bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
1 Samuel 1
1 Samuel 1
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 2 →
1
افرائيم جي جابلو علائقي جي رامہ شهر ۾ افرائيم قبيلي جي صوف گھراڻي جو القانہ نالي هڪڙو شخص رهندو هو. سندس پيءُ جو نالو يروحام ولد اليهو ولد توحو ولد صوف هو.
2
القانہ کي ٻہ زالون هيون، جن مان هڪڙيءَ جو نالو حنہ ۽ ٻيءَ جو نالو فننہ هو. فننہ اولاد واري هئي، مگر حنہ کي ڪو اولاد ڪونہ ٿيو.
3
القانہ هر سال قادرِمطلق خداوند جي مقدس خيمي آڏو عبادت ڪرڻ ۽ قرباني ڪرڻ واسطي پنهنجي شهر مان نڪري سيلا شهر ڏانهن ويندو هو. اتي عيليءَ جا ٻہ پٽ حفني ۽ فينحاس خداوند جا ڪاهن مقرر ٿيل هئا.
4
جڏهن بہ القانہ قرباني ڪندو هو، تڏهن انهيءَ جي گوشت مان پنهنجيءَ زال فننہ ۽ منجھانئس ڄاول پنهنجي پٽن ۽ ڌيئرن کي هڪ هڪ حصو ڏيندو هو.
5
جيتوڻيڪ خداوند حنہ کي سنڍ ڪيو هو، تہ بہ القانہ ساڻس بيحد محبت ڪندو هو ۽ کيس ٻيڻو حصو ڏيندو هو.
6
حنہ جي پهاڄ فننہ کيس ستائڻ لاءِ ڏاڍو چيڙائيندي هئي، جو خداوند کيس سنڍ ڪيو هو.
7
هر سال جڏهن بہ اهي خداوند جي مقدس خيمي ڏانهن ويندا هئا، تڏهن فننہ کيس چيڙائيندي هئي. تنهنڪري حنہ روئندي هئي ۽ ماني بہ ڪين کائيندي هئي.
8
اهو ڏسي سندس مڙس القانہ کيس تسلي ڏيئي چوندو هو تہ ”اي حنہ! تون ڇو ٿي روئين ۽ ماني ڇو نہ ٿي کائين؟ تنهنجي دل ڇو غمگين آهي؟ ڇا آءٌ تنهنجي واسطي ڏهن پٽن کان بهتر ناهيان؟“
9
هڪڙي ڏينهن سيلا شهر ۾ جڏهن هنن کائي پي بس ڪئي، تڏهن حنہ اُٿي ۽ خداوند جي حضور ۾ وڃي بيٺي. ان وقت عيلي ڪاهن خداوند جي مقدس خيمي جي دروازي وٽ ڪرسيءَ تي ويٺو هو.
10
جيئن تہ حنہ ڏاڍي ڏکويل هئي، سو زاروزار روئي خداوند کان دعا گھرڻ لڳي.
11
هن باس باسيندي چيو تہ ”اي قادرِمطلق خداوند! پنهنجي ٻانهيءَ جي دکي حال تي نظر ڪر، پنهنجي ٻانهيءَ کي ياد ڪر، وساري نہ ڇڏ. جيڪڏهن تون پنهنجي ٻانهيءَ کي هڪڙو پٽ عطا ڪندين تہ آءٌ انهيءَ کي سڄي حياتيءَ لاءِ تو خداوند جي وقف ڪنديس ۽ انهيءَ جي مٿي ۽ منهن تي ڪڏهن بہ پاڪي نہ گھمندي.“
12
حنہ جڏهن خداوند جي حضور ۾ دعا گھرندي پئي رهي، تڏهن عيليءَ سندس چپن ڏانهن غور سان ويٺي ڏٺو.
13
جيئن تہ حنہ پنهنجيءَ دل ۾ دعا ٿي گھري ۽ هن جا رڳو چپ پئي چريا، پر آواز ٻڌڻ ۾ ڪين ٿي آيو، سو عيليءَ سمجھيو تہ هوءَ نشي ۾ آهي.
