bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Deuteronomy 23
Deuteronomy 23
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 22
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 24 →
1
موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جنهن ماڻهوءَ جا مرداڻا خاص عضوا چٿيل يا وڍيل هجن، سو خداوند جي قوم ۾ حق حقوق رکندڙ فرد ٿي نہ ٿو سگھي.
2
ڪوبہ غير شرعي طور ڄاول خداوند جي قوم ۾ حق حقوق رکندڙ فرد ٿي نہ ٿو سگھي، بلڪ ڏهين پيڙهيءَ تائين بہ سندس نسل مان ڪو اهڙو فرد ٿي نہ ٿو سگھي.
3
اوهان وٽ رهندڙ امونين يا موآبين مان سندن ڏهين پيڙهيءَ تائين بہ ڪو خداوند جي قوم ۾ حق حقوق رکندڙ فرد ٿي نہ ٿو سگھي.
4
انهيءَ سبب جو جڏهن اوهين مصر مان نڪري آيا ٿي، تڏهن رستي ۾ اهي ماني ۽ پاڻي کڻي اوهان سان ملڻ لاءِ ڪين آيا، بلڪ اٽلندو هو بعور جي پٽ بلعام کي ارام جي ندين واري علائقي جي شهر فتور مان پئسا ڏيئي وٺي آيا، تہ جيئن اهو اوهان تي لعنت وجھي.
5
پر خداوند اوهان جي خدا بلعام جي نہ ٻڌي، بلڪ اوهان جي لاءِ لعنت کي ڦيرائي برڪت ڪيائين، ڇوجو خداوند اوهان جي خدا کي اوهان سان محبت هئي.
6
اوهين هميشہ هميشہ لاءِ ڪڏهن بہ انهن جي سلامتي يا خيريت نہ چاهجو.
7
پر اوهين پاڻ وٽ رهندڙ ڪنهن ادوميءَ کان نفرت نہ ڪجو، ڇاڪاڻ تہ اهو اوهان جو عزيز آهي. اوهين پاڻ وٽ رهندڙ ڪنهن مصريءَ کان بہ نفرت نہ ڪجو، ڇاڪاڻ تہ اوهين سندس ملڪ ۾ ڌاريا ٿي رهيا هئا.
8
انهن جي ٽين پيڙهيءَ ۾ جيڪي ٻار پيدا ٿين، سي خداوند جي قوم ۾ حق حقوق رکندڙ فرد ٿي سگھن ٿا.“
9
”جڏهن اوهين پنهنجن دشمنن سان وڙهڻ لاءِ خيما کوڙي رهيا پيا هجو، تڏهن پاڻ کي هر ڪنهن پليتيءَ کان بچائجو.
10
جيڪڏهن اوهان ۾ ڪو اهڙو ماڻهو هجي، جو رات جو خواب جي سببان ناپاڪ ٿي پيو هجي، تہ اهو خيميگاهہ کان ٻاهر نڪري وڃي ۽ خيميگاهہ ۾ نہ اچي.
11
پر جڏهن سانجھي ٿئي تہ هو وهنجي ۽ سج لهڻ کان پوءِ ڀلي خيميگاهہ جي اندر اچي.
12
اوهين پاخاني ڪرڻ لاءِ خيميگاهہ کان ٻاهر هڪڙي جاءِ مقرر ڪري ڇڏجو.
13
اوهين پاڻ سان پنهنجي هٿيارن ۾ هڪڙو رنبو بہ رکجو، انهيءَ لاءِ تہ جڏهن اوهين ٻاهر پاخاني ڪرڻ لاءِ وڃو، تڏهن انهيءَ سان زمين کي کوٽيو ۽ اٿڻ وقت گند کي ڍڪي ڇڏيو.
14
جيئن تہ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي بچائڻ ۽ اوهان جي دشمنن کي اوهان جي هٿ ۾ ڏيڻ لاءِ اوهان جي خيميگاهہ ۾ پيو گھمي ٿو، تنهنڪري اوهين پنهنجي خيميگاهہ کي پاڪ رکجو، متان هو اوهان ۾ گندگي ڏسي اوهان کان منهن ڦيرائي هليو وڃي.“
15
”جيڪڏهن ڪو غلام پنهنجي مالڪ وٽان ڀڄي اوهان وٽ اچي پناهہ وٺي تہ انهيءَ کي سندس مالڪ جي حوالي نہ ڪجو،
16
بلڪ هو ڀلي اوهان وٽ، اوهان جي وچ ۾، اوهان جي شهرن مان ڪنهن ۾ بہ، جتي وڻيس اتي رهي. اوهين انهيءَ تي ظلم نہ ڪجو.
17
بني اسرائيل جي ڌيئرن يا پٽن مان ڪوبہ ڪنهن مذهبي رسم ادا ڪندي ڪسبياڻيءَ يا لونڊي وارو ڪم نہ ڪري.
18
اوهين خداوند پنهنجي خدا جي گھر ۾، ڪسبياڻيءَ يا لونڊي جي ڪمائيءَ مان باس نہ آڻجو، ڇاڪاڻ تہ انهن ٻنهي کان خداوند اوهان جي خدا کي نفرت آهي.
19
اوهين بني اسرائيل مان پنهنجي ڪنهن همقوم کي وياج تي قرض نہ ڏجو. کانئس پئسن، کاڌي جي شين يا ڪنهن بہ ٻيءَ شيءِ تي وياج نہ وٺجو.
20
ڪنهن ڌارئي ماڻهوءَ کي اوهين ڀلي وياج تي قرض ڏيو. پر بني اسرائيل مان پنهنجي ڪنهن همقوم کي ڪابہ شيءِ وياج تي اڌاري نہ ڏجو، انهيءَ لاءِ تہ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا تنهن ۾ خداوند اوهان جو خدا انهن سڀني ڪمن ۾ اوهان کي برڪت عطا ڪري، جن ۾ اوهين هٿ وجھو.
21
جڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا وٽ ڪا باس باسيو، تہ انهيءَ کي پوري ڪرڻ ۾ دير نہ ڪجو، ڇو تہ خداوند ضرور اوهان کان انهيءَ جي طلب ڪندو ۽ تڏهن اوهين گنهگار ٿيندا.
22
پر جيڪڏهن اوهان باس نہ باسي هجي تہ پوءِ اوهان تي ڪو گناهہ ڪونهي.
23
جيڪي اوهان جي زبان مان نڪري سو اوهين ضرور پورو ڪريو ۽ جهڙي باس اوهان خداوند پنهنجي خدا وٽ رضا خوشيءَ سان واعدو ڪري باسي هجي تنهن موجب اها پوري ڪجو.
24
جيڪڏهن اوهين پنهنجي پاڙيسريءَ جي انگورن جي باغ ۾ وڃو، تہ جيترا انگور اوهان کي وڻن اوترا کائي پيٽ ڀريو، پر پنهنجي ٿانوَ ۾ ڪجھہ بہ کڻي نہ وڃجو.
25
جيڪڏهن اوهين پنهنجي پاڙيسريءَ جي اناج جي بيٺل پوک ۾ وڃو، تہ اوهين هٿ سان ڀلي سنگ پٽيو، پر انهيءَ ۾ ڏاٽو نہ گھمائجو.“
← Chapter 22
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 24 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34