bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Deuteronomy 22
Deuteronomy 22
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 21
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 23 →
1
موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جيڪڏهن اوهين پنهنجي قوم واري جو ڏاند يا رڍ رلندي ڏسو، تہ ڏٺي اڻڏٺي نہ ڪري ڇڏجو، بلڪ ورائي آڻي انهيءَ کي ڏجو.
2
جيڪڏهن اوهان جو اهو همقوم اوهان جي ويجھو نہ رهندو هجي، يا اوهين کيس نہ سڃاڻيندا هجو، تہ پوءِ اوهين انهيءَ جانور کي پنهنجي گھر آڻي بيهارجو. اهو تيستائين اوهان جي گھر ۾ هجي جيستائين اوهان جو اهو همقوم انهيءَ جي ڳولا ڪندو اوهان وٽ اچي. پوءِ اوهين اهو کيس موٽائي ڏجو.
3
اوهين پنهنجي قوم واري جو گڏهہ، سندس ڪپڙو يا ڪابہ ٻي گم ٿيل شيءِ، جيڪا اوهان لڌي هجي تنهن بابت ائين ئي ڪجو. اوهين انهيءَ کي ڏٺي اڻڏٺي نہ ڪري ڇڏجو.
4
جيڪڏهن اوهين پنهنجي قوم واري جو گڏهہ يا ڏاند رستي ۾ ڪريل ڏسو تہ پاسو ڪري هليا نہ وڃجو، بلڪ انهيءَ کي اٿارڻ ۾ سندس مدد ڪجو.
5
ڪابہ عورت مرداڻي پوشاڪ نہ پائي، نڪي وري ڪو مرد عورتن وارا ڪپڙا پائي، ڇاڪاڻ تہ جيڪو ائين ٿو ڪري تنهن کان خداوند اوهان جو خدا نفرت ٿو ڪري.
6
جيڪڏهن اوهين واٽ ويندي اتفاق سان زمين تي يا وڻ تي ڪنهن پکيءَ جو آکيرو ڏسو، جنهن ۾ آنا يا ٻچا هجن ۽ مادي انهن تي ويٺي هجي تہ اوهين ٻچن کي ماديءَ سميت نہ کڻي وڃجو.
7
اوهين ٻچا کڻو تہ ڀلي کڻجو پر ماديءَ کي ڇڏي ڏجو، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جو ڀلو ٿئي ۽ اوهان جي حياتي وڌي.
8
جڏهن اوهين ڪو نئون گھر ٺاهيو، تڏهن پنهنجيءَ ڇت تي چوڌاري پلويڙو ٻڌائجو، انهيءَ لاءِ تہ متان ڪو ماڻهو اتان ڪري پوي ۽ سندس خون اوهان جي گھر تي اچي پوي.
9
اوهين پنهنجي انگورن جي باغ ۾ ڪو ٻيو فصل نہ پوکجو، انهيءَ لاءِ تہ متان اهو پوکيل فصل ۽ انگورن جي پيداوار ٻيئي حرام ٿي وڃن.
10
اوهين هر ۾ ڏاند سان گڏ گڏهہ کي نہ جوٽجو.
11
اوهين اُن ۽ سڻيءَ جو گڏ اُڻيل ڪپڙو نہ پائجو.
12
جيڪا چادر اوهين پاڻ کي ويڙهيو ٿا، تنهن جي چئن ئي ڪنڊن تي هڪ هڪ جھالردار ڦندڻ لڳائجو.“
13
”جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ڇوڪريءَ سان شادي ڪري ساڻس همبستر ٿئي ۽ پوءِ هو ساڻس نفرت ڪري
14
۽ انهيءَ تي شرم جهڙين ڳالهين جي تهمت رکي کيس بدنام ڪري ۽ چوي تہ ’مون هن عورت سان شادي ڪئي پر جڏهن وٽس ويس تہ منجھس ڪنوارپ جون نشانيون نہ ڏٺم.‘
15
تڏهن انهيءَ ڇوڪريءَ جا ماءُ پيءُ سندس ڪنوارپ جون نشانيون کڻي شهر جي اڳواڻن وٽ شهر جي ٻاهرين در تي نڪري اچن.
16
اتي ڇوڪريءَ جو پيءُ اڳواڻن کي چوي تہ ’مون پنهنجي ڌيءَ هن ماڻهوءَ کي پرڻائي ڏني پر هي ساڻس نفرت ٿو ڪري.