14
تڏهن عيليءَ چيس تہ ”ڪيستائين تون نشي ۾ هوندينءَ؟ پنهنجو نشو مِٽائي هوش ۾ اچ.“
15
حنہ ورندي ڏيئي چيس تہ ”نہ، منهنجا سائين! نہ. مون نڪي مئي پيتي آهي ۽ نہ ئي وري ڪا ٻي نشي واري شيءِ. آءٌ تہ هڪڙي ڏکويل عورت آهيان ۽ خداوند اڳيان پنهنجي اندر جو حال پيئي اوريان.
16
تون پنهنجي ٻانهيءَ کي خبيث عورتن مان نہ ڄاڻ، ڇو تہ هي سڄو وقت مون پنهنجي ڏک ۽ رنج جي گھڻائيءَ کان ائين پئي ڪيو آهي.“
17
تڏهن عيليءَ ورندي ڏيئي چيس تہ ”سلامتيءَ سان وڃ. شل بني اسرائيل جو خدا تنهنجي اها مراد پوري ڪري جيڪا تو کانئس گھري آهي.“
18
تنهن تي حنہ چيس تہ ”شل تنهنجي هن ٻانهيءَ تي هميشہ تنهنجي مهربانيءَ جي نظر هجي.“ پوءِ هوءَ موٽي ويئي ۽ وڃي ماني کاڌائين. ان کان پوءِ سندس چهرو غمگين نہ رهيو.
19
ٻئي ڏينهن القانہ ۽ سندس ڪٽنب وارا صبح جو سوير اٿيا ۽ خداوند جي حضور ۾ سجدو ڪيائون. پوءِ هو رامہ شهر ۾ پنهنجي گھر موٽي آيا. القانہ پنهنجيءَ زال حنہ وٽ ويو ۽ خداوند حنہ جي دعا پوري ڪئي.
20
سو هوءَ پيٽ سان ٿي ۽ کيس پٽ ڄائو. حنہ انهيءَ جو نالو سموئيل رکيو، ڇاڪاڻ تہ چيائين تہ ”مون اهو خداوند کان گھري ورتو آهي.“
21
جڏهن القانہ وري پنهنجي سڄي ڪٽنب سميت خداوند جي آڏو سالياني ۽ باسيل قرباني پيش ڪرڻ لاءِ سيلا شهر ڏانهن روانو ٿيو،
22
تڏهن حنہ اوڏانهن نہ ويئي. هن پنهنجي مڙس کي چيو تہ ”جيستائين ٻار جو ٿڃ نہ ڇڏائينديس تيستائين اوڏانهن ڪين وينديس. پوءِ آءٌ ٻار کي وٺي اوڏانهن وينديس تہ جيئن هو خداوند جي آڏو حاضر ٿئي ۽ هميشہ اتي ئي رهي.“
23
سندس مڙس القانہ چيس تہ ”ٺيڪ آهي. جيئن تون مناسب سمجھين تيئن ڪر. ڀلي ٻار جي ٿڃ ڇڏائڻ تائين تون گھر ۾ ترس. شل خداوند پنهنجو سخن پورو ڪري.“ سو حنہ گھر ۾ ترسي پيئي ۽ ٿڃ ڇڏائڻ تائين ٻار جي پالنا ڪندي رهي.
24
پوءِ جڏهن انهيءَ جو ٿڃ ڇڏايائين، تڏهن انهيءَ ننڍڙي ٻار کي ساڻ ڪري، هڪ ٽسالو وهڙو، ڏهہ ڪلوگرام اٽو ۽ مئي سان ڀريل هڪڙي مشڪ پاڻ سان کڻي سيلا شهر ۾ خداوند جي مقدس خيمي وٽ آئي.
25
پوءِ هنن اهو وهڙو ذبح ڪيو ۽ ٻار کي عيليءَ وٽ آندائون.
26
حنہ عيليءَ کي چيو تہ ”اي منهنجا سائين! تنهنجي سر جو قسم تہ آءٌ اها ئي عورت آهيان جنهن هتي تنهنجي ڀر ۾ بيهي خداوند کان دعا گھري هئي.
27
مون اها دعا هن ٻار جي لاءِ گھري هئي. خداوند کان جيڪا مراد گھري هئم، سا هن پوري ڪئي آهي.
28
تنهنڪري آءٌ هن کي خداوند جي لاءِ وقف ٿي ڪريان. هن کي سندس سڄي حياتيءَ لاءِ خداوند کي ٿي ڏيان.“ پوءِ هوءَ سموئيل کي اتي خداوند جي حضور ۾ ڇڏي هلي ويئي.
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 2 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31