bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Deuteronomy 9
Deuteronomy 9
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 8
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 10 →
1
موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”اي بني اسرائيل! ٻڌو، اوهين اڄ اردن درياءَ کان پار انهيءَ لاءِ وڃڻ وارا آهيو تہ جيئن اهي قومون جيڪي اوهان کان وڏيون ۽ طاقتور آهن ۽ جن جي وڏن شهرن جون ڀتيون آسمان سان ڳالهيون ٿيون ڪن، تن کي ڀڄائي ڪڍو.
2
اتي جا ماڻهو ڊگھا ۽ طاقتور يعني راڪاس جو اولاد آهن، جن کي اوهين ڄاڻو ٿا. انهن بابت اوهان اهو بہ ٻڌو آهي تہ ’ڪير آهي جيڪو راڪاس جي اولاد جو مقابلو ڪري سگھي؟‘
3
تنهنڪري اوهين اڄوڪي ڏينهن ڄاڻي ڇڏيو تہ خداوند اوهان جو خدا، ساڙي رک ڪندڙ باهہ وانگر اوهان جي اڳيان ٿو هلي. هو انهن کي تباهہ ڪري ڇڏيندو. هو کين اوهان جي آڏو اهڙو تہ ماري مات ڪندو جو اوهين هنن کي ڀڄائي ڪڍندا ۽ جلد ئي کين نابود ڪري ڇڏيندا، جيئن خداوند اوهان سان واعدو ڪيو آهي.
4
سو جڏهن خداوند اوهان جو خدا انهن کي اوهان جي اڳيان ڀڄائي ڪڍي، تڏهن اوهين پنهنجيءَ دل ۾ ائين نہ چئجو تہ ’اسان جي سچائيءَ جي ڪري خداوند اسان کي هن ملڪ تي قبضي ڪرڻ لاءِ هتي آندو آهي.‘ بلڪ حقيقت ۾ انهن قومن جي بدڪاريءَ جي ڪري خداوند کين ڀڄائي ٿو ڪڍي.
5
اوهين پنهنجي نيڪوڪاريءَ يا دل جي سچائيءَ جي ڪري سندن ملڪ تي قبضو ڪرڻ نہ ٿا وڃو، بلڪ انهن قومن جي بدڪاريءَ جي ڪري خداوند اوهان جو خدا کين اتان ڀڄائي ٿو ڪڍي. هو انهيءَ لاءِ بہ کين ڀڄائي ٿو ڪڍي تہ جيئن خداوند پنهنجي انهيءَ واعدي کي پورو ڪري، جنهن بابت هن اوهان جي ابن ڏاڏن ابراهيم ، اسحاق ۽ يعقوب سان قسم کنيو هو.
6
تنهنڪري ڄاڻي ڇڏيو تہ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي اوهان جي سچائيءَ جي ڪري اهو چڱو ملڪ نہ ٿو ڏئي، ڇاڪاڻ تہ اوهين تہ هڪ ضدي قوم آهيو.
7
اها ڳالهہ اوهين هرگز نہ وسارجو تہ ڪيئن نہ اوهان خداوند پنهنجي خدا کي بيابان ۾ ڪاوڙايو، بلڪ جنهن ڏينهن کان اوهين مصر جي ملڪ مان نڪتا آهيو، تنهن ڏينهن کان وٺي هن هنڌ پهچڻ تائين اوهان خداوند جي خلاف بغاوت پئي ڪئي آهي.
8
سينا جبل وٽ تہ اوهان خداوند کي ايترو ڪاوڙايو، جو هو ناراض ٿي اوهان کي برباد ڪرڻ تي هو.
9
جڏهن آءٌ پٿر جون تختيون، جن تي خداوند جو اوهان سان ٻڌل عهد لکيل هو، سي وٺڻ لاءِ جبل تي چڙهي ويس، تڏهن آءٌ چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون اتي جبل تي رهي پيس ۽ مون نڪا ماني کاڌي، نڪو پاڻي پيتم.
10
پوءِ خداوند مون کي پٿر جون ٻہ تختيون ڏنيون، جيڪي خدا جي آڱر سان لکيل هيون. انهن تي اهي سموريون ڳالهيون لکيل هيون، جيڪي اوهان جي جبل وٽ گڏ ٿيڻ واري ڏينهن تي خداوند باهہ جي وچ مان اوهان سان ڪيون هيون.
11
چاليهن ڏينهن ۽ چاليهن راتين کان پوءِ، خداوند پٿر جون اهي ٻئي تختيون يعني عهد واريون تختيون مون کي ڏنيون.
12
پوءِ خداوند مون کي چيو تہ ’اُٿ، هتان جلدي هيٺ لهي وڃ، ڇاڪاڻ تہ تنهنجا ماڻهو جن کي تون مصر مان ڪڍي آيو آهين، سي کري خراب ٿيا آهن. جنهن رستي جو مون کين حڪم ڏنو هو تنهن کان هو جلد ڦري ويا آهن ۽ بتپرستيءَ واسطي پنهنجي لاءِ هڪڙي پلٽيل مورت بڻائي اٿن.‘
13
خداوند مون کي وڌيڪ فرمايو تہ ’مون هن قوم کي ڏٺو آهي، سچ پچ تہ هيءَ هڪ ضدي قوم آهي.
