ڪم ڪرڻ نہ سکجو.
10
اوهان منجھہ ڪوبہ اهڙو ماڻهو نہ هجي جيڪو پنهنجي پٽ يا ڌيءَ کي قربانيءَ طور ساڙي، يا جيڪو غيب جون ڳالهيون ڪري، قسمت جو حال ٻڌائي، فال وجھي، جادوگري ڪري،
11
يا جيڪو منتر پڙهي، مئلن جي روحن کان پڇاڳاڇا ڪري ۽ ساڻن صلاح مشورو ڪري.
12
جيڪي اهي ڪم ڪن ٿا، سي سڀ خداوند جي نظر ۾ نفرت جي لائق آهن. اهڙن ئي ڪراهت جهڙن ڪمن جي ڪري خداوند اوهان جو خدا انهن کي اوهان جي اڳيان اتان ڀڄائي ڪڍندو.
13
اوهين خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ بيقصور ٿي رهجو.“
14
پوءِ موسيٰ چيو تہ ”جن قومن کي اوهين بيدخل ڪندا، سي قسمت جو حال ٻڌائيندڙن ۽ غيب جون ڳالهيون ڪرڻ وارن جي پيروي ڪن ٿيون. پر خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ائين ڪرڻ جي اجازت نہ ٿو ڏئي.
15
خداوند اوهان جو خدا اوهان منجھان، يعني اوهان جي بني اسرائيل قوم وارن منجھان ئي، اوهان جي لاءِ مون جهڙو هڪڙو نبي پيدا ڪندو. اوهين انهيءَ جي ٻڌجو.
16
هي اوهان جي انهيءَ درخواست موجب ٿيندو، جڏهن اوهان سينا جبل وٽ گڏجاڻيءَ واري ڏينهن خداوند پنهنجي خدا کي چيو هو تہ ’شل اسين خداوند پنهنجي خدا جو آواز وري نہ ٻڌون، نڪي وري اهڙي وڏي باهہ ڏسون، جو متان اسين مري وڃون.‘
17
تڏهن خداوند مون موسيٰ کي فرمايو هو تہ ’هنن جو چوڻ صحيح آهي.
18
آءٌ خداوند هنن جي لاءِ سندن بني اسرائيل قوم وارن منجھان ئي تو جهڙو هڪڙو نبي پيدا ڪندس. آءٌ پنهنجو فرمان انهيءَ جي وات ۾ وجھندس. جيڪو بہ حڪم آءٌ هن کي ڏيندس، سو هو کين ٻڌائيندو.
19
جيڪي بہ منهنجيون ڳالهيون هو منهنجي نالي چوندو، سي جيڪڏهن ڪو ماڻهو نہ مڃيندو تہ آءٌ انهيءَ کان ان جو حساب وٺندس.
20
پر جيڪو نبي سڏائيندڙ گستاخي ڪري ڪا اهڙي ڳالهہ منهنجي نالي چوندو، جنهن جو مون کيس حڪم نہ ڏنو هوندو، يا وري جيڪو غير معبودن جي نالي ڪجھہ چوندو تہ انهيءَ کي موت جي سزا ڏني ويندي.‘
21
هاڻي جيڪڏهن اوهين پنهنجيءَ دل ۾ چئو تہ ’اسان کي اها خبر ڪيئن پوندي تہ هي ڳالهيون خداوند ڪين فرمايون آهن؟‘
22
تنهن لاءِ اهو ياد رکي ڇڏيو تہ جڏهن ڪو نبي سڏائيندڙ خداوند جي نالي ڪجھہ چوي، پر سندس چوڻ موجب نہ ٿئي ۽ هن جي ڳالهہ پوري نہ ٿئي، تہ اها ڳالهہ خداوند طرفان نہ آهي، بلڪ اها انهيءَ نبي سڏائيندڙ گستاخي ڪري چئي آهي. سو متان اوهين انهيءَ کان ڊڄو.“
← Chapter 17
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 19 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34