17
هاڻ هن مٿس شرم جهڙين ڳالهين جي تهمت رکي اٿس تہ هن منهنجيءَ ڌيءَ ۾ ڪنوارپ جون نشانيون نہ ڏٺيون آهن. پر ڏسو، منهنجي ڌيءَ جي ڪنوارپ جون نشانيون هي آهن.‘ پوءِ هو بستري واري اها چادر شهر جي اڳواڻن جي اڳيان وڇائين.
18
تڏهن شهر جا اڳواڻ انهيءَ ماڻهوءَ کي پڪڙي سزا ڏين.
19
هو کانئس چانديءَ جا هڪ سؤ سڪا ڏنڊ وٺي ڇوڪريءَ جي پيءُ کي ڏين، ڇاڪاڻ تہ هن بني اسرائيل جي هڪڙي ڪنواري ڇوڪريءَ تي بدنامي آندي. پوءِ اها ڇوڪري سندس زال ٿي رهي ۽ هو سڄي حياتيءَ تائين کيس طلاق نہ ڏئي.
20
پر جيڪڏهن اها ڳالهہ سچي هجي ۽ ڇوڪريءَ جي ڪنوارپ جو ثبوت نہ مليو هجي،
21
تہ پوءِ هو انهيءَ ڇوڪريءَ کي سندس پيءُ جي گھر جي در تي ڪڍي اچن. اتي سندس شهر جا مرد کيس سنگسار ڪري ماري ڇڏين، ڇاڪاڻ تہ هن پنهنجي پيءُ جي گھر ۾ زناڪاري ڪري بني اسرائيل ۾ بيعزتيءَ جو ڪم ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح اوهين اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏجو.
22
جيڪڏهن ڪو مرد ڪنهن ٻي پرڻيل عورت سان گڏ سمهندو ڏسڻ ۾ اچي تہ انهن ٻنهي کي موت جي سزا ڏني وڃي. اهڙيءَ طرح اوهين اها خرابي بني اسرائيل جي وچ مان ڪڍي ڇڏجو.
23
جيڪڏهن ڪا ڪنواري ڇوڪري ڪنهن مرد سان مڱيل هجي ۽ شهر اندر ڪو ٻيو ماڻهو انهيءَ کي ڏسي ساڻس سمهي،
24
تہ پوءِ اوهين انهن ٻنهي کي ان شهر جي در تي آڻي سنگسار ڪري ماري ڇڏجو. ڇوڪريءَ کي انهيءَ ڪري ماريو جو هوءَ شهر ۾ هئي تڏهن بہ رڙيون نہ ڪيائين ۽ مرد کي انهيءَ ڪري جو هن پنهنجي پاڙيسريءَ جي مڱ کي بيآبرو ڪيو. اهڙيءَ طرح اوهين اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏجو.
25
پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن مڱيل ڇوڪريءَ کي جھنگ ۾ ڏسي زوريءَ سندس عزت لٽي، تہ پوءِ رڳو انهيءَ ماڻهوءَ کي ماريو وڃي جنهن ڇوڪريءَ جي عزت لٽي آهي.
26
مگر ڇوڪريءَ کي اوهين ڪجھہ بہ نہ ڪجو. جيئن تہ انهيءَ ماڻهوءَ ان ڇوڪريءَ کي جھنگ ۾ ڏسي پڪڙيو ۽ ڇوڪريءَ رڙيون بہ ڪيون، پر اتي ڪوبہ ڪونہ هو جيڪو کيس بچائي، سو انهيءَ گناهہ نہ ڪيو آهي. تنهنڪري اها موت جي لائق نہ آهي. هيءَ ڳالهہ بہ ائين ئي آهي جيئن ڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ تي حملو ڪري کيس ماري وجھي.
28
جيڪڏهن ڪو مرد ڪنهن ڪنواري ڇوڪريءَ کي ڏسي، جيڪا مڱيل نہ هجي ۽ انهيءَ کي پڪڙي ساڻس زوريءَ سمهي ۽ اهي ٻئي پڪڙجي پون،
29
تہ جيڪو ماڻهو انهيءَ ڇوڪريءَ سان ستو، سو ڇوڪريءَ جي پيءُ کي چانديءَ جا پنجاهہ سڪا ڀري ڏئي. جيئن تہ هن ڇوڪريءَ کي بيآبرو ڪيو آهي، سو هوءَ سندس زال ٿي رهي ۽ سڄي حياتيءَ تائين هو انهيءَ کي طلاق نہ ڏئي.
30
ڪوبہ ماڻهو پنهنجي پيءُ جي ڪنهن بہ زال کي پاڻ سان رهائي ساڻس همبستري نہ ڪري، نڪي پنهنجي پيءُ جو ننگ اگھاڙي.“
← Chapter 21
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 23 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34