14
تنهنڪري هاڻي مون کي ڇڏ تہ آءٌ انهن کي برباد ڪريان ۽ سندن نالو ڌرتيءَ تان مِٽائي ڇڏيان. آءٌ تو منجھان ئي هن کان بہ وڏي ۽ زور واري قوم پيدا ڪندس.‘
15
پوءِ آءٌ ڦري جبل تان هيٺ لٿس، منهنجي ٻنهي هٿن ۾ عهد واريون ٻئي تختيون هيون ۽ جبل باهہ سان ٻري رهيو هو.
16
مون نهاري ڏٺو تہ اوهان خداوند پنهنجي خدا جو گناهہ ڪيو هو. اوهان پنهنجي لاءِ هڪ پلٽيل گابو بڻايو هو ۽ انهيءَ رستي کان جلد ڦري ويا هئا جيڪو خداوند اوهان کي ٻڌايو هو.
17
تڏهن مون اهي ٻئي تختيون پنهنجي هٿن مان کڻي اڇلايون ۽ اوهان جي اکين اڳيان اهي ڀڃي ڇڏيم.
18
انهيءَ سبب جو جيڪو ڪم خداوند جي نظر ۾ بڇڙو هو سو ڪري اوهان کيس ڪاوڙايو هو. سو اوهان جي انهيءَ وڏي گناهہ جي ڪري آءٌ اڳي وانگر چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون خداوند جي آڏو سجدي ۾ پيو هئس، مون نڪا ماني کاڌي، نڪي پاڻي پيتم.
19
آءٌ خداوند جي انهيءَ ڪاوڙ ۽ سخت ناراضپي کان ڊنس ٿي جيڪو کيس اوهان تي هو، ڇو تہ هو اوهان کي برباد ڪرڻ تي هو. پر هن دفعي بہ خداوند منهنجي ٻڌي.
20
خداوند هارون تي بہ ايترو تہ ڪاوڙيل هو جو کيس برباد ڪرڻ تي هو. پر مون انهيءَ وقت هارون لاءِ بہ دعا گھري.
21
تڏهن مون اها گناهہ واري شيءِ يعني گابو، جيڪو اوهان بڻايو هو تنهن کي ساڙي ڇڏيو. پوءِ انهيءَ کي ڪُٽي پيهي، ڌوڙ جهڙو سنهو ڪيم ۽ ان جي اها رک انهيءَ نهر ۾ اڇلائي ڇڏيم جيڪا جبل مان ٿي نڪتي.
22
اوهان تبعيراہ، مساہ ۽ قبروتهتاواہ ۾ بہ خداوند کي ڪاوڙايو.
23
جڏهن خداوند اوهان کي قادشبرنيع کان روانو ڪري چيو تہ ’وڃي انهيءَ ملڪ تي قبضو ڪريو جيڪو مون اوهان کي ڏنو آهي،‘ تڏهن اوهان خداوند پنهنجي خدا جي حڪم خلاف بغاوت ڪئي. اوهان هن تي اعتبار نہ ڪيو ۽ سندس چيو نہ مڃيو.
24
جنهن ڏينهن کان منهنجي اوهان سان واقفيت ٿي آهي، تنهن ڏينهن کان اوهين خداوند جي خلاف بغاوت ڪندا ٿا اچو.
25
تنهنڪري آءٌ اهي چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون خداوند جي آڏو سجدي ۾ پيو هئس، ڇو تہ خداوند فرمايو هو تہ هو اوهان کي برباد ڪندو.
26
مون خداوند کان دعا گھري تہ ’اي خداوند خدا! تنهنجي قوم جيڪا تنهنجي ئي ميراث آهي تنهن کي برباد نہ ڪر، جنهن کي تو پنهنجيءَ عظمت سان ڇڏايو آهي، جنهن کي تون پنهنجي زورآور هٿ سان مصر مان ڪڍي آيو آهين.
27
پنهنجي ٻانهن ابراهيم ، اسحاق ۽ يعقوب کي ياد ڪر ۽ هن قوم جي هوڏ، شرارت ۽ گناهہ کي نہ ڏس.
28
ائين نہ ٿئي جو جنهن ملڪ مان تون اسان کي ڪڍي آيو آهين، تنهن ملڪ جا ماڻهو چون تہ ” خداوند جنهن ملڪ جو ساڻن واعدو ڪيو هو تنهن ۾ کين پهچائي نہ سگھيو ۽ جيئن تہ خداوند کي انهن کان نفرت هئي، تنهنڪري کين ٻاهر ڪڍي ويو تہ بيابان ۾ انهن کي ماري ڇڏي.“
29
نيٺ تہ اهي تنهنجي ئي قوم ۽ تنهنجي ئي ميراث آهن، جن کي تون پنهنجي وڏيءَ قدرت ۽ زورآور هٿ سان ڪڍي آيو آهين.‘“
← Chapter 8
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 10 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34