bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Deuteronomy 20
Deuteronomy 20
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 19
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 21 →
1
موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جڏهن اوهين پنهنجي دشمنن سان جنگ ڪرڻ نڪرو، تڏهن پاڻ کان وڌيڪ لشڪر، گھوڙا ۽ جنگي گاڏيون ڏسي ڊڄي نہ وڃجو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان جو خدا اوهان ساڻ آهي، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آندو.
2
جڏهن جنگ شروع ٿيڻ واري هجي، تڏهن ڪاهن اڳيان اچي بيهي ۽ ماڻهن سان مخاطب ٿئي.
3
هو کين چوي تہ ’اي بني اسرائيل! ٻڌو، اڄ اوهين پنهنجن دشمنن سان جنگ ڪرڻ لاءِ آيا آهيو، سو اوهين دل نہ لاهجو. اوهين نڪي ڊڄو، نڪي ڏڪو ۽ نہ وري انهن کي ڏسي دهلجي وڃجو.
4
خداوند اوهان جو خدا پاڻ اوهان سان گڏ ٿو هلي، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جي پاران اوهان جي دشمنن سان جنگ ڪري اوهان کي فتح بخشي.‘
5
پوءِ عملدار ماڻهن کي مخاطب ٿي چون تہ ’اوهان مان جنهن ماڻهوءَ نئون گھر جوڙايو هجي ۽ خيرات ڪري انهيءَ ۾ اڃا رهڻ شروع نہ ڪيو هجائين تہ اهو پنهنجي گھر ڏانهن موٽي وڃي، انهيءَ لاءِ تہ متان اهو جنگ ۾ مارجي وڃي ۽ ڪو ٻيو ماڻهو انهيءَ گھر ۾ رهڻ شروع ڪري.
6
جنهن ماڻهوءَ انگورن جو باغ لڳايو هجي ۽ انهيءَ جو ميوو اڃا نہ کاڌو هجائين تہ اهو بہ پنهنجي گھر ڏانهن موٽي وڃي، انهيءَ لاءِ تہ متان اهو جنگ ۾ مارجي وڃي ۽ ڪو ٻيو ماڻهو انهيءَ جو ميوو کائي.
7
جنهن ماڻهوءَ جو ڪنهن عورت سان مڱڻو ٿيو هجي ۽ انهيءَ کي شادي ڪري وٺي نہ آيو هجي، تہ اهو بہ پنهنجي گھر موٽي وڃي، انهيءَ لاءِ تہ متان اهو جنگ ۾ مارجي وڃي ۽ ڪو ٻيو ماڻهو انهيءَ سان شادي ڪري.‘
8
عملدار ماڻهن کي هيئن بہ چون تہ ’جيڪو ماڻهو ڊڄڻو ۽ بيهمت هجي، تہ اهو بہ پنهنجي گھر موٽي وڃي، انهيءَ لاءِ تہ متان سندس بني اسرائيل جا ڀائر بہ انهيءَ وانگر بيهمت ٿي پون.‘
9
پوءِ جڏهن عملدار ماڻهن سان ڳالهائي بس ڪن، تڏهن هو انهن جي لشڪر جي مٿان ڪي سالار مقرر ڪن.
10
جڏهن اوهين ڪنهن شهر سان جنگ ڪرڻ لاءِ انهيءَ جي ويجھو پهچو، تڏهن پهريائين شهر وارن ڏانهن صلح جو پيغام موڪلجو.
11
جيڪڏهن هو صلح منظور ڪن ۽ اوهان جي لاءِ دروازا کولي ڇڏين تہ اتي جا سڀ رهاڪو اوهان جي بيگر وهندا ۽ اوهان جا غلام ٿي رهندا.
12
پر جيڪڏهن هو اوهان سان صلح نہ ڪن، بلڪ جنگ شروع ڪن، تہ پوءِ اوهين انهيءَ شهر جو گھيرو ڪجو.
13
پوءِ جڏهن خداوند اوهان جو خدا اهو اوهان جي قبضي ۾ ڏئي، تڏهن اوهين اتي جي سڀني مردن کي تلوار جي ڌار سان قتل ڪري ڇڏجو.
14
پر عورتون، ٻار، ڍور ڍڳا ۽ ٻيو جيڪي بہ شهر جو لُٽ وارو مال هجي، سو اوهين پنهنجي لاءِ رکجو. اوهان جي دشمنن جي لُٽ جو مال جيڪو خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏئي، سو اوهين ڀلي پنهنجي ڪتب آڻجو.
15
انهن سڀني شهرن سان اوهين ائين ئي ڪجو، جيڪي اوهان کان گھڻو پري آهن ۽ جن جو ويجھين ڪنعاني قومن سان واسطو نہ آهي.
16
پر جن قومن جا شهر خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ميراث طور ڏيڻ وارو آهي، تن ۾ ڪوبہ ساهوارو جيئرو نہ ڇڏجو.
17
بلڪ اوهين انهن کي يعني حتين، امورين، ڪنعانين، فرزين، حوين ۽ يبوسين کي بلڪل برباد ڪري ڇڏجو، جيئن خداوند اوهان جي خدا اوهان کي حڪم ڏنو آهي.
18
انهيءَ لاءِ تہ متان اهي ڪراهت جهڙا ڪم، جيڪي هنن پنهنجي معبودن لاءِ ڪيا آهن، سي اوهان کي بہ ڪرڻ سيکارين ۽ پوءِ اوهين خداوند پنهنجي خدا جا گنهگار ٿيو.
19
جڏهن اوهين ڪنهن شهر کي جنگ ڪري فتح ڪرڻ لاءِ گھڻي وقت تائين ان جو گھيرو ڪيو ويٺا هجو، تڏهن اوهين ڪهاڙيءَ سان انهيءَ جا وڻ وڍي نہ ڇڏجو، ڇو تہ انهن جو ميوو اوهان جي کائڻ جي ڪم ايندو. تنهنڪري انهن کي نہ وڍجو، ڇاڪاڻ تہ ميدان جا وڻ ڪي ماڻهو ڪين آهن جو اوهين انهن کي گھيرو ڪريو.
20
رڳو اهي وڻ، جيڪي اوهين سمجھو ٿا تہ کائڻ جي ڪم جا نہ آهن، سي اوهين وڍي برباد ڪري منجھائن انهيءَ شهر جي سامهون حملي واسطي ديوار تائين پهچڻ لاءِ چاڙهي ٺاهجو، جيڪو شهر اوهان سان جنگ ٿو ڪري، ايستائين جو اهو هٿ اچي.“
← Chapter 19
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 21 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34